نوجوان جو معاشري ۾  ڪردار…! : فرزانه چانڊيو/لاڙڪاڻو

اسان جڏهن به سنڌ ڌرتي جو ذڪر ڪندا آهيون ته هميشه ان جي تاريخ کي ورجائيندا آهيون جنهن ۾ صوفين جي تاريخ، مهمان نوازي، رهڻي ڪهڻي، رسم رواج جو ذڪر ضرور ڪندا آهيون ڇو ته اسان جي سنڌ هميشه پيار، محبت ۽ مهمانوازي طور ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گھڻي مقبول رهي چڪي آهي ۽ آهي، الله پاڪ اسان جي صوفين جي سرزمين معدني وسيلن توڙي زراعت سان مالا مال ڪيو آهي، صوفين جي سرزمين سونهاري سنڌ ۾ هميشه صرف پيار ملندو ۽ جتي ڪٿي صرف امن ۽ محبت جون ڳالهيون هلنديون هيون ڪو دور هو جو سنڌ ۾ ڪنهن وٽ ڪو مهمان ايندو هو ته ساڻس دل سان احترام ڪيو ويندو ۽ تحفن طور اجرڪ، ٽوپي، پنڊي، پنکو، ٽڪ جي رلي ۽ ٻيا تحفا ڏنا ويندا هئا ته جيئن هن جي دل ۾ به محبت پيدا ٿئي ۽ ويڇا نه ٿين، پر افسوس اڄ صوفين جي سرزمين کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو جتي پيار ۽ محبت جون ڳالهيون هلنديون هيون اتي اڄ رت جا رشتا به جان جا ويري بڻجي ويا آهن، آخر ڇاجي ڪري..؟؟ ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ ۾ اهي ڏينهن ئي نه رهيا آهن جڏهن صرف امن جون ڳالهيون هلنديون هيون.! ان جو مک سبب نوجوانن جو بيروزگار هجڻ آهي اڄ سنڌ جا الائي ڪيترائي پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگاري ۽ مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن…!

جيڪڏهن ڏسجي ته نوجوان اسان جي معاشري ۾ روشن ڏيئي جيئا آهي  ۔ ان جو ڪردار تمام ڱھڻي اھميت رکي ٿو  ۔ اھيو ئي نوجوان معاشري جو سڌار ۽ بگاڙ  به پڻ آهي  ، ھڪ نوجوان جي سڌاري ۽ بگاڙ جو تعلق ان جي تربيت ۽ عمل سان لاڳاپيل آه ۽ نوجوان پڻ معاشري مان سکي پيو  ۔ جيڪڏهن ٻار جي تربيت سٺي ۽ مضبوط ھوندي ته اھو ئي ٻار اڱتي ھلي ھڪ سٺو ڊاڪٽر  ، استاد  ، انجنيئر ، ۽ ھڪ سٺو سياستدان ٿي ملڪ تي حڪمراني ڪري ٿو سگهي پو۽ ان تربيت ۾ والدين کان پو۽  استاد ۽ استاد کان بعد ِ وڌ کان وڌيڪ اثر ٻار تي معاشري جو ئي آهي جنهن ۾ دوستي جو اثر يا ته سڌاري يا ته بگاڙي ٿو  ۔ منهنجي نظريي مطابق ڪڏهن به والدين يا استاد پنهنجي ٻار جو بگاڙ ڪونه چاھيندا اھي ھميشہ چاھيندا ته ان جو ٻار ڪتابن ۽ قلمن ۽ سٺي دوستي ھيٺ ھجن ڇو ته پنهنجي اصل منزل حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه ڪتابن ۽ قلمن سان ماڻبي آهي.!

اڄ جيڪر نوجوان ئي معاشري ۾ بگاڙ جو سبب بڻيو آهي ته ان جو ذميدار ڪير آهي  ؟ اڄ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوجوان جو رجھان ڪتاب ۽ قلم ڏانهن گھٽ ۽ ٻين غير معياري ڪمن ڏانهن تمام گھڻو آهي آخر ڇاجي ڪري..؟

آئون مڃان ٿي ته سنڌ ۾ ميرٽ لتاڙ آهي سنڌ جا هزارن جي تعداد ۾ اهڙا نوجوان آهن جيڪي پنهنجي محنت سان رات ڏينهن هڪ ڪري پڙهائي مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ هن وقت نوڪرين جي تلاش ۾ آهن جيڪڏهن ڪنهن به اخبار ۾ نوڪرين جي ڪٽنگ ايندي آهي ته هميشه غريب ۽ بي پهچ نوجوان صرف ان ڪٽنگ جي ذريعي نوڪري لاءِ فارم ڀرائيندو آهي ۽ نتيجي ۾ ان غريب ۽ بي پهچ نوجوان بجاءِ هڪ سرندي واري ماڻهو پٽ يا ان جي ڪنهن ويجھي عزيز کي نوڪري ملندي آهي جنهن کي پنهنجي صحيح به نه ڪرڻ ايندي آهي.! افسوس..! ڇا اڄ هميشه سنڌ ائين ئي ٿيندو رهندو! جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته سنڌ جا هزارين لکين پڙهيل لکيل محنتي نوجوان پڙهائي تان هٿ ئي کڻي ويندا..! ڇو ته هڪ غريب پورهيت پنهنجي اولاد کي پورهيو ڪري پڙهائي ۽ ان نتيجي ۾ ان جي نوجوان پٽ کي ميرٽ تي نوڪري نه ملي ته ان پيءُ جي اڳيان ڇا هوندو..؟ اهو منظر ڪهڙو هوندو اهو صرف هڪ غريب ڄاڻي سگھي ٿو.. امير ماڻهو کي ڪهڙي خبر ته پڙهائي ڇا هوندي آهي ان ته هميشه پئسن عيوض ڊگريون حاصل ڪيون..! پڙهائي جو قدر صرف هڪ غريب ۽ مسڪين کي هوندو آهي.

اڄ سنڌ ۾ غريب نوجوان کي معاشري جو هر فرد نفرت سان ڏسي ٿو چاهي اهو پڙهيل ڇو نه هجي ڇو ته اڄ صرف هتي امير ماڻهو کي عزت ڏني ويندي آهي چاهي اهو پڙهيل ئي نه هجي ان جي معاشري جو هر فرد ان جي دل سان عزت ڪندو آهي…!

پوءِ نتيجي ۾ سنڌ جو پڙهيل لکيل نوجوان غلط ڪمن تي لهي پوندو آهي اهو به صدمو ان جي والدين کي جن پنهنجي پگھر مان رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي نوجوان پٽ کي پڙهايو.! اڄ سنڌ جا ڪيترائي پڙهيل نوجوان روڊن رستن تي ڀٽڪندي ڏسان ٿي، ڪي هوٽلن تي ڪم ڪندي، ڪي سر تغاري جو ڪم ڪندي ته ڪي وري گدا گري (پنڻ) تي مجبور آهن، انهن نوجوان کي جڏهن آئون ڏسندي ته اکين ۾ لڙڪن جو سمنڊ تري ايندو آهي ڇو ته آئون به غريب ۽ مسڪين پيءُ جي نياڻي آهيان جنهن مونکي محنت سان مونکي پڙهايو آهي ۽ آئون به بيروزگار ئي آهيان.! ۽ هر وقت صرف ان ۾ ئي گذرندو آهي ته ميرٽ تي نوڪري ملندي به الائي نه..!؟

سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪري سنڌ جا ڪيترائي نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن سنڌ ۾ روزانه ڪيترائي خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿين ٿا اهي واقعا گھٽجڻ بجاء ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ۽ بيروزگاري سبب نوجوان پنهنجا فرض وساري ويهندا آهن نه ته نوجوان سنڌ ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا جن سان هڪ تاريخ ٺهي سگھي ٿي.

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *