نواز شريف وزيرِ آعظم هائوس کان جي ٽي روڊ  تائين: مسرورسيال

جڏهن هو مشرف سان ڊيل ڪري فرار ٿي ويو هو تڏهن چيو پئي ويو ته نوازشريف سياست کان ٻاهر نڪري چڪو آهي هاڻ واپس نه ايندو جيڪڏهن واپس اچڻ چاهي به  ته مشرف دور ۾ ته نه اچي سگھندو سو واپس به آيو ۽ مشرف جي دور ۾ ئي واپس آيو سياست به ڪيائين چونڊن ۾ حصو به ورتائين ٽيون ڀيرو وزيرِآعظم به ٿيو…..  هي ڪا سندس دانشمندي نه هئي نه ئي سندس سياسي بصيرت هئي ….  پر اِها شهيد راڻي جي سياسي بصيرت هئي جيڪا ميثاقِ جمهوريت جي بنياد تي  سياست مضبوط ٿي هئي ،هي شهيد راڻي جي جرئت همت هئي جيڪا آمريت جي دور ۾ وطن واپس آئي توڙي جو کيس هر حوالي سان ڌمڪايو پئي ويو سندس قافلو اڳتي وڌندو رهيو توڙي جو رستي ۾ بم ڌماڪا ڪيا ويا سندس ڪارڪن سون جي تعداد ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيا قافلو راولپنڊي جي لياقت باغ پهتو جتي محترمه کي گولي جو نشانو بڻايو ويو ۽ هُو شهيد ٿي وئي سندس شهادت کانپوءِ جھڙي نموني ملڪ آخري پساهن ۾ نظر پئي آيو هو اتي ملڪ جي جسم تي  رڳو هڪ  ڇُري سان هڪ جھير ڏيڻ جي ضرورت هئي ۽ ملڪ به نه رهي ها . پر اتي کپي کپي پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو ويو ۽ ملڪ کي جئيدان ڏنو ويو اڄ جيڪو ملڪ آهي اُهو شهيد راڻي جي بيگناھه خون تي صبر جو نتيجو آهي ۽ ان خون جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ جمهوريت قائم ٿي ملڪ ۾ مقرره وقت تي چونڊون ٿيو پ پ اڪثريتي پارٽي طور سامهون آئي وفاق ۾ توڙي سنڌ ، بلوچستان ۾ حڪومتون جوڙيون اِها حقيقت آهي ته شهيد راڻي جو متبادل اڄ سودو پيدا نه ٿيو آهي ان وقت به نه هو پر پارٽي جي ورڪر ۽ وائيس چئيرمين يوسف رضا گيلاني کي وزيرآعظم بڻايو ويو ۽ آصف زرداري ملڪ جو صدرِ مملڪت بڻيو جنهن پنهنجا سمورا اختيار ايوان حوالي ڪري ڇڏيا مطلب وزيرِآعظم کي بااختيار بڻائي ڇڏيو صوبائي خود مختياري ، اين ايف سي جھڙا الجھيل مامرا حل ڪيا ويا وڏو مسئلو سياسي ڌرين کي حوصلو ڏئي مضبوط ڪرڻ هو مطلب ٽيون ڀيرو وزيرِآعظم نه ٿيڻ واري آئيني رڪاوٽ کي ختم ڪيو ويو ۽ اهڙي نموني نوازشريف کي نااهلي مان اهليت جي سند ملي وئي ، هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پ پ پ جو نوازشريف مٿان اِهو احسان هو ۽ ان احسان جي بدلي ۾ نوازشريف پ پ جي وزيرِآعظم يوسف رضا گيلاني خلاف سازشن جو حصو به رهيو ۽ هڪ سازش هيٺ ساڍا چار سال جمهوري حڪومت ڪندڙ کي عدالت مان نااهل ڪرايو ويو ۽ ن ليگ ان جي آجيان ڪئي پر تاريخ جي ورجاءُ کي ڪير به روڪي نه سگھيو نتيجي ۾ ساڳي عدالت مان نوازشريف نااهل ٿيو ۽ وزيرِآعظم هائوس مان ذاتي گھرمري پهتو جتان هن نئو وزيرِآعظم خاقان عباسي چونڊرايو ۽ پاڻ هاڻ  اسلام آباد جي پنجاب هائوس مان مري  روانو ٿيو جتان کان لاهور لاءِ روانو ٿيو ر آهي سوبه روڊ رستي ۽ جي ٽي روڊ لاهور کي اهميت ملي رهي آهي چون ٿا ته هُو نااهلي کان پوءِ پهريون دفعو  نااهل وزيرِآعظم ۽ نااهل سياستدان جي حيثيت ۾ عوام جي وچ ۾ هوندو ۽ انکانسواءِ داتادربار ويندو جتان وري به کيس پنهنجي ذاتي محل نما گھر رائيونڊ ئي وڃڻو آهي ۽ اُهو به پهريو دفعو هوندو ته رائيونڊ محل ۾ نوازشريف نااهل وزيرِآعظم ۽ نااهل سياستدان جي حيثيت ۾ پهچندو خير اُهو الڳ مسئلو آهي ته هن جو محل سندس استقبال ڪئين ڪندو کلندي ڪندو يا سوڳ ۾ ڪندو ،  اُهو به سندس ذاتي مسئلو آهي سندس گھر کلندي آڌر ڀاءُ ڪري يا روئندي … پر جي ٽي روڊ تي جتي سندس ورڪر استقبال ڪندا اتي وري مخالفن جا احتجاج به هوندا خاص ڪري عوامي تحريڪ طاهرالقادري جا ڪارڪن ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جا علامتي جنازا رکي احتجاج ڪندا ، مطلب ته هڪ طرف استقبال ٻئي طرف احتجاج ….!

لاهور جيڪو نوازشريف جو سياسي ڳڙھه هو اُتي سندس لاءِ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون هونديون هوڏاهن جنهن وقت نوازشريف لاهور وڃي رهيو آهي ان ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪري  کيس سياسي منصب مطلب ن ليگ جي صدارت تان به نااهل قرار ڏيندي پارٽي کي سندس جاءِ تي قائم مقام سربراھه مقرر ڪرڻ ۽ 45 ڏينهن اندرنئو  مستقل سربراھه چونڊڻ جو حڪم ڏنو آهي  ٻڌايو پيو وڃي ته شهباز شريف کي نئو صدر ڪيو ويندو پر ان ۾ به اختلاف نظر اچي رهيا آهن نوازشريف پنهنجي گھر واري ڪلثوم نواز کي سربراھه بڻائڻ چاهي ٿو ان جو سبب اِهوبه هوندو ته شهباز شريف مٿان پڻ نااهلي جي تلوار لٽڪي رهي آهي جنهن ڪري ئي کيس وزيرِآعظم بڻجڻ کان به روڪيو ويو هو بحرحال نوازشريف وزيرِآعظم ڀل نه رهيو هجي ۽ نه وري پنهنجي پارتي جو سربراھه پر هُو سياسي شخصيت ۽ اڳوڻو وزيرِآعظم ته آهي ظاهر آهي سندس چاهيندڙ موجود آهن ۽ هُو ريلي توڙي جلسو جلوس ڪري سگھي ٿو سو سندس هي ريلي ڀل ته مخالف ملڪي ادارن خلاف قرار ڏيندا هجن پر اصل ۾ هي ريلي پنهنجي ساک کي ظاهر ڪرڻ آهي اُها الڳ ڳالھه آهي ته ريلي وارو روٽ اُهو ورتو ويو آهي جنهن سان ن ليگ جي اڪثريت ٻڌائي وڃي ٿي بحرحال هن وقت نوازشريف ۾ هڪ تبديلي ضرور نظر آئي آهي اُها اِها ته هن چيو آهي يوسف رضا گيلاني کي نااهل نه ڪيو وڃي ها ۽ هن اِهو به چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي بيگناھه ڦاهي چاڙهيو ويو مطلب ته هاڻ ن ليگ عوامي سوچ مطابق بيان ڏئي رهي آهي نوازشريف کي لاهور پهچن ۾ چار ڏينهن لڳي ويندا ڏسجي ته انهيءَ دوران نوازشريف جا بيان ڪهڙا رهن ٿا ۽ هُو ڪهڙي موقف سان پنهنجي گھر پهچي ٿو ڇا گھر پهچندي پهچندي هُو پنهنجو موقف جمهوريت لاءِ اُهو ئي رکي ٿو جيڪو پ پ پ رکندي آئي آهي يا ساڳيو رکي ٿو  جيڪو اڳ ن ليگ رکندي آئي آهي ، لڳي ائين رهيو آهي ته نوازشريف جو موقف هاڻ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ هُو ڪوشش ڪندو ته پ پ پ کي راضي ڪري  جئين پي ٽي آءِ توڙي ٻين مخالفن جو مقابلو ڪري سگھي پر ڏسجي ٿو ته نوازشريف اقتدار دوران پ پ پ کي جيترو ناراض ڪيو آهي ان کي راضي ڪرڻ مشڪل ڪم هوندو جڏهن ته  نوازشريف نااهل ٿي چڪو هجي ايندڙ ڏينهن ۾ ٿي سگھي ٿو ته نوازشريف گرفتار به ڪيو وڃي ان ڪري ئي نوازشريف عوامي ريلي ذريعي گھر وڃي اِهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته عوام جو وڏو انگ ساڻس گڏ آهي ۽ هُو سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي خير سندس سياسي طاقت ڪيتري به هجي پر هاڻ نااهل مان اهل نٿو ٿي سگھي پر ايترو ضرور آهي ته گھڻي وقت کان پوءِ کيس روڊ رستي ۽ عوامي ريلي سان جي ٽي روڊ گھمڻ جو موقعو ضرور ملندو ان کان اڳ جڏهن يوسف رضا گيلاني وزيري آعظم هو ته هن لاهور کان اسلام آباد  تائين ججن جي بحالي لاءِ  جي ٽي روڊ سان لانگ مارچ شروع ڪيو هو ججن جي بحالي تي کيس ريلي اڌ ۾ ڇڏي واپس وڃڻو پيو هو سو هاڻ وري جڏهن نااهل ٿي چڪو آهي ته ابتو اسلام آباد کان جي ٽي روڊ رستي ريلي جي صورت ۾ لاهور وڃي رهيو آهي هاڻي ڏسڻو اِهو آهي ته نوازشريف پنهنجي گھر رائيونڊ پهچڻ کان پوءِ آرام ڪندو يا ٻين جو آرام ڦٽائيندو لڳي ائين ٿو ته نواز سريف کي ارام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو ۽ ٿي سگھي ٿو علاج جي لاءِ کيس ٻاهرين ملڪ موڪليو وڃي ان ڪري ته حڪومت هن وقت به  سندس پارٽي جي آهي  ……..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *