مڪاني چونڊ مهم ۽ سياسي ڳٺ جوڙ جي شروعات :خالد ٻانڀڻ

سنڌ جي مٿانهين يعني اُتر واري علائقي ۾ مڪاني چونڊن کان پهرين سياسي سرگرميون زور وٺي ويون آهن، هڪ ئي پارٽي اندر رهندي ڪيترن سالن کان اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ اليڪشن کان پهرين اچانڪ رات پيٽ ۾ پاڻ ۾ پرچي ويا آهن، سندن اوچتي ٺاهه سکر جي سياسي سرگرمين ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. پر ڇا هي ٺاهه صرف مڪاني چونڊن تائين محدود رهندو يا اڳتي به پائيدار هوندو؟ مان سمجهان ٿو ان جي گارنٽي ٻئي سياسي حريف به مضبوط دليلن سان ڪونه ڏئي سگهندا. ڇو ته اهڙا ٺاهه ٻنهي جي وچ ۾ اڳ به ٿيندا رهيا آهن پر تازو پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران چونڊيل نمائندن جي ويجهن رشتيدارن کي مڪاني چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽون نه ڏيڻ واري اعلان کين ان ڪري ويجهو آندو آهي ته سيد خورشيد شاهه کي پنهنجي پٽ فرخ شاهه کي ضلعي چيئرمين شپ ۽ اسلام الدين شيخ کي پنهنجي پٽ بئريسٽر ارسلان شيخ کي ميئرشپ ڏيارڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽون وٺڻيون آهن. ان ٺاهه سان جتي ڪجهه حلقن ۾ خوشي ٿي آهي، اتي اڪثريت کي ٻنهي جي ٺاهه سان تڪليف پڻ پهتي آهي.

هنن ٻنهي ڌرين وچ ۾ جيڪڏهن ڪو نڌڻڪو ٿيو آهي ته اهو آهي سياسي ورڪر! هن ڀيري وري به ٽڪيٽون جيڪڏهن ساڳين خاندانن ڏانهن وڃن ٿيون ته ورڪر لڏو وري به مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهندو. سيد خورشيد شاهه چئي ٿو جيڪڏهن هڪ سياستدان ۽ ان جو خاندان عوام جي وچ ۾ ٻارنهن ئي مهينا رهي ٿو ته اها موروثي سياست ناهي. مڃيوسين ته موروثي سياست ناهي پر ڇا پارٽي اندر باقي ڪو ٻيو سگهارو ڪارڪن، پڙهيل لکيل نوجوان سياستدان ناهي؟ اسان کي پوري لسٽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ڳڻائي وڃي ٿي پر انهن مان 90 سيڪڙو منصوبا اڌ ۾ رليا پيا آهن؛ ائين جيئن غربت، ڪرپشن، بدامني پکڙي پيئي آهي. ان جو خاتمو ڪير ڪندو؟ ان لاءِ هنن وٽ ڪا سچائي ڪو بهتر منصوبو نظر ڪونه ٿو اچي.

ڳالهه رڳو خورشيد شاهه، اسلام الدين شيخ تائين محدود ناهي پر مڪاني ادارن جو صوبائي وزير سيد ناصر شاهه به هن وقت روهڙي تعلقي تان پنهنجي پٽ ڪميل حيدر شاهه کي ناظميءَ جي ٽڪيٽ ڏيارڻ لاءِ اتاولو آهي ۽ هن ٺاهه ۾ ان جو اهم ڪردار آهي. رات جي اونداهيءَ ۾ اپوزيشن اڳواڻ صوبائي وزير سکر هائوس تي پهچي ڪري ٺاهه کانپوءِ اهڙي فارمولي تي اتفاق ڪيو آهي ته هو پنهنجي اولاد خاطر ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. ڇو ته اقتدار جي جنگ ٻنهي ڌرين کي نقصان طرف وٺي ٿي وئي. ان لاءِ هنن ٺاهه ۾ ئي پنهنجو ڀلو سمجهيو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ فنڪشنل ليگ ڪارنر گڏجاڻيون، راڄوڻي اجلاس، گهر گهر وڃڻ واري مهم صرف پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته مسلم ليگ نواز جو سکر ۾ ڪٿي به ايڏو وڏو اثر ڪونهي ڪو، جو هو يوسي ناظمي سيٽ به کٽي سگهن. مڪاني چونڊن ۾ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن اندر پهريون مرحلو آهي، جتي 350 سيٽون مختص ٿيل آهن. اميدوارن جي پارٽي ٽڪيٽ تي 30 سيپٽمبر تائين واڌ ٿي چڪي آهي. تڪ بندين تي سخت اعتراض ڪورٽن تائين پهچي چڪا آهن، جن تي ٻڌڻيون هلندڙ آهن. سکر سٽي ۾ وري ايم ڪيو ايم جو ووٽ بئنڪ آهي پر پارٽي عتاب هيٺ هجڻ سبب انهن  اڃا ڪا مضبوط مهم شروع ناهي ڪئي.

خورشيد شاهه- اسلام الدين جو ٺاهه خاص فوڪس سکر سٽي به آهي. شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۾ وري مهر، جتوئي، سومرا، ڀيا، ڪماريا، جکراڻي، کوسا، بجاراڻي، پتافي، لنڊ سردار سرگرم آهن ته وري خيرپور ۾ سيدن، وساڻن، ٻانڀڻ، کرل جو راڄ آهي، سڀ جا سڀ ساڳيا خاندان پنهنجي اولاد لاءِ ميدان تي لهي آيا آهن ۽ هن ڀيري به هو اهڙو موقعو هٿن مان وڃڻ نه ڏيندا. جيڪڏهن موقعو هٿن مان ويندو ته اهو وري به آزاد اميدوار، عام عوام ۽ مظلوم ورڪر لڏو هوندو. پ پ، فنڪشنل ليگ، تحريڪ انصاف اميدوارن کان درخواستون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن پر حقيقت اها آهي ته اليڪشن جا خواهشمند پارٽي ٽڪيٽن کان وڌيڪ ذاتي طور تي فارم ڀرائڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن ۽ پراڻن اڳواڻن کي ورڪ ميدان ۾ منهن ٽوڙ ته جواب ڏئي رهيا آهن پر پارٽي اندر خاص ڪري پ پ اندر شديد اختلاف سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. کوڙ سارن اهڙن اڳواڻن جا نالا مليا آهن، جن اسان کي فون ڪري پنهنجا خدشا ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايا آهن ته هڪ دفعو ٻيهر پارٽي اندر مڪاني چونڊن ۾ ناني ويڙهو ڪيو پيو وڃي؛ جنهن جا خراب اثر نڪرندا.

هاڻي اهو اڳواڻن تي ڇڏيل آهي ته ٽڪيٽن جي ورهاست کانپوءِ جيڪا مزاحمت خاموشيءَ سان ڪَرُ کڻي رهي آهي، ان کي ڪهڙي ريت منهن ڏيندا؟ جيڪو هنن جو حق آهي، هي تبديلي جو زمانو آهي. آزمايل ۽ مدي خارج احوالن جي سياست هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. جيڪو عوام جو فيصلو هوندو، ان فيصلي کي ڪجهه خاندان خريد ڪري نٿا سگهن. ڏاڍ، زبردستي ۽ جبر جي سياست ختم ڪرڻي پوندي، پنهنجي گهر کان نڪري پبلڪ جو خيال رکڻو پوندو. ٻي صورت ۾ ايندڙ سونامي گهڻن کي ٻوڙي ڇڏيندي. پيرن، ميرن، سردارن، وڏيرن جي سياست کي الوداع ڪرڻو پوندو، نيزي مٿان نئون سج اڀارڻ لاءِ سول سوسائٽي جيڪڏهن پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته هي سياستدانن جا وقتي اتحاد پوري معاشري کي انارڪيءَ جي اهڙي دٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيندا، جتي رڳو تباهي کانسواءِ ڪجهه ڪونه هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *