نام نهاد جمهوريت ۽ خراب حڪمراني جا اَوگُڻَ: ارشاد ڪاغذي

وزيراعظم نواز شريف جي نااهل ٿيڻ بعد نئين وزيراعظم جي چونڊ ٿي گذري، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جو خاقان عباسي 221 ووٽ کڻي ملڪ جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو. نئون وزيراعظم وڏو ڌنڌوڙي، ريسٽوران ۽ ايئرلائين جو مالڪ، پارليامينٽ جي امير ترين شخصن ۾ سرفهرست آهي. هُو اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي شعبي سان واڳيل آهي، هُن يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، لاس اينجلس مان بيچلر جي ڊگري ۽ جارج واشنگٽن يونيورسٽي، واشنگٽن، آمريڪا مان ماسٽرس ڪئي، اتي مختلف پوزيشن تي ڪم ڪيو ۽ سعودي عرب ۾ آئل ۽ گئس ڪمپني ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1988ع ۾ والد جي لاڏاڻي کانپوءِ سياست ۾ قدم رکيو. هن جو والد صاحب جنرل ضياءُ الحق جو وزير هو ۽ اوجهڙي ڪيمپ جي سانحي جو شڪار ٿيو ۽ وفات ڪري ويو. شاهد خاقان عباسي 6 ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو آهي ۽ مختلف اهم پوسٽن کان علاوه ڪيئي ڀيرا وزير پڻ رهيو آهي. نواز شريف جي سرڪار ۾ پئٽروليم وزير ۽ قدرتي وسيلن جي وزارت سنڀاليندو هو، هن ملڪ ۾ گئس جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ايل اين جي متعارف ڪرائي.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ۽ عبوري وزيراعظم شاهد خاقان عباسي تي ڪئين ڪيس داخل ٿيل آهن. نيب ۾ هُن خلاف ڏيساور کان گهرايل گئس جي معاهدي ۽ غير قانوني 220 بلين ماليت جي انڪوائري هلندڙ آهي. هُن خلاف نيب 2015ع ۾ ڪيس داخل ڪيو هو ۽ هُو مکيه جوابدار آهي. نيب جي دستاويزن مطابق 2013ع ۾ اين ايل جِي جي درآمد ۽ ورهاست جو غير قانوني نموني من پسند ڪمپني سان معاهدو ڪيو ۽ قاعدن ۽ قانون جي لتاڙ ڪئي ۽ پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. 2015ع ۾ توانائي جي ماهر، پلاننگ ڪميشن جي اڳوڻي ميمبر ۽ ايس ايس جِي سِي بورڊ جي ڊائريڪٽر جي درخواست تي نيب سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. نيب جي چيئرمين چوڌري قمرالزمان چواڻي ڪيس ۾ پيش رفت جاري آهي، رپورٽن مطابق نيب سفارش ڪئي آهي ته سمورن ڏوهارين سميت شاهد خاقان عباسي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته خاقان عباسي انهن الزامن کي رد ڪندي الزام مڙهيندڙن کي چيو هو ته غير قانوني هيراڦيري جي الزامن کي مخالف ثابت ڪري ڏيکارين. هُن چيو ته ”هر هڪ کي آزادي آهي ته اهي منهنجي خلاف ڀلي ريفرنس داخل ڪن.“ هُن وڌيڪ ٻڌايو ته مون سمورا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن اهي جيڪي پاڪستان گزيٽ ۾ شايع ڪيا ويا آهن.

نواز شريف جي خلاف جيڪو نااهلي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ڏنو، تنهن بعد شاهد خاقان عباسي کي وزيراعظم جي عهدي تي نامزد ڪري مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف هي ٻيو ڏچو ۽ تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ٿيڻ اهو گهرجي ها ته هڪ اهڙو بي داغ چهرو ۽ شخص اڳيان آڻڻو هو جيڪو ڪنهن به مالي ۽ غيرقانوني بيضابطگي ۾ ملوث ڄاڻايل نه هجي ها! پر چوڻ وارا چون ٿا ته جيئن ته هي نواز شريف جو سڄو هٿ ۽ بزنس پارٽنر آهي ۽ ايئر بلو هوائي ڪمپني ۾ حصيدار آهي تنهن ڪري هُن تي اعتماد ڪندي عبوري وزيراعظم مقرر ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ ننڍو ڀاءُ شهباز شريف وزارت عظميٰ جو تاج اچي پائي ۽ شريف خاندان جي راڄ، ڀاڳ، عزت، آبرو ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿي سگهي، جيترا مُنهن اوتريون ڳالهيون… دروغ بگردن راوي…“!!

سياسي ڪرپشن يا بدعنواني ڇا کي چئبو آهي؟ هي سوال ملين ڊالر جو آهي، جنهن جو جواب سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ڏنو هو، پر اُن کي ڪرپٽ ٽولو مڃڻ لاءِ تيار ناهي. اپريل مهيني ۾ سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ٻڌايو هو، ان جي شروعات ۾ اطالوي مشهور ناول جي اقتباس سان ڪئي هئي. جسٽس آصف سعيد کوسي فيصلي ٻڌائڻ مهل ”گاڊ فادر“ جو حوالو ڪتب آندو هو.

”هر دولت جي وسيع ذخيري جي پويان ڏوهه جو داستان لڪيل هوندو آهي.“

۽ پوءِ ڇا ٿيو… جيئن سنڌي ۾ چئبو آهي ”چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک“ مثل مسلم ليگ (ن) وارا رڙيون ڪرڻ لڳا ته سپريم ڪورٽ اهو حوالو ڏئي اسان جي ڀيٽ ”مافيا“ سان ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سپريم کي درخواست پڻ ڪئي هئي ته اهي لفظ حَذَفُ ڪيا وڃن، پر جڏهن جي آءِ ٽي جاچ ڪري رپورٽ ڏني ۽ ان بعد جيڪو فيصلو آيو اُن ۾ جيڪي تفصيل پيش ڪيا ويا تنهن ”مافيا“ کي به ڄڻ مات ڏئي ڇڏي هئي ۽ ان آڌار تي نواز شريف ”صادق ۽ امين“ نه رهيو ۽ نااهل ڪري برطرف ڪيو ويو، پر ٿيو هيئن جو نواز شريف جي نااهليت کانپوءِ به هڪ اهڙي شخص کي ملڪ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو، جنهن تي اربين روپين جي هيراڦيري جا ڪيس داخل آهن، تنهن ڪري اردو محاوري وانگر ”چور، چور ڪا ڀائي“ جي تصديق ڪندي هڪ اهڙي همراهه کي آندو ويو جيڪو مالي اسڪينڊل ۾ ملوث آهي ۽ جنهن لاءِ ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، پر مسلم ليگ (ن) جي ڪَرتا ڌرتا اهو ڪم نه ڪري پاڻ کي ڪهڙي صف ۾ شامل ڪيو آهي؟ تنهن ڪري عام طرح چئبو آهي: ”چڱا سي، جن جا پويان چڱا“ (سنڌي چوڻي)

سياسي ڪرپشن جي تشريح ڪجهه هن ريت ڪئي وڃي ٿي:

ڪنهن به پبلڪ دفتري عهدو رکندڙ پاران قانون جي ڪنهن به شق، اثر رسوخ، دٻاءَ يا ناجائز اختيارن جو استعمال ڪري پنهنجن قانوني اختيارن کي لتاڙي ۽ اورانگهي ڪو به غيرقانوني ڪم ۽ عمل ڪرڻ کي سياسي سياسي ڪرپشن سڏيو ويندو آهي. ڪرپشن جون شڪلون مختلف ٿين ٿيون، جهڙوڪ: رشوت، اقرباپروري، پنهنجي ڪنهن کي به بنا اهليت ۽ قابليت جي ڀرتي ڪرڻ، عهدي ۾ ترقي ڏيڻ، نااهل ماڻهو کي ميرٽ جي لتاڙ ڪري اهم عهدي تي رکڻ، پنهنجي اختيارن کان وڌيڪ ناجائز نموني ڪنهن کي مٿي آڻڻ، پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن عزيزن کي نوازڻ، چورن، ٺڳن، رشوت خورن ۽ ڪرپشن جي ڪوڏين کي تحفظ ڏيڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ، رشوت ۾ تحفا تحائف ڏيڻ ۽ قومي دولت کي لٽڻ ان کي سياسي ڪرپشن سڏجي ٿو. اهي کيل هن ملڪ ۾ کيڏيا ويا ۽ خاص ڪري نواز سرڪار جي دور ۾ اهي عام جام ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيا ۽ اُن جو تازو مثال اوهان سڀني جي سامهون آهي ۽ وري اقربا پروري جو اعليٰ مثال اهو ٿيندو جو ننڍو شريف جلد ئي ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو.

”بڙي ميان تو بڙي ميان، ڇوٽي ميان سبحان الله“

خاقان عباسي قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ جيڪا تقرير ڪئي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس سوچ ڪهڙي آهي. عدالت عظميٰ جي فيصلي کان وٺي مخالفن جي باري ۾ هُن جيڪو ڳالهايو تنهن کي سياسي ورڪر جي تقرير ڪوٺجي ته بهتر ٿيندو، باقي ملڪ جي وزيراعظم ٿيڻ سان جيڪا سنجيدگي ۽ بردباري اچڻ گهرجي اُن جو سندس تقرير ۾ ڪو خاص تاثر نٿو ملي. موجوده صورتحال ۾ مسلم ليگ (ن)، ان جا اڳواڻ ۽ موجوده سرڪار تمام گهڻي پريشر ۾ آهي ۽ وري مخالف هڪٻئي سان دست و گريبان آهن جنهن جو مثال هي آهي ته مخالف ڌر پاران وزيراعظم لاءِ ڪو گڏيل اميدوار نامزد ڪو نه ڪيو ويو، ان مان پڪ ٿئي ٿي ته مخالف ڌر اڳتي به گڏ نه ٿي سگهندي. عمران خان جا بيان ۽ پيپلز جي حڪمت عملي هڪٻئي جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ اليڪشن تائين مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا رستا الڳ الڳ آهن، پر هڪ سخت نموني جي ڄنڊاپٽ به ٿيندي. هاڻوڪي وزيراعظم جي چونڊ نئين پاڪستان ۽ تبديلي جي سوچ ۽ لوچ تي ڪاري ضرب آهي. جيڪڏهن پاڪستان ۾ الزامن جي لپيٽ ۾ آيل شخصن کي ملڪ جي اهم عهدن ۽ خاص ڪري چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي تي ويهاريو ويندو ته پوءِ وري هڪ ٻيو ڪيس عدالت ۾ داخل ٿيندو ۽ وري هڪ نئون تڪرار ۽ ڏچو پيدا ٿيندو، پر ڇا ڪجي، هن ملڪ ۾ سياسي ڪرپشن، رشوت خوري، سياسي تابعداري، جي حضوري، اقرباپروري ۽ ناجائز پاور جو استعمال ڪرڻ جي جيستائين روايت قائم آهي تيستائين حقيقي جمهوريت جو اچڻ مشڪل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *