نوازليگ لاءِ بهتر ٿيندڙ سياسي ماحول: صاحب خان ڀٽي

عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد  نوازشريف جي ڏيهه واپسي کي ڏاهپ تي ٻڌل  فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي ، شيخ رشيد چيو آهي ته هن اڳ ئي چيو هو ته نوازشريف ڏيهه ضرور ورندو، ڪجهه ڏينهن اڳ  مملڪتي وزير طلال چوڌري به اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  هو ته  جادوگرن کي الائي خبر ٿي پئي، جيڪو به چون ٿا اهو ايئن ٿي رهيو آهي، انهن ئي جادوگرن چيو هو ته سپريم ڪورٽ مان فيصلو نوازشريف خلاف ايندو ۽ بعد اهو ئي ٿيو، مطلب ته انهن سڀني جادوگرن جون سموريون اڳڪٿيون سچيون ٿي رهيون آهن،

جڏهن نوازشريف نااهل نه ٿيو هو ته ان وقت عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو هو ته پپو پنجن ئي پيپرن ۾ فيل ٿيندو ۽ حقيقت ۾ اهو ايئن ئي ٿيو، هاڻ شيخ  رشيد چئي رهيو آهي ته نوازشريف ادارن خلاف نه ڳالهايو ته  حالتون بهتر ٿي ويندو،  هن وقت تحريڪ انصاف عمران خان اڃا به نوازشريف خلاف ڳالهائي رهيو آهي پر شيخ رشيد پنهنجي توپن جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ هوائي فائر ڪري رهيو آهي، بهرحال شيخ رشيد جي بيان مان لڳي رهيو آهي ته ملڪ اندر حالتون تبديل ٿي رهيون آهن تمام جلد نوازشريف ۽ سندس پارٽين جون سرگرميون به  تيز ٿي وينديون،

هاڻ جڏهن سينيٽ مان به چونڊ سڌارن جو بل منظور ڪيو ويو آهي ته ان کان پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته نااهل شخص به پارٽي جو سربراهه ٿي سگهي ٿو ۽ آئين ۾ اهڙي ترميم سان فائدو نوازشريف سان گڏ ٻين جماعتن کي  به ٿيندو.  پر اڳتي هلي ان سان هن ملڪ تي ڪهڙا اثر پوندا، اهو  ته وقت ئي ٻڌائندو پر هن وقت سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اها ترميم نوازشريف لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندي.  جڏهن نوازشريف پنهنجي گهر واري جي عيادت ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو هو ته ان وقت چيو ويو هو ته هاڻ نوازشريف ڏيهه مشڪل واپس وري ڇاڪاڻ ته سندس خلاف ڏيهه ۾ تمام گهڻا ڪيس هلي رهيا آهن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ نواز سرڪار لاءِ تمام گهڻو ڏکيو آهي،

بهرحال هن وقت نوازشريف ڏيهه واپس اچي ويو آهي ۽ ايندي سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ پارٽي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪري رهيو آهي. ايتري قدر جو  نوازليگ کان ناراض اڳواڻ چوڌري نثار به پنجاب هائوس پهچي نوازشريف سان  ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ۾ اها ملاقات 45 کان 50 منٽ تائين جاري رهي، جنهن دوران ملڪ جي مختلف معاملن  بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، چوڌري نثار بيگم ڪلثوم نواز جي صحتابي بابت به نوازشريف کان معلومات حاصل ڪئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  نوازشريف ۽ چوڌري نثار وچ ۾ٿيل ملاقات ڏيڍ مهيني کانپوءِ ٿي آهي ۽ اها ملاقات تمام گهڻو اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته چوڌري نثار واحد شخص آهي، جنهن سڀ کان پهرين پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ نواز ليگ خلاف گهٽ وڌ ڳالهايو پر سندس خلاف نوازليگ جي ڪنهن به پارٽي ڳالهائڻ جي همت نه ڪئي هئي،

جڏهن نوازشريف ڏيهه واپس آيو هو ته سندس ملاقات جا امڪان تمام گهٽ هئا پر ٻين اڳواڻن جيان اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنجاب هائوس پهچي نوازشريف سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن بابت هر طرف اهي افواهه هئا ته چوڌري نثار آخر ڪهڙو پيغام کڻي نوازشريف سان ملاقات ڪئي، ڇاڪاڻ ته چوڌري نثار اهو واحد شخص هو، جنهن نوازشريف کي استعيفيٰ جو مشورو ڏنو هو. هن وقت به سندس ملاقات تمام گهڻا سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ ان ملاقات مان لڳي رهيو آهي نوازشريف جي لاءِ ملڪ اندر ماحول بهتر ٿي رهيو آهي ۽ اڳتي  حلي نواز ليگ خلاف هلندڙ ڪيس ختم ٿي ويندا. جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ڏيهه پهتو هو ته ان وقت  سندس صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ اسپيڪر اياز صادق، خواجه سعد رفيق، پرويز رشيد، طلال چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ نيب ڪيسز، ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون. ۽ ان ئي اجلاس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

هڪ ٻه ڏينهن اڳ نوازشريف چيو هو ته ڪيس پاناما جو هو پر سزا اقاما تي ٻڌائي وئي، هي ڪهڙو انصاف آهي؟، ڳالهه پاناما کان شروع ٿي ته ختم به ان تي ٿيڻ گهرجي ها.جن ججن سندن خلاف فيصلو ڏنو انهن ئي سندن جي اپيل ٻڌي، اهڙي طرح جتي به اهو معاملو ويندو اتي ساڳيا جج موجود هوندا. بهرحال نوازشريف ان وقت ڏيهه وريو آهي، جڏهن سينيٽ ۾  چونڊ سڌارن جو بل منظور ڪيو ويو هو، ايم ڪيو ايم پاڪستان به نواز ليگ جي حمايت ۾ ووٽ ڏئي بل کي منظور ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو پر هاڻ ايم ڪيو ايم سربراهه فاروق ستار چئي رهيو آهي ته جنهن به اڳواڻ حمايت ۾ ووٽ وڌو ان خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هاڻ جڏهن بل به منظور ٿي ويو آهي، باقي صرف صدر ممنون حسين جي منظوري جي ضرورت آهي، جيڪو به لڳي ٿو تمام جلد مڪمل ٿي ويندو. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ان شخص خلاف ڪارروائي ڪري به ته ان جو ڪو به فرق نه پوندو،

هن وقت هڪ طرف ملڪ اندر دهشتگردي آهي ته ٻي طرف وري سياسي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي، جنهن سان ڪنهن به وقت هن ملڪ ۾ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته ٻن ادارن پارليامينٽ جي اختيارن ۾ مداخلت ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي ايوان ۽ صوبائي اسيمبليون آئيني ڪردار ادا ڪن ته جمهوريت مضبوط ٿيندي،اقتدار جي ٽڪنڊي ۾ پارليامينٽ سڀني کان ڪمزور ادارو آهي، رضا رباني ته اهو به چيو هو ته پارليامينٽ جا ٻئي ايوان ۽ صوبائي اسيمبليون پنهنجي آئيني حدن مطابق ڪم ڪن ته ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي جا مثبت نتيجا ايندا، اختيارن کي محدود ڪنداسين ته ٻيا ادارا پارليامينٽ جي حدن ۾ جڏهن چاهين پنهنجي مرضي سان داخل ٿيندا، پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائر چيو هو ته نواز شريف اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان تي ڪرپشن جو ڪو ڪيس ناهي جڏهن ته نواز شريف کي ملڪ جي اعليٰ عدالت جي پنج ججز چيو آهي ته اهو صادق ۽ امين ناهي رهيو، نواز شريف خلاف عدليه ڪا سازش ناهي ڪئي، عدليه سازش ڪري به ڪيئن سگهي ٿي؟، انهن کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو پورو موقعو ڏنو ويو هو،

هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازشريف احتساب عدالت کي ڪهڙي ريت منهن ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته نوازشريف کي هن وقت ريفرنسز کي به منهن ڏيڻو پئجي  رهيو آهي، جنهن مان کيس جند آجي ڪرائڻ تمام ڏکيو پئجي ويندو؟ بهرحال جيڪڏهن  اسٽيبلشمينٽ ۽ نوازسرڪار وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون هونديون ته پوءِ نوازشريف جي نااهلي وارو ٽپو به مٽجي  ويندو۽  هي جماعت  وڏي مارجن سان اقتدار ۾ اچي ويندو، جنهن جو ثبوت لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120 تي ٿيل چونڊ مان به ملي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڏيهه واپسي کان پوءِ نوازشريف اڳ جي ڀيٽ ۾ ٿورو تبديل ٿي چڪو آهي ۽ سندس قانوني ماهرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات به وڏي اهميت رکي ٿو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر  نوازسرڪار هڪ دفعو ٻيهر اقتدار ۾ اچي ۽ عوام کيس ووٽ ڏيندو يا نه؟  باقي رهي ڳالهه ايندڙ وزيراعظم جي ته  بلاول ڀٽو  به هن ملڪ جو ٻيو وزيراعظم ٿي سگهي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي تحريڪ  انصاف اچي سگهي ٿي. هاڻ ته اهو وقت ئي ٻڌائندو ته ايندر  وقت ۾ ڪهڙي پارتي اقتدار ۾ ايندي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *