نومبر جي بلدياتي اليڪشن جتوئي خاندان جي سياست جا تڏا ويڙهه ڪري ڇڏيا:عاشق علي سومرو

19 نومبر جي بلدياتي چونڊ ۾ لڳي ائين ٿو ته عوام ٿورو سوچ سمجهه کان ڪم ورتو آهي، ڪجهه لوٽن ۽ وڏيري شاهي جي قمدارن کي لفٽ گهٽ ڪرائي آهي ، اگر اسان سنڌ جي علائقن جي ڏسون ته  عوام جا يونين ڪائونسل سطح تائين مسئلا حل نه ٿي رهيا هئا، عوامي مسئلن کي ختم ڪرڻ ته ممڪن نه آهي پر انهن مسئلن جي حل لاءِ ٿوري ڪوششون ڪرڻ به اسان جي وڏيرن جي سامهون مشڪل پيو لڳي،  ڇو ته هر ماڻهوءَ جي پهچ سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت تائين نٿي ٿي سگهي. ان ڪري هيٺئين سطح تي اقتدار جي منتقلي وارو عمل به اِهو ئي ڄاڻائي ٿو ته هر ماڻهوءَ جو يونين ڪائونسل سطح تي مسئلو جلديءَ ۾ حل ٿي وڃي. ها اسان اگر ڏسون ته پهريان کان ڪجه نوان چهرا سامهون آيا آهن، جنهن ۾ ڪجهه نوجوان جي به حاضري لڳي پئي، پري وري به مان ائين چوندس ته انهن جي پويان به اهي ئي هٿ آهن جن هميشه اسان جي عوام جو رت چوسيو آهي، ڏٺو وڃي ته هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي صرف سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي، پ پ پ جو وجود آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي. پر ان باوجود به پهرين ۽ ٻئين مرحلي ۾  پ پ پ جي اڪثريت سان ڪاميابي ٿي آهي، مڪاني چونڊن جي پهرئين توڻي ٻئي مرحلي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي جيڪا ڪاميابي ملي آهي، تنهن جو اِهو هرگز مطلب ناهي ته ڪو عوام کانئن خوش آهي يا سندن ڪارڪردگيءَ کان مطمئن ٿي انهن سندن مقرر نمائندن کي سوڀارو ڪيو آهي، پر جيئن ته هيءَ مڪاني چونڊ آهي ۽ عام ماڻهو انهيءَ حقيقت کي سمجهي ٿو ته جيڪڏهن سندن علائقن جو ڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿي سگهي ٿو ته اُهو سرڪاري ڌر جي سهڪار کانسواءِ ممڪن ناهي ۽ اِها پڻ حقيقت آهي ته اسان وٽ سرڪار پنهنجي مخالفن کي ڪنهن به ريت اِهو موقعو فراهم ناهي ڪندي ته اُهي ترقياتي ڪم ڪرائي ماڻهن ۾ پنهنجي ساک قائم ڪن ۽ انهيءَ سوچ تحت اُهي علائقا اڪثر نظرانداز ڪيا ويندا آهن، جن ۾ حڪومت مخالف نمائندا ڪاميابي ماڻيندا آهن. هاڻوڪين چونڊن ۾ جيڪڏهن عام ماڻهن پيپلز پارٽيءَ جي نمائندن جي چونڊ ڪئي آهي ته اُن چونڊ ۾ اهڙي سوچ جو وڏو عنصر شامل آهي. تنهن ڪري حڪمرانن کي پنهنجي ڪاميابين جي سببن تي ٿورو گهڻو ضرور ويچار ڪرڻ گهرجي.

اگر اسان ضلعي نوشهروفيروز تي ٿوري نظر وجهون ته هن دفعي تما وڏي تبديلي نظر آئي آهي. نوشهروفيروز جي اهم شخصيتن جا تڏا ويڙهجي ويا، ان جا سبب به اسان اوهانجي سامهون آهن.

نوشهروفيروز مان پيپلزپارٽي جتوئي خاندان جي سياست جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏي، نوشهروفيروز جي 5 تعلقن محرابپور، ڪنڊيارو، ڀرياسٽي، مورو، نوشهروفيروز ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ غير سرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي ميونسپل ڪميٽي مورو جي 13 وارڊن مان 10 تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته جتوئي خاندان ۽ مسلم ليگ 3 وارڊ کٽي سگهيا. جڏهن ته تعلقي مورو جي 16 يوسين مان جتوئي خاندان صرف 6 يوسيون کٽي سگهيو جن ۾ نوان جتوئي، دلو شاهه، ڏيپارجا، خيرواهه، مناهين، صالح پور کٽي سگهيو جڏهن ته پ پ 10 يوسيون جن ۾ خالصو، پراڻو گچيرو، يوسي لليا، فتو ٻلال، قئنچي جاگير، لنڊڪي، ڪهڪاٽ، ڪوٽ ستابو، درس، ليٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته تعلقي نوشهروفيروز اندر 4 ٽائون ڪميٽي مقرر ٿيل هنيون جن مان ٽائون ڪميٽي مٺياڻي تي اليڪشن ملتوي ڪئي وئي هئي باقي 3 ٽائون ڪميٽين نوشهروفيروز، درياخان مري، پڊعيدن تي پ پ جا اميدوار پڻ ڪامياب ٿيا. تعلقي نوشهروفيروز اندر 14 يوسين آهن جنهن مان پ پ 7 يوسين ڀرنڊ، ڪور حسن، سرحل، ڦل، ڏنگيجا، ڀانڀري، چاناري تي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ جتوئي خاندان 6 يوسيون جن ۾ ٺٽ، ابڙان، وڳڻ، نورپور، ويسر، چيهو کٽي سگهيو جڏهن ته هڪ يوسي مصرجي واهه ته مسلم ليگ فنڪشنل ڪاميابي ماڻي. تعلقي ڀرياسٽي اندر 3 ٽائون ڪميٽيون جنهن مان 2 ٽائون ڪميٽيون ڀرياسٽي ۽ ٺاروشاهه تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿيا جڏهن ته ڀريا روڊ تي شهري اتحاد جي اميدوارن سوڀ ماڻي. تعلقي ڀريا ۾ 13 يوسيون آهن جن مان 3 تي مڏ عليم، لڌوراڻو، مولهڻ تي اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ملتوي ڪئي وئي هئي. باقي 10 يوسين دالي، درياخان جلباڻي، چانهين، گهيڙ گجو، کاهي قاسم، کاهي ممن، ڪوٽ بهادر، دليپوٽا، راڄو ڪيريو، ٻيلاواهه تي پ پ جي اميدوارن ڪلين سوئيپ ڪيو. هتان جتوئي خاندان ۽ مسلم ليگ ن جي اميدوارن کي هڪ به سيٽ نصيب نه ٿي. تعلقي ڪنڊيارو اندر 5 ٽائون ڪميٽين مان 4 ٽائون ڪميٽين خانواهڻ، محبت ديرو، درٻيلو، ڀورٽي تي اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ملتوي ڪئي وئي هئي جڏهن ته هڪ ٽائون ڪميٽي ڪنڊيارو مان پيپلزپارٽي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا. تعلقي ڪنڊياور اندر 12 يوسيون آهن جن مان 2 مڃٺ، موريا يوسي تي اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ملتوي ڪئي وئي. باقي 10 مان 7 تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا جن ۾ يونين ڪائونسل محبت ديرو سيال، ڪوڙو خشڪ، شيخاڻي، ڪنڌر، غلام شاهه، ڏيٿا، ڪمال ديرو تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته شاهه جتوئي اتحاد ڄام نورالله، گهانگهرا ۽ سومر چنڙ يوسين تي ڪاميابي حاصل ڪئي. تعلقي محرابپور اندر 2 ٽائون ڪميٽيون آهن جن مان هالاڻي تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون باقي ٽائون ڪميٽي محرابپور تي شاهه جتوئي جا اميدوار ڪامياب ٿيا. جڏهن ته تعلقي اندر 9 يونين ڪائونسلون هيون جن مان بهلاڻي، ڪوٽڙي ڪبير، ديهات تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي باقي 6 يوسين جئندو راڄپر، مهر حاجي، لاکا روڊ، سعيد پور، نئون آباد، هوت خان جلباڻي تي پ پ جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي. اهڙي طرح ٿيندڙ اليڪشن اندر ڪافي جاين تي دلچسپ مقابلا پڻ ٿيا جنهن ۾ يوسي جلباڻي تي اڳوڻي ايم پي اي سيد نور محمد شاهه کي پ پ تعلقي ڀريا جي صدر شڪيل احمد جلباڻي شڪست ڏني. ٺاروشاهه بلدياتي چونڊن ۾ 8 وارڊ ٽائون ڪاميٽِي تي علي پينل ڪاميابي ماڻي سٽي چيئرمين جو آزاد اميدوار چونڊ جي ويو غير حتمي فيصلو شهرين پاران خوشي ۾ ريلي. چونڊن جي ڪاميابي حق سچ جي فتح چئيرمين تي عوام جا مئسلا حل ڪبا، وارڊ 06 ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ علي خان عالماڻي خبر موجب ٺاروشاهه ٽائون ڪاميٽي جي 8 وارڊن تي علي پينل پاران ڇهه وارڊ ٻهاري ويا، جڏهن ته پ پ ايم اين اي سيد اصغر علي شاهه جي پينل جا 2 اميدوار ڪامياب ٿي ويا، جڏهن وراڊ 01 ۾ علي پينل جي ڪامياب اميدوار شاهد علي نارائي 678 جڏهن ته سيد اصغر علي شاهه گروپ جي پينل اميدوار الطاف کوکر 255 جڏهن ته وارڊ 02 ۾ علي پينل جي ڪامياب اميدوار حافظ جڙيل منگي 611 جڏهن سندس مقابلي پ پ ايم پي اي سيد مراد علي شاهه جي پينل جي مشتاق رضا ڪلهوڙو 166. جڏهن ته وارڊ 03 ۾ ڪامياب اميدوار علي پينل جي شعيب علي ڪلهوڙو عرف ممتاز علي 508 . سندس مقابلي ۾ پ پ ايم پي اي سيد مراد علي شاهه جي پينل جي اميدوار طفيل ڪلهوڙو 257. جڏهن ته وارڊ 04 ۾ پ پ ايم اين اي سيد اصغر علي شاهه جي پينل ڪامياب اميدوار ٽڪا خانزادهه 373، سندس مقابلي ۾ علي پينل جي اسلم خانزاده 343. جڏهن وارڊ 05 ۾ علي پينل جي ڪامياب اميدوار راڻا حيات راجپوت 353، جڏهن ته مقابلي پ پ ايم اين اي جي اميدوار مرسلين راجپوت 215، جڏهن ته علي خان عالماڻي ڪامياب اميدوار طور تي 727 ، جڏهن ته آزاد اميدوار خالد خانزادهه 202، جڏهن وارڊ 07 علي پينل جي ڪامياب اميدوار عاشق راجپوت عرف شجو 556، جڏهن ته مقابلي ۾ پ پ ايم پي اي مراد علي شاهه جي پينل جي سيد ارشاد شاهه 299، جڏهن وارڊ 08 پ پ ايم اين اي سيد اصغر علي شاهه جي پينل جي ڪامياب اميدوار حاجي عبدالروف خانزادو 337، جڏهن ته علي پينل جي اميدوار فيصل لطيف ڀٽي 310 ووٽ کيا، جڏهن ته ڪامياب اميدوار جي حمايت ۾ نصرالله ڪلهوڙو، وقار راجپوت، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڌي دولن شهناين تي رڪش ڪري جمريو هيون. جڏهن ته چونڊ ۾ سيڪورٽي جي حوالي سان ڦول پورف اتنظام ڪيا ويا، ڪٿي به اڻ وڻت واڪيو پيش نه آهيو. جڏهن پ پ ايم پي سيد مراد علي شاهه توڙي پ پ ضلعي صدر عبدالحق ڀرٽ جو ڪو به اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيو.  جڏهن ته نوشهروفيروزجي 6 ٽائون ۽ 17 يوسيزجي اليڪشن ملتوي ڪئي وئي هئي جنهن ۾ خانواهڻ، مٺهياڻي، بهورٽي، درٻيلو، محبت ديرو جتوئي، هالاڻي انهن سڀني جي نئين تڪبندي جي ڪري اليڪشن ملتوي ڪئي وئي آهي، هاڻي جڏهن انهن جي نئين تاريخ اچي ته وڌيڪ خبر پوندي ته انهن تڪن ۾ ڪهڙي پارٽي ڪامياب ٿيندي، اگر اسان ٿورو ماضيءَ تي نظر وجهون ته مورو  مان هميشه جتوئي برادري ڪاميابي ماڻيندي آهي، پر هن دفعي اتي به هنن جي ڪا به نه هلي. اگر اسان بدين تي ٿورو نظر وجهون ته اتي به هڪ وڏي تبديلي نظر آئي آهي مرزا گروپ جي ڪثريت سان ڪاميابي مان لڳي ٿو ته ماڻهن هن دفعي ٿورو سوچي سمجهي ووٽ وڌو آهي ۽ پنهنجي  چونڊيل نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪري پوءِ ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي.

مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن جي چونڊن کانپوءِ هاڻ ضلعيجي  يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪميٽين ۾ چونڊن جو انتظار آهي، جتي چونڊ عمل کي چونڊن واري رات تڪبندين جي مسئلن سبب روڪيو ويو هو. انتظار آهي ته اُتي چونڊن ۾ ڪير سوڀارو ٿئي ٿو ۽ ڪير هارائي ٿو. چونڊن واري عمل جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ضلعي سطح تي چيئرمين ۽ ميمبرن  جي چونڊ وارو عمل به ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو

هن چونڊ جي نتيجي ۾ اسان جنهن به ميمبر کي ووٽ ڪيو آهي انهن کي ٿورو سوچي سمجهي عوامي مسئلن تي ڪم ڪرڻو پوندو ته اڳتي هلي انهن کي ووٽ جي اميد به نظر ايندي، ائين نه ٿئي ته جيئن جتوئي خاندان پنهنجي سياسي حيثيت ڏينهون ڏينهن وڃائيندا پيا وڃن،هاڻ عوام جو جتوئي خاندان مٿان ڀروسو ختم ٿيندو پيو وڃي. جتوئي خاندان کي گهرجي ته پنهنجي سياسي حيثيت واپس ڪرائڻ لاءِ عوامي مسئلن تي ٿورو سوچي ۽ پنهنجي قيمتي ٽائيم مان  غريب عوام لاءِ به ٿورو ڏين ته عوام هنن جو ڀرپورساٿ ڏيندو، جتوئي خاندان پنهنجي پارٽي کي جيڪو مسلم ليگ ن ۾ ضم ڪيو ان عمل جي ڪري به عوام ٿورو پوئتي ٿي ويو هو. اميدون آهن ته هنن سياسي ميدان ۾ جتوئي خاندان ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ هن اليڪشن مان ٿورو سبق وٺي عوام جي خدمت ڪندا ته مستقبل ۾ پنهنجو ووٽ ٺاهيندا، ٻي صورت اسان ۽ اوهان جي سامهون آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *