نئين تاريخ لکندڙ بلاول ڀٽو زرداري؛ شرجيل انعام ميمڻ

                         اڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڀٽوز هميشه فيصلي ڪندڙ اشو رهيو آهي، جنهن کانسواءِ ملڪ جو سياسي تاڃي پيٽو اڌورو سمجهو ويندو آهي.پاڪستان ۾ جڏهن به جمهوري ادارن کي خطرو لاڳو ٿيو آهي، تڏهن ڀٽوز ئي ملڪ کي ريسڪيو ڪيو آهي. هاڻ هن ڀيرو ٻيهر تاريخي انهن پلن کي ارڙهين آڪٽوبر تي ورجايو ويندو.هي پل اهڙا ئي تاريخ ساز هوندا،جيڪي نئين تاريخ رقم ڪندا.

                         هڪڙي ارِڙهين آڪٽوبر اها هئي، جنهن تي محترما بينظير ڀٽو صاحبا پاڪستان وري هئي ۽ ان وقت جي آمر کي للڪاريو هو.ٻئي ارڙهين آڪٽوبر هي آهي ،جنهن دوران محترما شهيد جو موڀي پٽ بلاول ڀٽو پنهنجي جيجل ماءَ جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جو وچن ڪندو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترما شهيد جي آمد وقت به لکين انسانن جو سمنڊ آيو  هو، ڪراچي جا رستا، ڳليون ۽ چوڪ عوام سان ڀريل هئا،هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ پاڻ کي ورجائيندي.هن ڀيري بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سياسي ڪيريئر جي  باقاعده شروعات ڪندو.

هن ملڪ جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر لکن جي تعداد ۾ جلسي ۾ شريڪ ٿي پنهنجي وچن کي ورجائيندو ته ڀٽوز فيڪٽر هاڻ به سياست ۾ ايترو ئي اثرائتو آهي،جيترو ان کان اڳ هو.هن ملڪ کي هميشه نوجوان خون جي ضرورت پئي آهي.هن کان اڳ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي نانا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به ڦوهه جواني ۾ سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.جڏهن بئريسٽر ڀٽو جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هاڪ هئي.هاڻ پنهنجي نانا جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ  بلاول ڀٽو  به تاريخ سان نئون وچن ڪندو.هونئن به پاڪستان جي تاريخ ڀٽوز جي وچن جي ورجاءَ جي تاريخ آهي.

اهي ڌريون جيڪي سمجهن ٿيون ته بلاول ڀٽو زرداري جونيئر آهي، پاڪستان جي سازشي سياست جي ورن وڪڙن کان اڻ واقف آهي، اهي هي ڳالهه وساري ويهن ٿا ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي صرف پنهنجي والد سر شاهنواز ڀٽو جو سياسي تجربو ورثي ۾ مليو هو، پر بلاول ڀٽو زرداري کي هڪ ئي وقت ٻن سياسي خاندانن جو سياسي تجربو ورثي ۾ مليو آهي، هو وڌيڪ  Enrich آهي.هن جو سياسي  Back up  به وڌيڪ اثرائتو آهي.انهن مڙني ڳالهين سان گڏ هن جو نوجوان خون، جوش ۽ جذبو آهي.هن جي پاڪستان جي نوجوانن ۾ تمام گهڻي اپيل آهي، هن ملڪ جا نوجوان جن جي ووٽن جي گهڻائي آهي، اهي چاهين ٿا ته سندن آواز اقتدار جي ايوانن ۾ هجي.هنن جي دل جي ڳالهه سمجهڻ ۽ ٻڌڻ وارو ڪو هجي.بلاول انهن لکين ڪروڙين  نوجوانن جي دل ۽ دماغ جو آواز ۽ مظهر هوندو.

بلاول ڀٽو جا سياسي Mentors هن جا وڏڙا هوندا.هڪ طرف سندس پڙنانو، نانو، جيجل ماءَ ۽ سندس ڏاڏي جي سياست هوندي، ته ٻئي پاسي وري سندس والد ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڏاهپ ۽ ويزن هوندو.ان سان گڏ پارٽي جو تجربو به سرمايو آهي، جيڪو بلاول ڀٽو جي جهولي ۾ آهي.هو انهيءَ سموري ورثي جو والي وارث هوندو.هن کي ڪروڙين عوام کي سنڀالڻو آهي، جنهن بي انتها قربانيون ڏنيون.جن ڀٽوز جي سياست لاءِ پنهنجن ڪيترن ئي نسلن کي قربان ڪري ڇڏيو.اهي جيڪي ڀٽوز جا جيالا آهن، جيڪي پنهنجي جان جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار رهيا آهن. اهي جن جا والدين، جن جا پٽ، جن جون نياڻيون ۽ الهه تلهه پارٽي جي سياست تان قربان ٿيا، بلاول انهن سمورن ڪارڪنن ۽ شهيدن جو وارث آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلڪل انهيءَ انداز سان سياست ڪندو،جيئن ان جي وڏڙن ۽ سياسي اڳواڻن ڪئي.هن کي جيڪا عوام جي سمونڊ جي صورت ۾ پارٽي ۽ ان جا جيالا ورثي ۾مليا آهن ، انهن کي سنڀالي هلڻو آهي.هن کي سياسي پروگرام کي اڳڀرو وڌائڻو آهي، جنهن جي نويد هن جي وڏڙن ۽ پارٽي جي بانين ڏني  هئي.

پارٽي اڄ به اٽي،لٽي ۽ اجهي جي ويزن تي قائم آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي انهيءَ ويزن کي وڌائڻ لاءِ هميشه قدم کنيا آهن.پارٽي ڪنهن به ملڪ جي شهري کي بيروزگار ڪرڻ بدران باروزگار ڪيو آهي.ان انهن خاندانن کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو ۽ ڪفالت ڪئي، جيڪي انتهائي هيٺان کان مٿي آيا هئا.عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا، اهي به سڀني جي سامهون آهن.عوام شاهد آهي ته پارٽي جڏهن به اقتدار ۾ آئي ته ان جو مول متو عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي هو.ڇاڪاڻ ته هن پارٽي جي پيڙهه ۾ عوام دوستي آهي.اهو ئي سبب آهي،جو عوام هميشه اميرن بدران هن غريبن جي پارٽي کي اوليت ڏني.هاڻ ان عزم کي ورجائڻو آهي.بلاول ڀٽو جيڪا اميد کڻي آيو آهي، اها انشاءَ الله ضرور پوري ٿيندي.

ملڪ ۽ سنڌ جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر لکن جي تعداد ۾ شريڪ ٿي ڪري اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته ان جنهن مشن جي شروعات ڪئي هئي، اهو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي.عوام جي خوشحالي جو مشن، ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي جو مشن جاري آهي.تاريخ عوام جي ڀلائي جي مشن جي مشعل پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي آهي.ان ۾ ڪوبه شڪ ۽ شبهو نه هجڻ گهرجي ته عوام جي مشن سان ڪا خيانت ٿيندي.عوام سمجهي ٿو ته انهن جو حقيقي ڏوکي بلاول ڀٽو ئي آهي.

اهي سياسي اڳواڻ جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن ۽ ڪارڪنن تي تنقيد ڪن ٿا.انهن کي خبر ئي ناهي ته شهيدن جا وارث ڪيئن ٿيندا آهن.انهن کي انهن جي احساسن ۽ اميدن جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي.هنن جي سيني ۾ انساني دل به ناهي.هنن جا دماغ سمجهڻ کان قاصر آهن.انڪري هو عوام کي رڍون ۽ ٻڪريون سمجهن ٿا.عوام اصل طاقت آهي.عوام جو راضپو ئي اصل ڳالهه آهي.عوام جنهن کي چاهي ان کي پٽ تان کڻي کٽ تي ويهاري سگهي ٿو، جنهن کي چاهي پنهنجن صفن کان ٻاهر ڪري سگهي ٿو.اهي جن کي عوام آزمايو،جن تي اعتبار ڪيو اهي ديس دروهي نڪتا.اهي انهن جي اعتماد تي پورا نه لٿا.پر بلاول جو جنهن سياسي خاندان سان واسطو آهي، ان هميشه عوام سان وفا ڪئي آهي.هي محبت ڪندڙ خاندان آهي، جنهن پنهنجن ساٿين سان ساٿ نڀايو.

هاڻ بلاول لکين انسانن جي سمنڊ جي اڳيان پنهنجي نانا ۽ والده محترما جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جو وچن ڪندو.هي اهو ئي وعدو آهي جنهن تي پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ ڏينهن تائين عمل ڪندي رهي آهي.پارٽي جو هي نوجوان سرواڻ آهي، جيڪو ڪروڙين عوام جو مهندار ۽ سپه سالار آهي.ان ۾ ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي ته هو پنهنجي وڏڙن جي ڏسيل گس تي نه هلندو.يقينن هو پارٽي قيادت جي گڏيل ڏاهپ کي اڳتي وڌائيندو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڌيڪ ميچوئر پارٽي بڻائيندو.هن جي سياست ائين ئي تاريخ جو رخ موڙيندي،جيئن هن جي نانا ۽ والده محترما موڙيو.تاريخ جو هي سلسلو جاري رهندو.شهيدن جو هي قافلو جاري آهي ۽ جاري رهندو.لکين عوام جو هي اڳواڻ پنهنجي ڏاهپ ۽ ذهانت سان تاريخ جو رخ موڙيندو ۽ اهو سلسلو هميشه جيان جاري ۽ ساري رهندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *