نون صوبن جو ڪارڊ يا شوشو؟ : حسن مجتبيٰ

سنڌ ۾ نئين صوبي وارو مطالبو، پراڻن سنڌين جي لاءِ ائين آهي، جيئن ڪنهن ماءُ جي لاءِ ان جي ٻچي کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ جي ڌمڪي. پر ان جي باوجود انهيءَ مطالبي جو پڙاڏو رکي رکي ڪري گذريل ڪيتري ئي وقت ۽ ڏهاڪن کان ٻڌو پيو وڃي ۽ هاڻي سنڌ کي پنهنجي ماءُ چوڻ جي باوجود متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين هڪ دفعو ٻيهر اها ڳالهه ورجائي، سنڌ جي خاموش پاڻي ۾ هڪ سونامي جهڙي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي. مڃون ٿا ته نون سنڌين (يا اردو ڳالهائيندڙ سنڌين) سان زيادتين يا ناانصافين جا سلسلا ۽ تعريف پنهنجي جاءِ تي پر ان جي تلافي جي لاءِ ان جي پهرين ئي نازڪ آشياني کي ڪٽي ڇڏڻ يا ورهاست انهن کي وڌيڪ نسل در نسل مصيبتن ۾ وجهڻ جي برابر ٿيندي. ڇو ته صوبو ته سنڌين وانگر اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي پيرن هيٺيان هڪ ڌرتي جي صورت ۾ گذريل 68 سالن کان آهي جنهن جي مٽيءُ سان سنڌين وانگي انهن جو جيئڻ مرڻ به آهي. پوءِ ان جي باوجود اڃان تائين نه غريب ۽ نادار پراڻن سنڌين جي زندگين ۾ ڪا خوشحالي ۽ ترقي اچي سگهي آهي ته نون سنڌين جي زندگين ۾ ڪهڙي تبديلي اچي سگهندي؟ اصل شيءِ نظام جي تبديلي ۽ اسٽيٽسڪو کان جان ڇڏائڻ جي آهي. جنهن جي ذريعي گذريل 68 سال کان سنڌ جو سنڌي هجي يا اردو ڳالهائيندڙ سنڌي يا ٻي ڪائي ڪميونٽي، نيم غلامي ۽ بيٺڪيت جهڙيون زندگيون گذاري رهيا آهن.

ڪڏهن وڏيري ۽ مڊل ڪلاس سياسي گينگيسٽر ان تي سنڌيت جي نالي تي راڄ ڪندا آهن ته ڪڏهن شهري وڏيرا ۽ هٿياربند ٽولا مهاجريت جي نالي تي ته ڪڏهن ملان ۽ جنرل اسلام، پاڪستان جي نالي تي ته ڪڏهن سول ڊڪٽيٽر سياستدان جمهوريت ۽ سوشلزم جي نالي تي. ۽ پوءِ انهيءَ اسٽيٽسڪو کي ۽ پراڻي نظام کي بچائڻ جي واسطي سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي وڙهايو ويندو رهيو آهي انهن جي وچ ۾ ٿيڻ واريون خونريزيون، شايد ڏکڻ ايشيا ۾ نسلي قتل ۽ غارت گيري جي حوالن سان اڳوڻي اوڀر يورپ ۽ روس کانپوءِ سڀ کان وڏيون خونريزيون سڏيون ويون پوءِ به تاريخ جو معجزو هي آهي ته 5 هزار سالن کان سنڌ ورهائجي ۽ تابع نه ٿي سگهي. بلڪل اهڙي نموني جهڙي نموني سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز چيو هو:

”آيا ويا سڪندر سيوهڻ مگر اُتي آ.“

ڪيترائي ساساني، توراني، يوناني، عرب، مغل، ترخان، انگريز ۽ ديسي آقا آيا پر سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو اتي انهيءَ جاءِ تي آهن. هن مٽي ۽ سنڌوءَ جي پاڻي ۾ شايد ئي اهڙي تاثير آهي، جيئن اتر پاڪستان جا ماڻهو ڪراچي لاءِ چوندا آهن ته هن جي سمنڊ جي پاڻي ۾ شايد ڪا اهڙي شيءِ آهي جو جيڪو هڪ دفعو اتي ويندو آهي، انهيءَ جو ٿي ويندو آهي.

مان اڳ ۾ ئي پنهنجي گذريل ڪالم ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته سنڌي پنهنجي صوبي کي هڪ انتظامي وفاقي يونٽ کان وڌيڪ مادر وطن جو درجو ڏيندا آهن. انگريزن جي چارلس نيپئر جي هٿان فتح ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌ هڪ ڌار ملڪ جهڙي حيثيت رکندي هئي. جنهن کي انگريز حڪمرانن انتظامي طرح ممبئي صوبي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. سنڌي بزرگ سياستدانن جنهن کي ٻيهر هڪ آزاد خودمختيار صوبو تسليم ڪرائڻ ۽ بمبئي جي غلامي کان آزادي ڏيارڻ جي لاءِ اڌ صدي تائين حيرت انگيز طور تي ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي جي اندر چاهي بمبئي ايل اي جي ٻاهر مسلسل جدوجهد ڪئي. آخرڪار 36-1935ع ۾ سنڌ کي الڳ صوبي جي حيثيت ڏياري. سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي جدوجهد ۾ سر شاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جا نالا هميشه سونهري اکرن ۾ لکيا ويندا. هي ٻي ڳالهه آهي ته کهڙو صاحب ون يونٽ ۾ ڪردار جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ ۾ ولين جي حيثيت سان ياد رکيو ويندو. نه ته هي اهو ئي کهڙو هو، جيڪو سنڌ جي هڪ سخت وڏي وزير جي حيثيت ۾ ورهاڱي جي وقت سنڌ جي قديم رهاڪن جي جانين ۽ مال ملڪيت تي حملن جي وقت پاڻ هٿ ۾ پستول کڻي نڪري پيو هو ۽ پوءِ ڪراچيءَ کي وفاقي انتظاميه ۾ ڏيڻ جي خلاف نه فقط پنهنجي وڏ وزارت قربان ڪئي پر هڪ وڏي وقت تائين عتاب جو شڪار به رهيو. پوءِ اهو کهڙو پاڪستان جي اصلي ۽ وڏي چوڌرين سنڌ تي ون يونٽ جو لعنتي نظام قائم ڪرڻ جو ڪم کڻي تاريخ ۾ اڪثر سنڌين جي نظر ۾ هميشه لعنتي ۽ ملعون قرار ڏنو ويو. انهيءَ تي مون کي ڪيترن سياسي منچلن جي مذاق ۾ ڪيل ڳالهه ياد پئي اچي ته سنڌ جي آزادي جي دفاع جي جنگ صرف 6 ڪلاڪ (فيبروري 1942ع سنڌ تي انگريزن جي حملي خلاف ٽالپرن جي فوج جي مزاحمت) ۽ سنڌ جي سياسي مزاحمت صرف 3 ڏينهن (بينظير ڀٽو جي قتل جي خلاف) هلي هئي پر ٽالپرن جي فوج جي جنرل هوش محمد شيدي جو جنگ جي ميدان ۾ بلند ڪيل نعرو ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ تاريخ ۾ اڄ تائين زنده آهي جنهن کي هاڻي ٽوئيٽ بادشاهه بلاول ڀٽو پنهنجي ابا جي سياسي غلطين کي سڌي ڪرڻ جي لاءِ بلند ڪندو رهندو آهي يا ٽوئيٽ ڪندو رهندو آهي. ون يونٽ جي خلاف سنڌي دانشورن، شاگردن، سياسي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهو وڏي وقت تائين جدوجهد ۾ رهيا ۽ ان کي ٽوڙي ڪري ئي سک جو ساهه کنيو. پر هي عجيب افسوسناڪ ڳالهه آهي ته نون سنڌين سواءِ هڪ درجن ماڻهن کي ڇڏي اسلام آباد يا مرڪزي حڪومت سان ئي پنهنجي اتحاد ۾ پنهنجي خيريت سمجهي. نون ۽ پراڻن سنڌين کي ويڙهائڻ جي لاءِ ڇا ڇا نه جتن ۽ سازشون ڪيون ويون، ٻنهي پاسن کان انهن جا ڪوڙا همدرد ۽ انهن جي حقن جا چيمپين پيدا ڪيا ويا. مياڻي جي ميدان ۾ انگريزن جي هٿان بهادري سان وڙهندڙ هوش محمد شيدي جي قبر کي سنڌ جي هڪ بيوروڪريٽ ۽ نام نهاد سنڌي پرست، پڪي قلعي جي اندر ڳڻايو ته جيئن ٻنهي آبادين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي.

هوشو جي قبر جو پٿر پڪي قلعي ۾ رات وچ ۾ نصب ڪرايو ويو. جلوس ۽ لانگ مارچ ڪڍيا ويا. ٻئي طرف ڪراچي صوبا تحريڪ يا اردو پرديش جا نعرا به رکي رکي بلند ٿيندا رهيا. ڪڏهن ان جي چيمپين شپ جي اڳواڻي امير حيدر ڪاظمي ڪئي ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي. ڪڏهن سنڌي ٻولي جو بل بي وقت جي راڳڻي جي طور تي ڀٽي جي اقتدار کي دائميت ڏيڻ جي لاءِ پيش ڪيو ويو ته ڪڏهن (اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي) جهڙن نظمن سان سنڌ ۾ باهه ٻاري وئي ۽ ان سان ڏهه سرن واري سنڌ جي وڏيري حڪمران نئين سنڌي قومپرستي کڻي ميدان ۾ لٿو. هاڻي اهو ڏهه سرن وارو وڏيرو ڪٿي بيٺو آهي! پي ايم ايل اين ۾. اهي جيڪي ڪڏهن وڏا سنڌو ديشي سڏبا هئا! هاڻي هي راز کليو آهي ته ڀٽي جيڪڏهن سنڌي اردو جهڳڙن سان پنهنجي حڪمرانيءَ جا 5 سال ڪڍيا ته ضياءُ الحق پنهنجي آمريت جا 11 سال. باقي سڀ تاريخ آهي.

پر انهيءَ ڇڪتاڻ سان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جون نسلون تباهه ٿي ويون. جنازه کنيا ويا. ايتري تائين جو اسپتالون ۽ قبرستان ورهائجي ويا. محرم ۽ مجلسون به. هاڻي ورهائڻ جي لاءِ ڇا رهيو آهي. شاديون ٽٽيون، طلاقون ٿي ويون، هٿيارن جون مافيائون ۽ لينڊ مافيائون خوشحال ٿي ويون. نيون دولتمند سياسي مافيائون وجود ۾ اچي ويون. وڃو وڃي جائزو وٺو ته سنڌ ۾ لساني جهڳڙن کان اڳ ۾ انهن اڳواڻن وٽ ڇا هو ۽ هاڻي ڪهڙيون ڪهڙيون ملڪيتون ۽ بئنڪ بلينس آهي. (هاڻي مان اها گهڙي پائيندو آهيان، جيڪا نواز شريف پائيندو آهي ۽ هاڻي مان اهو چشمو پائيندو آهيان، جيڪو آصف زرداري پائيندو آهي) ڪنهن قومپرست سنڌي ليڊر پنهنجي ننڍپڻ جي دوست سان اهڙيون ڳالهيون ڪيون.

ڪوئي هوسڙي جي ڳوٺ ۾ رهڻ واري شبراتي کان پڇي ته محرابپور جي رمضاني کان ته جهمپير جي علي ڪالوني جي شبير رضوي کان ته هڪ رات گهر کان ٻاهر ڪراچي ۾ هن جي ڪيئن گذرندي آهي. هوسڙي جون هوائون، محرابپور ۽ جهڏي جون راتيون ۽ جهمپير جون شامون ڇا آهن. ڇا هاڻي اهي سڀ ورهائجي سگهجن ٿا. ڇا هاڻي هن عمر ۾ ٻيون هجرتون ٿي سگهن ٿيون. ڇا هڪ قاسم آباد ڪافي ناهي. سنڌين جو حال ته حضرت علي وٽ آيل اُن عورت جهڙو آهي، جيڪا ٻار جي حقيقي ماءُ هئي. وري اها ئي ساڳي ڳالهه ته سنڌ جي ورهاست کي دنيا جي ڪائي به طاقت روڪي نه ٿي سگهي، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي پاڻ ۾ ايڪي ۽ اتحاد کانسواءِ.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان

*********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *