نئين قومپرستيءَ جي راهه تي ؛ڊاڪٽر عائشه صديقه

جيڪو ڪم پاڪستان ۾ قائداعظم محمد علي جناح به نه ڪري سگهيو هو، سو ٿي سگهي ٿو ته هڪ سئو ٻٽيهه ٻارڙن جو افسوسناڪ موتُ ڪري ڏيکاري، هن عام يا گڏيل رخُ رکندڙ رياست جي جوڙ جڪ جيڪا نظرياتي ۽ سياسي طرح مربوطُ هجي، اهڙو ماحول جڙندي نظر پيو اچي ته جيڪا شيءِ به ان ربط کان ٻاهر هوندي سا يا ته نظرانداز ڪئي ويندي، يا وري منظر تان غائب ٿي ويندي.

پشاور واري سانحي پاڪستان ۾ زندگي ئي نه پر تاريخ جي هڪ نئين بات جي شروعات ٿي آهي. هڪ سئو ٻٽيهه لاشن جو تصور ئي ايترو دل ڏاريندڙ آهي جو ان ڪيتري عرصي تائين اسان کان سوچڻ جي قوت ئي کسي ڇڏي، هاڻي پريشان ڪندڙ سوال ڇو پڇيا ويندا ته قومي سلامتي پاليسي ڇو بڻائي وئي؟ يا پراڪسي (لڪل) جنگ وڙهڻ لاءِ مختلف گروهه ڇو ٺاهيا ويا؟ يا جڏهن اسان جون سڀئي ترجيحون سڪيورٽي وارن  معاملن جي چوڌاري گهمن ڦرن ته پوءِ الزام ڪنهن تي لڳندو آهي؟ ان جو مطلب هي به آهي ته ويجھي مستقبل ۾ سياست ۽ اختلاف راءِ جي گنجائش نه نڪرندي، هيءُ لمحو اسان جي مفروضن کي نئين سِرِ جوڙجڪ ڏيندي نظر پيو اچي.

جڏهن مون لِکيو ته هي سانحو اسان جو 11/9 ثابت ٿيندو ته حالتن ۽ واقعن کان واقف هڪ باخبر دوست فوري طور ردِ عمل ڏيندي چيو ته ائين ئي ٿيندو. يقيني طور 11/9 آمريڪاکي جواز فراهم ڪيو ته اهم دشمن تي حملو ڪري ان کي تباهه ڪري ڇڏي. گوانٽاناما بي جهڙا بدنام زمانه جيل ٺاهيا ۽ قيدين تي تشدد ڪيا. تازو ئي ظاهر ٿيل اهڙي رپورٽ ان تان پردو کنيو آهي آمريڪي رياست ۽ معاشي هڪ متفقه سوچ کي اڳتي وڌائيندي هڪ اهم معاملي کي کنيو ۽ سرزمين جو تحفظ ڪرڻ خاطرقومي سلامتي کي درپيش بحران کي منهن ڏين لاءِ نئون سياسي ۽ نظرياتي معيار تجويز ڪيو. صرف اهو ئي نه ته فوج جتي چاهي ڪاري ضرب لڳائيندي، پر دشمن جو  تعين به پاڻ ئي ڪندي ۽ ٻين معاملن تي قومي سلامتيءَ کي ترجيح ڏني ويندي. عزم چوسڪي جهڙا دانشور چوندا رهيا ته اها سوچ اپنائيندي آمريڪا پنهنجي دشمن جي (جن کي اهو تباههُ ڪرڻ چاهي ٿو) جي صف ۾ کڙو نظر ايندو. پر ان سان ان تي ڪو اثر نه پيو. عام ماڻهوءَ پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. رياست ۽ فوج دشمن سان انسانيت سوز سلوڪُ  روا رکيو ڇو ته ان جي خيال ۾ اهو ڪنهن رعايت جو مستحق نه هو، تنهنڪري ان غريب جيل مان آيل دهشتناڪ ڪهاڻين کي نظرانداز ڪرڻو پيو ڇو جو رياست جي تحفظ جي راهه ۾ سياسي ۽ سماجي احساسن جو ڪهڙو ڪم؟

آمريڪا ان ڏس ۾ خوش قسمت ملڪ اسان کان مختلف هو، اتي هڪ مستحڪم جمهوري نظام موجود آهي. ٻئي طرف اهڙي پاليسي اسان وٽ موجود ڪمزور سياسي نظام کي سڌي يا اڻ سڌي طرح نقصان پهچائيندي، ڪيترائي ماڻهو سياستدانن جي مذمت ڪندي چئي رهيا آهن ته جڏهن اهي انتهاپسندن سان تعلق رکن ٿا ۽ انهن جو بچاءُ ڪري رهيا آهن ته پوءِ سندن ڪهڙي ضرورت آهي؟ تنهنڪري ٿڪل سياسي حڪومت اڀرندڙ انهيءَ نئين حقيقت اڳيان جلد ئي هٿيار ڦِٽا ڪري ڇڏيندي. سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو اهو بحث ڇيڙي ويٺا آهن ته جيڪڏهن انتهاپسندن کي شڪست ڏيڻ جي ڪاوش ۾ سياسي حڪومت جي قرباني ڏيڻي پئجي وڃي ته به ڪو گهاٽو ناهي، هونئن به ڇا هڪ نئون پاڪستان جوڙڻ جي ضرورت محسوس ٿي نه رهي هئي. اهڙو پاڪستان، جيڪو موجوده پاڪستان کان مختلف نظر اچي؟ بهرحال ڏسڻ ۾ ته ائين ٿو اچي ته جيڪڏهن موجوده حڪومت جي قرباني به نه ڏيڻي پئي ته به اها پوئين سيٽ تي ويهندي ان رياستي پاليسيءَ جي اخلاقي ذميواري کڻي ويندي جنهن کي اُن نه ٺاهيو هوندو.

سياسي طبقي کي ان حقيقت جو ادراڪُ ڪرڻو پوندو ته نئين مقبول سياسي سوچ سندن حق ۾ ناهي. تاثر اِهو چيو وڃي ته اِها فوجَ آهي، جنهن ماڻهن جو تحفظ ڪيو. دهشت گردن کي سزا ڏني ۽ سلامتيءَ کي يقيني بڻايو. حال ۾ ئي، مون فيس بوڪ تي هڪ پيغام ڏٺو. جن ۾ سياستدانن جي جنرلن سان ڀيٽ ڪئي وئي هُئي. چيو ويو ته سياستدان پنهنجي ٻارن کي تعليم لاءِ ولايت موڪلن ٿا، جڏهن ته فوجي جنرلن پنهنجي ٻارن کي وطن جي تحفظ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ موڪلن ٿا. يقيني طور فوجين جي ان قومي خدمت کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي پر اهم معاملو هي آهي ته سياستدانن وٽ عوام آڏو رکڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي. لال مسجد اڳيان لبرل  سوسائٽي به ان تاثر کان پاڪُ نه هُئي، هجوم نعرا هڻي رهيو هو ته سياستدانن مولانا عبدالعزيز کي ڇو تحفظ فراهم ڪيو؟ اهو مُلو، جيڪو ڪڏهن برقعو پائي ڀڄَڻ جي ڪوشش ۾ پڪڙجي پيو هو، تنهن کي چئلينج ڪندي مظاهرين پاڻ کي ان ڪري محفوظ ڀانئي رهيا هئا جو اڄڪلهه فوج به انتهاپسندن جي پٺيان آهي ۽ اهي تصور ڪري رهيا هئا ته هاڻي معاشري ۾ لبرل سوچ رائج ٿي رهي آهي.

يقيني طور ان ماحول ۾ ڪوبه پيچيده سوال پڇڻ جي جسارت ڪري نه ٿو سگهي ته اِهي انتهاپسند ڪيئن وجود ۾ آيا؟ انهن جو سرپرست ڪير آهي؟ ڇو اڪثر انتهاپسند ملڪ جي هر حصي ۾ آزاد طريقي سان گهمي ڦري رهيا آهن؟ لال مسجد ٻاهران مظاهرو ڪندڙن وانگر ملڪ جي ٻين حصن ۾ رهندڙ ماڻهن جو خيال آهي ته هن وقت فوج وڏي اهم محاذ تي مصروف آهي ۽ اسان جي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، تنهنڪري اهڙا سوال اٿارڻ دانائي ناهي. اڳين ڏينهن ڪنهن ٽوئيٽ ڪيو ته”پشاور حملي کانپوءِ حڪومت جو پهريون ردعمل  هي هو ته سٺن ۽ خراب ٻنهي قسمن جي طالبان خلاف ڪارروائي ٿيندي، پر هاڻي موقف هي آهي ته اسان فوج سان گڏ بيٺل آهيون“. ٿي سگهي ٿو ته ان تحريڪ جي نتيجي ۾ لبرل ماحول قائم ٿي وڃي، پر سياسي ماحول کي يقيني طور نقصان رسندو. ان لبرل سوچ سان گڏ هڪ ٻيو مسئلو به آهي ته ان کي انتهاپسنديءَ جي گهرائيءَ جي پروڙ ناهي. جيڪو ڪجهه مولاناعزيز نه چيو هو پر سندس کوڙ سارا همنوا آهن. ان کان علاوه منبرنشين ٿيڻ اڄ جي حالتن ۾ ايترو آسان ناهي، جيترو نظر پيو اچي.

پشاور فائرنگ ۾ فوت ٿيلن سان ائين سمجھو ته رياست ۽ قومي سلامتيءَ جي نئين سوچ سان اختلاف به دفن ٿي چڪا. ايندڙ ڏينهن ۾ گم ٿيل ماڻهن ۽ چچريل لاشن بابت سوال پڇڻ ڏکيو  هوندو ۽ يقيني طور انهن واقعن ۾ اضافو به نظر ايندو. ان کان علاوه جيئن آمريڪا ۾ ڏسڻ ۾ آيو، چيو ويندو ته سوال اهم معاملن تان ڌيان هٽائي ٿا ڇڏين، تنهنڪري ان کان پاسو ڪرڻ بهتر آهي. هونئن به ماڻهو دهشت گردن جا لاش ڏسڻ ٿا گهرن، هاڻي شايد  ان سان به اثر نه پوندو ته فوجي ادارا، آمريڪي مدد حاصل ڪندي دهشت گردن جو ڊرون حملن ذريعي خاتمو آڻن. ڪيترائي ماڻهو، جن ڊرون حملن جا دستاويزي فِلمَ ٺاهيا هئا ۽ اهي انهن خلاف ڳالهيون ڪري رهيا هئا، هاڻي فقط پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي رهجي ويندا. پاڪستان جي شهري علائقن ۾ مسئلن جي انهن ڪارڻن کي برداشت ڪرڻ مشڪل ٿيندو ويندون، جن جو اهي ڪڏهن حصو ئي ناهن رهيا. تنهنڪري، بلوچستان، فاٽا ۽ سنڌ ۾ پيش ايندڙ پرتشدد واقعن تي ڳالهائڻ غير ضروري  نظر ايندو.اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اِهو نه وسارڻ گهرجي ته چوڌري نثار  اڳ ئي اعلان ڪري چُڪو آهي ته آپريشن دوران فوجي ادارا عورتن ۽ ٻارن تي گوليون ناهن هلائيندا ۽ جيڪڏهن تشدد ۽ اجتماعي نقصان جا واقعا پيش اچي به وڃن ته ڇا انهن جو ذڪر ڪرڻو پوندو؟ جنگ ۽ جنگ بحران عجيب قسم جي حب الوطنيءَ کي جنم ڏيندا آهن، جنهن کانپوءِ ٻئي ڪنهن Narrative  (بيانيي) جي گنجائش ناهي رهندي. شايد اسان ان طرح جي نظرياتي طور مربوط رياست جي تخليق طرف روان دوان آهيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.