نئين سج نئون سانحو آهي ؛واحد پارس هيسباڻي

جتي سانحا روز جو معمول ٿي ويندا آهن اتي ماحول ۾ ۽ انساني ڪيفيتن ۾ ڪا گهڻي تبديلي محسوس نه ٿيندي آهي. وقتي طور تي شوڪارا ۽ ٿڌا ساهه ڀري پنهنجي معمول جي مصروفيتن ۾ گم ٿي وڃبو آهي، جيڪو منظر هتي به نظر اچي رهيو آهي. نئين سج نئون سانحو ڄڻ ته هتان جو معمول ٿي ويو آهي. اهڙو ڪو به ڏينهن نه ٿو اچي، جنهن ڏينهن ڪنهن به سانحي جي خبر اسان جي سماعتن تائين نه پهچي. ڪڏهن دهشتگردي جي ڪنهن واقعي ۾ قيمتي انساني جانيون اجل جو شڪار ٿين ٿيون، ڪڏهن ڦر ۽ ڌاڙي دوران مزاحمت تي، ڪڏهن قبيلائي يا ذاتي تڪرار جي بنياد تي، ڪڏهن ڪنهن روڊ حادثي ۾ معصوم انسانيت جي رت وهڻ جو سلسلو جاري نظر اچي ٿو.ويجهي ماضي ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٿيل دردناڪ سانحي کانپوءِ تازو راولپنڊي جي امام بارگاهه آڏو ٿيل دهشتگردي جي واقعي کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ دهشتگردي ڪيتري انتها تي پهتل آهي. بس ڪٿي ڪا گنجائش ملڻ جي دير آهي، دهشتگرد هر وقت حملو ڪرڻ لاءِ تيار لڳا پيا آهن. هن صورتحال ۾ عوام پاڻ کي ڪٿي به محفوظ نه ٿو سمجهي. ذهني اذيت جو هڪ سلسلو آهي، جيڪو جيئن پوءِ شدت اختيار ڪندو پيو وڃي. ڏوهاري عنصر جنهن حڪمت عملي سان ڏوهن جون وارداتون ڪن ٿا، انهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڻ وٽ انتظامي سطح تي اها حڪمت عملي نظر نه ٿي اچي ۽ نه ئي اهلڪارن کي اهي سهولتون مليل هجن ٿيون، جيڪي جديد هجن. جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر ڪري ڏوهاري پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ۽ بيگناهه ماڻهو سندن نشانو بڻجي وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ هڪڙو تازو مثال ميرپورخاص ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي دوران ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪارن جو شهيد ٿي وڃڻ آهي. اهلڪارن جي جذبي ۽ قرباني جو ڪو جواب ڪونهي. هنن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ جهڙي نموني ڏوهارين جو گهيراءُ ڪيو ۽ جانين جي قرباني ڏني، ان تي کين سلام پيش ڪجي ٿو پر ايڏي اهم نوعيت جي آپريشن دوران اهلڪارن جي جاني نقصان جي امڪانن کي گهٽائڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ها، اها نظر نه آئي. مثال طور جيئن خبرن جا تفصيل ٻڌائين ٿا ته ڏوهارين جي گهر جو دروازو کڙڪايو ويو ۽ ڪنهن عورت دروازو کولي جڏهن پوليس کي پنهنجي سامهون ڏٺو ته هن ’پوليس پوليس‘ جون دانهون ڪيون، جنهن تي اندر موجود ڏوهارين سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڏوهارين طرفان پوليس جو نالو ٻڌڻ سان فائرنگ شروع ڪري ڏيڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي هر وقت الرٽ رهندڙ هئا. اها به خبر آهي ته ڌاڙيلن پوليس کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي آڇ ڪري دوکو ڏنو، يعني پوليس ان آڇ بعد جيئن ئي نرمي ڪئي ته مٿن هٿيارن جا منهن کوليا ويا. ڊي آءِ جي حيدرآباد جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن، عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي فائرنگ ڪئي ان ڪري پوليس کي نقصان پهتو. جيتوڻيڪ ان واقعي ۾ 4 بدنام ڌاڙيل مارجي ويا آهن، جيڪا آپريشن جي ڪاميابي آهي پر 5 اهلڪارن جي شهادت هڪ وڏو نقصان آهي ۽ آئينده اهڙن نقصانن کان بچڻ لاءِ حڪمت عملي کي جديد بنيادن تي جوڙڻ جي ضرورت آهي. ان آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ڏوهارين وٽ جديد هٿيار آهن، ان جي ڀيٽ ۾ پوليس وٽ سهولتون تمام گهٽ آهن. اها پنهنجي جڳهه تي حقيقت به آهي، جنهن طرف حڪومت کي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسين پوليس جي ڪارڪردگي تي تنقيد ته ڏاڍي سولي نموني ڪري ويندا آهيون پر ان وٽ سهولتون ڪيتريون آهن، ان طرف سوچڻ جي ذرو به ضرورت محسوس ناهيون ڪندا. ميرپورخاص ۾ پوليس جنهن بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ جنهن جذبي سان ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو آهي، ان جذبي کي داد نه ڏيڻ ناانصافي ٿيندي. پنهنجي ساٿين جي شهادت انهن ۾ وڌيڪ جذبو پيدا ڪيو ۽ هنن نيٺ ڌاڙيلن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. وزيراعليٰ طرفان شهيد اهلڪارن جي وارثن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ جو اعلان ڪرڻ بهترين فيصلو آهي پر اهڙي جاني نقصان کان بچڻ لاءِ پوليس کي جديد سهولتون، جنهن ۾ تحفظ جو سامان به اچي وڃي ٿو، اهي به ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي تحفظ جي يقين سان گڏ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪري سگهن.ٽيون ڏينهن ملير ڪراچي ڀرسان ميمڻ ڳوٺ وٽ جيڪو ڪوچ ۽ آئل ٽئنڪر وچ ۾ ٽڪر ٿيو آهي، اهو به انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ مسافر فوت ٿي ويا آهن. ڪراچي جي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته هي حادثو آئل ٽئنڪر جي ڊرائيور جي لاپرواهيءَ سبب پيش آيو. اسان وٽ روڊ حادثا هاڻي روز جي ڪهاڻي بڻجي ويا آهن. لاپرواهي جا اهي سلسلا سرعام نظر اچي رهيا آهن پر انهن کي روڪڻ وارو ڪير به ناهي. هتي حالت اها آهي ته توهان ڀلي ڪيتري به صحيح ڊرائيونگ ڪيو، پنهنجي سائيڊ سان هلو پر جيڪڏهن سامهون وارو يا سائيڊ وارو غلط ڊرائيونگ ذريعي توهان کي گاڏي هڻندو ته توهان ڇا ڪري سگهندا! هتي حادثا معمول بڻجي وڃڻ باوجود انهن جي امڪانن کي گهٽائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي پلاننگ نه پئي ڪئي وڃي. واقعي کانپوءِ روايتي افسوس جو اظهار ڪري معاملي کي وساريو وڃي ٿو. هڪ حادثي ۾ پوري جي پوري ڪوچ تباهه ٿي وڃڻ ۽ سمورا مسافر سڙي فوت ٿي وڃڻ ڪو معمولي واقعو ناهي، جنهن کي نظرانداز ڪري ڇڏجي. پر هتي اهڙي هر واقعي کي معمولي سمجهي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. تازو هالا ڀرسان هڪ وحشي صفت پيءُ پنهنجن پنجن معصوم ٻارن کي قتل ڪيو آهي. جتي صورتحال اِها هُجي جو ٻارڙن کي پيءُ قتل ڪندو هُجي، اُتي تحفظ جي ٻي ڪهڙي اُميد ڪري سگهجي ٿي؟روڊ حادثن جي ڪارڻن تي هنن ئي صفحن ۾ هڪ ٻه ڀيرو نه پر سوين ڀيرا لکجي چڪو آهي، جنهن ۾ ڊرائيورن جي لاپرواهي، روڊن رستن جي خراب حالت، گاڏين جو درست پوزيشن ۾ نه هجڻ وغيره شامل آهن پر انهن سببن کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪا اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي، اها نظر نه پئي اچي. سلسلو جيئن آهي تيئن آهي جي بنياد تي هلندڙ آهي،

جنهن ڪري محفوظ سفر وارو يقين ڄڻ ته هڪ خواب بڻجي ويو آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سوار ٿيڻ کانپوءِ غير يقيني وارو خوف هر وقت ذهن ۾ سوار رهي ٿو. خير خيريت سان پنهنجي منزل تي پهچڻ کي پنهنجي وڏي خوش قسمتي سمجهيو وڃي ٿو. اڪثر ائين ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪير حادثي کان بچي وڃي ٿو ته ڦرلٽ کان نه ٿو بچي سگهي. هلندڙ گاڏين تي ڦر جا واقعا به اسان وٽ عام ڳالهه بڻجي ويا آهن. عوام حالتن جي رحم ڪرم تي زندگي گذاري رهيو آهي. جنهن شيءِ جو نالو تحفظ آهي اهو کيس ڪٿي به ميسر ناهي، نه روڊ رستي تي، نه پنهنجي شهر ۾، نه پنهنجي پاڙي ۾ ۽ نه وري پنهنجي گهر ۾. ان کان وڌيڪ سانحو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو ماڻهو مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ به محفوظ نه هجن! دهشتگرد جن جو ڪو به مذهب ناهي، جن ۾ ڪا به انسانيت ناهي اهي هر جاءِ کي نشانو بڻائي رهيا آهن، انهن هٿان ڪير به محفوظ ناهي، معصوم ٻارڙا جيڪي گلن وانگر هوندا آهن، جن جو دنياداري وارن معاملن ۾ ڪو به واسطو نه هوندو آهي، اهي به هنن وحشين هٿان محفوظ ناهن. پشاور وارو سانحو ان جو تازو مثال آهي.

هنن سفاڪ قاتلن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيستائين ڀرپور قسم جي حڪمت عملي نه ٿي جوڙي وڃي، ۽ سندن رستا روڪ نه ٿي ڪئي وڃي، ايستائين هن قسم جي سانحن جا امڪان موجود رهندا. ڏوهارين کي منهن ڏيڻ لاءِ جتي نتيجاخيز پلاننگ جي ضرورت آهي، اتي روزمره جي هنن سانحن، جن ۾ روڊ حادثن کان وٺي ٻيا مسئلا شامل آهن، انهن جي امڪانن کي گهٽائڻ لاءِ به منصوبابندي جي ضرورت آهي. وک وک تي موجود هنن سانحن عوام کي ذهني ڪرب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. عوام جو سڪون برباد ٿي ويو آهي، اهي پنهنجون سرگرميون سولائيءَ سان نه ٿا ڪري سگهن. غيريقيني جو هڪ عالم آهي، جيڪو چئني پاسي نظر اچي رهيو آهي. جيڪڏهن حڪومت چاهي ته معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا، بس صحيح پلاننگ جي ضرورت آهي. عوام ڊگهي عرصي کان جنهن بي سڪوني واري ماحول ۾ ساهه کڻي رهيو آهي، ان کي ان ماحول مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ ان کي امن ۽ سڪون ڀري فضا ميسر ڪري ڏني وڃي، جنهن ۾ هو پنهنجي معمول جون سرگرميون سڪون سان جاري رکي سگهي. جيڪڏهن ڪير نوڪري ڪري ٿو ته اهو سڪون سان نوڪري ڪري سگهي. ڪير ڪاروبار ڪري ٿو ته اهو سڪون سان ڪاروبار ڪري سگهي. هي اغوا ٿي وڃڻ، ڦرجي وڃڻ ۽ مارجي وڃڻ جو خوف جيڪو هر وقت عوام جي ذهن تي سوار رهي ٿو ان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي گهرج آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.