نرگسيت ۾ ورتل جديد شمس العُلماءَ ؛ شوڪت لوهار

آئون جڏهن ستين درجي ۾ پڙهندو هئس، تڏهن جي ڳالهه آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ شام جي وقت هڪ بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي ڏسڻ لاءِ ڳوٺ جي وڏيري جي اوطاق تي وڏا ماڻهو گڏ ٿيندا هئا. چوڏهن انچن جي ٽي وي تي جانگلوس ۽ جنگل جهڙا ڊراما شوق سان ڏٺا ويندا هئا. هڪ ڏينهن ٽي وي بند ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته اڄ ڳوٺ ۾ علم جو ڊاڪٽر آيو آهي ۽ انهي سان ملاقات ڪرڻي آهي. اسين سڀ ششدر ۽ حيران رهجي وياسين ته هي وري ڪهڙو ڊاڪٽر آهي؟ جيڪو نه بخار تپاسي نه ٽڪي ڏئي، سڀ پيا چون ته اِهو علم جو ڊاڪٽر آهي.بهرحال ڪجهه دير کانپوءِ جڏهن انتظار جون گهڙيون پوريون ٿيون، تڏهن اسان ڏٺو ته هائو ٻيلي هڪڙو ماڻهو جنهن جي مٿي تي هِڪ وار به نه هو ۽ ٿلهو اڇو چشمو اکين تي چڙهيل هئس ۽ پوري عمر جو پيئي لڳو، ان وقت منهنجي حيرت جي ڪابه حد نه رهي، مون وڃي انهي علم جي ڊاڪٽر کي هٿ لائي ڏٺو مار! هي ته ”ماڻهن وانگر لڳي ٿو“ مون کان ڇڪر نڪري ويو، ڇاڪاڻ ته ٻاراڻي وهي ۾ مون سمجهيو پئي ته علم جو ڊاڪٽر ڪو ماڻهو نه بلڪه ڪا ٻي مخلوق ٿي سگهي ٿي، پر هُو مون کي بلڪل ماڻهن جيان پئي لڳو، ٻه هٿ، ٻه اکيون، اسان وانگر ئي ڳالهائڻ، هلڻ کائڻ پيئڻ وغيره.ان وقت کانپوءِ سمجهه ۾ آيو ته سُئي واري ڊاڪٽر ۽ علم واري ڊاڪٽر ۾ ڪهڙو فرق آهي. وري جو شمس العلمائن بابت پڙهيم ته تاڪ نڪري ويا، وڃ! هيڏو وڏو Contributions.شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب سائوپن يا ڪارو پنو پڙهيم ته خبر پئي ته ماڻهو علم سان ايترو چاهه به رکي سگهي ٿو. جڏهن نه بجلي هئي، نه انٽرنيٽ، نه موبائل نه ڪو سواري جو جوڳو بندوبست هو ته ان وقت قليچ بيگ هِڪ اکٻوٽ ذريعي بمبئي ۾ بي اي جو امتحان ڏيڻ لاءِ ويو هو. ان کانپوءِ ان جي علم سان چاهه جي حد ڏِسو پاڻ ڪيترائي ناول لکيائين ۽ اڻ ڳڻيا ڪتاب ٻين ٻولين مان سنڌي ٻولي ۾ ترجمو پڻ ڪيائين. تقريباً ساڍا چار سؤ جي لڳ ڀڳ ڪتاب سندس ڪريڊٽ تي آهن. پاڻ ڪامورو هوندي به علم ادب سان چاهه ختم نه ڪيائين، سندس گهر جي هِڪ وڻ ۾ آکيرو پڻ ٺهيل هوندو هو. هو جڏهن ڪرسي تي پڙهي پڙهي ٿڪي پوندو هو ته پنهنجي ٺاهيل آکيري ۾ وڃي مطالعو ڪندو هو. هو سنڌي ادب جي پيڙهه جي پٿر رکندڙن مان هو. سندس ناول زينت سنڌي ناول جي ابتدائي ناولن مان آهي، جنهن ايندڙ ليکڪن لاءِ راهه هموار ڪئي. جڳ مشهور انگريزي ليکڪ، ڊرامه نگار وليم شيڪسپيئر جو شاهڪار ڊرامو هيملٽ Hamlet انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين ۽ ان کي سنڌي رنگ ۾ رڱي ڇڏيائين، جنهن جو نالو هو ”شهزادو بهرام“. انگريزي ٻولي ۾ مضمون نويسي جو بنياد وجهندڙ سرفراسز بيڪن جا مضمون ”مقالات حڪمت جي نالي سان ترجمو ڪيائين. ادب سان اتساهه ۽ چاهه جي ڪري علم سان سلهاڙپ ۽ وابستگي جي ڪري کيس شمس العلماءُ جي لقب سان نوازيو ويو.ان کانپوءِ اسان وٽ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو آهي، جنهن پڻ تمام گهڻي محنت ۽ اورچائي سان علم جي لاٽ کي روشن رکيو. پاڻ اسڪول جي زماني ۾ ٻين شاگردن جي ڪتابن تي جلد بندي ڪري،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.