نواز ليگ ۽ فرشتن هلندڙ قانوني جنگ: صاحب خان ڀٽي

سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏنل اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو آهي ته هاڻ هڪ نظرياتي سياستدان ٿي ويو آهي۽ عوام ساڻس گڏ آهي، ان حوالي سان اسلام آباد کان جي ٽي روڊ تان لاهور  ريلي جي صورت ۾ روانگي جون تياريون به ڪري رهيوآهي، جنهن سبب ڪجهه ماڻهن کي پريشاني به ٿي رهي آهي ته ڪجهه وي خوفزده به نظر اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ جڏهن نوازشريف لاهور کان اسلام آباد ريلي ڪڍي هئي ته ان وقت جي صدر آصف علي زرداري سندس سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر هن ڀيري ريلي لاهور کان نه پر اسلام کان نڪري رهي آهي، نااهل قرار ڏنل اڳوڻو وزيراعظم جيڪو ماضي ۾ يوسف رضا گيلاني جي نااهلي تي تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو  ۽ هاڻ هو پاڻ گيلاني کان به وڌيڪ  پريشان نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته گيلاني صرف ڪجهه سالن لاءِ نااهل ٿيو هو پر نوازشريف هڪ ته پارٽي سربراهه آهي ته ٻيو وزيراعظم هيو، ان وقت ئي کيس نااهل قرار ڏنو ويو، جنهن سبب نوازشريف گيلاني جي ڀيٽ تمام گهڻو پريشان آهي،

جيتوڻيڪ  ظاهري طور نواز ليگ جا اڳواڻ اهو چئي رهيا آهن ته هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نه ٿا مڃين ۽  تمام جلد سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪرائي ويندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف تي تاحيات نااهلي واري ٺپو لڳي چڪوآهي، هاڻ ڀلي نواز ليگ ڪجهه به چون پر اهو ٺپو شايد تاريخ ۾ ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندو، آرمي چيف جنرل قمر باجوه به پنهنجي بيان ۾ چئي چڪو آهي ته ملڪ اندر آئين قانون جي بالادستي قائم رهندي. بهرحال پاناما ليڪس وارو معاملو صرف نوازشريف جي  تاحيات نااهلي تي ختم نه ٿو ٿئي، اڃا به کوڙ سارا نالا پاناما ليڪس ۾ آهن، جن خلاف به جاچ ٿيڻ ضروري آهي،

جيڪڏهن صرف نوازشريف تي پاناما ليڪس وارو ختم ٿي ويو ته اهو درست عمل نه هوندو ۽ انهن ماڻهن خلاف به قانوني ڪارروائي جي ضرورت آهي، جن ڀتي خوري ۽ خيرات جي پيسن مان آفشور ڪمپنيون کوليون آهن. جيڪڏهن ٻين خلاف وڏي عدالت نوٽيس نه ورتو ته اهو ئي تاحيات نااهل قرار ڏنل اڳوڻو وزيراعظم به عدالت عظميٰ ڏي آڱريون کڻندو رهندو. هونئن ته جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به پنهنجي بيان چيو آهي ته پاناما ۾ 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا شامل آهن، جيڪڏهن انهن خلاف به ڪارروائي  ٿي ته ملڪ فري ڪرپشن بڻجي ويندو ۽ سندن مهم به ڪامياب ٿي ويندي. ڪجهه سياسي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽  کين اها اميد به آهي ته  جن به ماڻهن جا پاناما ليڪس ۾ نالا آهن، انهن جو احتساب ضرور ٿيندو.

بهرحال تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي  ۽ ٻيون پارٽيون نوازشريف کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ هاڻ اليڪشن ۾ نوازشريف جي ڪٽنب مان اهڙوڪو به شخص نه بچيو آهي،جيڪو ايندڙ اليڪشن ۾ چونڊ ۾ حصو ڀرپور نموني ڪامياب ٿي سگهي، مطلب ته عمران خان جي لاءِ رستا صاف ٿي ويا آهن، ڪي پي ۾ هونئن به تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم آهي، جتي امن امان جي صورتحال به ٻين صوبن جي ڀيٽ بهتر نه آهي پر ان باوجود عمران خان اها دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته هنن خيبرپختونخواهه ۾ وڏا ڪم ڪرايا آهن، جيئن ته نوازشريف جي تاحيات نااهل ٿيڻ بعد عمران خان به ڀرپور نموني ميدان ۾ اچي ويو آهي ’پر مٿس اڃا به تلوار لٽڪيل آهي، جيڪا ڪڏهن به مٿس ڪري سگهي ٿي ۽ هو به پوئتي ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف تحريڪ انصاف جا اڳواڻ پارٽي کي ڇڏي رهيا آهن ته ڪجهه عورتون سندس خلاف باغي به ٿيون آهن ۽ عمران خان تي الزام لڳائي رهيون آهن ته سندس پارٽي ۾ هوندي ڪنهن به عورت جي عزت محفوظ نه هوندي، ايتري قدر جو سندس اڳوڻي گهر واري ريحام خان به اهو چئي رهي آهي ته جيڪو  شخص پنهنجي گهر ۾ انصاف نه ڪري سگهي، اهو ٻين کي ڪهڙو انصاف  ڏيندو.

هن وقت هڪ طرف عمران خان باغي ڪارڪنن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري نواز سرڪار به سندس خلاف سندرا ٻڌي ميدان تي لهي آئي آهي، جنهن سبب ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر افراتفري وارو ماحول بڻجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي چهري تي خوشي نظر اچڻ گهرجي ها پر تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نه فيصلي جي وقت سپريم ڪورٽ ويو ۽ نه ئي وري وڏي عدالت جي فيصلي  بعد سندس چهري تي ڪا خوشي نظر آئي، جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف سربراهه پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ شڪراني جو ڏينهن به ملهائڻ جو اعلان ڪيو، ايتري قدر جو سڄي ملڪ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جشن به ملهايو پر عمران خان جي چهري تي اها خوشي نظر نه آئي، جنهن کي عوام ڏسڻ چاهي پيو،

اڳ ۾ جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جلسن ۾ وڏي جوش سان تقريرون ڪندو هو ۽ وڏا  وڏا اعلان ڪندو هو پر اڄڪلهه سندس چهرو  لٿل نظر اچي رهيو آهي، ان جا به ڪيترائي سبب آهن، هڪ ته سندس خلاف عائشه گلا لئي ميدان تي اچي وئي آهي ته ٻيو وري سندس خلاف اليڪشن ڪميشن پرڏيهي پارٽي فنڊنگ ڪيس ۽ حنيف عباسي جي درخواست تي سندس خلاف نااهلي جا ڪيس هلي رهيا آهن، ڀلي کڻي هن وقت ميڊيا جو ڌيان سندس ڪيسن ڏانهن نه آهي ۽ نه ئي ميڊيا سندس ڪيسن کي ايتري سنجيدگي سان ڏسي رهي آهي پر سندس خلاف هلندڙ ڪيس به تمام وڏا سنگين آهن، ڇاڪاڻ ته عدالت ۾ سندس پارٽي تي پرڏيهي جو جيڪو ڪيس هلي رهيو آهي، ان ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف آمريڪا ۽ ڀارت سميت ٻين ملڪن کان  فنڊ ورتا آهن، جنهن بابت حنيف عباسي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو  هو ته آمريڪا ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ هڪ وڏو سنجيده معاملو هو.

بهرحال  هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو ڀارت يا آمريڪا کان وٺندو آهي ته اهو سمجهيو ويندو آهي ته اهو غلط آهي ۽ ان  پارٽي تي ايترا ته الزام لڳايا ويندا آهن جو ان شخص جو اڳتي هلڻ نه ممڪن ٿي ويندو آهي، واحد شخص عمران خان آهي جو هن وقت تائين مٿس پرڏيهه کان فنڊ وٺڻ تي ڪا خاص پڇا ڳاڇا نه ڪئي وئي آهي. بهرحال  اهو معاملو هاڻ عدالت ۾ آهي، ڏسون ٿا وڏي عدالت ان  سنجيده معاملي تي ڪهڙو فيصلو ٿي ڏي پر سڀ کان اڳ وڏو مسئلو اهو آهي ته نوازشريف جي تاحيات نااهلي بعد ملڪ اندر ظاهري طور تي ڪو وڏو بحران نظر نه اچي رهيو آهي پر  نوازشريف جي اسلام آباد کان لاهور قافلي جي صورت ۾ روانگي بعد حالتون تبديل ٿي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته ميڊيا تي به ان ريلي بابت تمام گهڻو بحث ٿي رهيو آهي، ايتري قدر جو  سينيئر تجزيي نگار به نوازشريف کي مشورو ڏئي رهيا آهن ته هو  جلسن ۽ جلوسن ۾ پنهنجي سڪيورٽي جو خاص خيال رکي، اهو صرف ان ڪري چئي رهيا آهن ته هن وقت ملڪ جون حالتون ايتريون بهتر نه ٿيون آهن، هن وقت به هن ملڪ ۾ جيڪي دهشتگردي پلجي رهيا آهن، اهي ڪنهن به وقت ملڪ ۾ ڪارروائي ڪري سگهن ٿا،

هونئن ته نواز ليگ طرفان  اسلام آباد کان لاهور طرف جيڪو قافلو نڪري رهيو آهي، ان بابت واضح طور اهو نه چيو ويو آهي ته اهو قافلو ڇاجي ڪري ڪڍيو پيو وڃي، ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ته پنهنجي بيان چئي چڪو  آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نٿا مڃين ۽ هو اهو به چئي چڪو  آهي ته کين باغي نه بڻايو وڃي، اهو به چيو ته نوازشريف سندن ليڊر آهي ۽ هميشه رهندو. پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ سياست  هڪ نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، سڀني پارٽين طرفان اهڙي ته ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، جيڪا ٻڌي هر هڪ جو ڪنڌ شرم  وچان جهڪي رهيو آهي. ڪيتريون ئي اهڙيون پارٽيون آهن جيڪي اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪري نه ڳالهائي رهيون آهن، جنهن جو ثبوت ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي قانون واري وزير رڻا ثناءَ الله جي بيان مان لڳي ٿو ته جنهن چيو هو ته عائشه احد هڪ پيشه ور عورت آهي، جنهن تي کيس حرجاڻي جو نوٽيس به موڪليو ويو آهي،

ان کان علاوه تحريڪ انصاف جي باغي ڪارڪن عائشه گلا لئي  کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ سندس خلاف سوشل ميڊيا تي به واويلا ٿي رهي آهي، مطلب ته عورتن کي به سياست اندر بدنام ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو  سياسي اڳواڻن کي نٿو سونهين، تنهن جي ڪري سمورين پارٽين کي گهرجي ته اخلاق جي دائري ۾ هڪ ٻئي تي الزام لڳايا وڃن ته تمام بهتر ٿيندو. جيتوڻيڪ اخلاقيات ڪميٽي به جڙي چڪي آهي پر ان تي عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، جيڪڏهن ميڊيا تي  عورتن خلاف اهڙي قسم جا بيان  ڏيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته اسان اهو ئي سمجهنداسين ته  اهو  نئين پاڪستان جو ڊيمو آهي ۽ جيڪڏهن نئون پاڪستان ٺهيو ته ان جي حالت ان کان به وڌيڪ بگڙيل هوندي جتي عورتن جي عزت نالي ڪا به شي نه هوندي. بهرحال نواز ليگ جي ريلي نوازشريف جي نااهلي جي ردعمل ۾ ڪڍي پئي وڃي يا وري ڪنهن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪڍي پئي وڃي ان سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي هاڻ ڪو به فرق نه پوندو، ڇاڪاڻ ته نوازشريف هاڻ تاحيات نااهل ٿي چڪوآهي، ان کي هو تسليم به ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن نوازشريف کي سپريم ڪورٽ جوفيصلو قبول نه هجي ها ته پوءِ هو استعيفيٰ ڇو ڏئي ها، ڇاڪاڻ ته کيس پڪ ٿي وئي هئي ته هاڻ سندس آخري ڏينهن آهن ۽ هو ٻيهر ڪڏهن به وزيراعظم بڻجي نه سگهندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو هن ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پنجاب جي هڪ سياستدان کي عدالت مان سزا ملي هجي، هونئن ته سنڌ سان تعلق رکندڙ ذوالفقار علي ڀٽي کي وڏي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪرڻ بعد نوازشريف اهو تسليم ڪيو هو ته ڀٽو جي ڦاهي عدالتي قتل هو، بهرحال هاڻ نوازليگ ڪو به دڳ نه بچيو آهي ۽ نوازشريف جي هي ريلي سندس ڳچي ۾ پئجي ويندي ۽ پارٽي به ڌڙا بندي جو شڪار ٿي ويندي، هونئن به اڳ ئي نوازليگ ۾ اختلاف به هلي رهيا آهن. جيڪي اڳتي هلي الائي ڪهڙي صورت اختيار ڪندا.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *