مڪاني چونڊن ۾ ڪير ڪنهن جو مِٽُ: وسعت الله خان

پاڪستان جي چئني صوبن ۾ سڄي سال تي ڦهليل مڪاني چونڊن جو عمل مڪمل ٿيو. گذريل سال بلوچستان آڳ کنئي، وري خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون ٿيون ۽ گذريل هڪ اڌ مهيني دوران پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٽن مرحلن ۾ هيءُ عمل پورو ٿيو آهي. ان کان هٽي ڪري ته هنن چونڊن ۾ ڪنهن کٽيو، ڪنهن هارايو، ڪي لاڙا واضح طور سامهون آيا.

مثال طور چوڻ لاءِ ته عورت ووٽرن جو تعداد گهٽ وڌ اڌ تي اڌ آهي پر جيڪڏهن مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي کي ڪسوٽي سمجهي وٺجي ته چونڊ عمل ۾ اڄ به عورتن جي شرڪت ووٽ ڏيڻ کان اڳتي ناهي وڌي. جيڪڏهن مڪاني ايوانن ۾ عورتن لاءِ مخصوص سيٽن جي ڪوٽا نه هجي ته شايد حالتون اڃا به ابتر نظر اچن.

مثال طور سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي آخري چونڊ مرحلي ۾ 12 ضلعن جي جنرل سيٽن تي 31 هزار 848 اميدوار بيٺا، جن ۾ عورت اميدوارن جو تعداد 90 هو. رحيم يار خان ضلعي ۾ ته هڪ به عورت اميدوار جنرل سيٽ تي چونڊ نه وڙهي.

پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڳتيل ۽ آباديءَ واري شهر ڪراچي عرف مني پاڪستان ۾ به حالتون اهڙيون ئي رهيون. هتي جي ڇهن ضلعن ۾ ڪل اميدوار 5 هزار 484 هئا، جن ۾ عورت اميدوارن جو تعداد 133 هو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ ۾ درزن کن ذڪر جوڳيون سياسي جماعتون ۽ اتحاد هڪ ٻئي جي مدمقابل هئا ۽ انهن ۾ ڪابه جماعت اهڙي ناهي جنهن عورتن جي برابري ۽ انهن جي حق جو عَلَم بلند ڪري نه رکيو هجي.

ڪراچيءَ ۾ ٽين جنس سان تعلق رکندڙ تقريبن چار هزار ووٽر رهن ٿا. جيتوڻيڪ 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ ٽين برادريءَ سان متڀيدي سلوڪ کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، پر چونڊ لاءِ اميدوارن جي فارم ۾ ٽين جنس جو خانو ئي نه هو. نه ئي ڪو اهو ٻڌائڻ وارو هو ته انهن جو ووٽ مردن جي پولنگ اسٽيشن تي آهي يا عورتن جي.

ٽين جنس جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ هڪ سرڪردا شخصيت بنديا رانا جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين نادرا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ چار هزار کدڙن فقيرن مان لڳ ڀڳ اڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا آهن پر اسان جي ووٽرن لاءِ الڳ انتظام ناهن ڪيا ويا، تنهن ڪري اسان چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهيون.

بنديا 2013ع وارين عام چونڊن ۾ هڪ صوبائي تڪ تان چونڊ وڙهي پر هاڻي سندس مطالبو آهي ته جيستائين سندس برادريءَ کي عورتن، اقليتن، مزدورن، هارين ۽ نوجوانن وانگر مڪاني ادارن ۾ مخصوص سيٽون نه ٿيون ڏنيون وڃن ته اها چونڊ عمل کان الڳ ٿلڳ رهندي، ڇو جو ڪير به ناهي جيڪو خود سندن علاوه سندن حقن ۽ مسئلن کي سمجهي انهن لاءِ آواز اٿاري سگهي.

جيستائين غير مسلم پاڪستانين جي مڪاني چونڊ عمل ۾ شرڪت جو معاملو آهي ته ڪراچيءَ ۾ صورتحال ان حوالي سان همت افزا رهي آهي جو سئو جي لڳ ڀڳ غير مسلم اميدوارن عام سيٽن تي آزاد حيثيت ۽ پارٽي ٽڪيٽ تي قسمت آزمائي. انهن مان گهڻن جو تعلق هندو برادريءَ سان هو. پنجاب جي 12 ضلعن ۾ 51 غير مسلم اميدوار ٽين مرحلي ۾ رکيل مقابلي وارين سيٽن تي بيٺا. جيتوڻيڪ تمام گهٽ کي ڪاميابيءَ جي اميد هئي پر سماجي حالتن کي ڏسندي في الحال اها به غنيمت آهي. پر اوڪاڙه مان هڪ عيسائي بلدياتي ڪائونسلر هڪ اهڙي تڪ تان ڪامياب ٿيو آهي، جتي 93 سيڪڙو مسلمان هئا.

جيتوڻيڪ مڪاني ادارن ۾ غير ملسمن لاءِ پنج سيڪڙو مخصوص سيٽون آهن پر اقليتي برادريءَ وارا مطمئن ناهن، ڇو جو سندن بقول انهن سيٽن تي چونڊجندڙ اڪثر ڪائونسلر پاڻ کي نامزد ڪندڙ جماعتن جي احساسن هيٺ دٻيل رهن ٿا جو پنهنجي برادريءَ جي حقيقي مسئلن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ کان قاصر رهجي وڃن ٿا.

هڪ رجحان اهو به ڏسڻ ۾ آيو ته هڪ ٻئي سان مقابلو ڪندڙ امدوارن انفرادي طور سيٽ ايڊجسٽمينٽ جا ٺاهه به ڪيا ۽ انهن ٺاهن جي راهه ۾ سياسي ۽ نظرياتي رڪاوٽن کي به ليکي ۾ نه آندو.

مثال طور ڪراچي جي ضلعي ملير جي مظفر آباد يونين ڪائونسل ۾ راهه حق پارٽي عرف اهل سنت والجماعت عرف ڪالعدم سپاهه صحابه جي اميدوار مولانا محي الدين يونين ڪائونسل جي چيئرمين شپ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي حمايت يافته اميدوار مثال خان کي وائيس چيئرمين جو اميدوا بڻايو. ٻنهي اميدوارن جيڪي پوسٽر ڇپرايا تن ۾ اهل سنت والجماعت جي اڳواڻ ضيا الرحمان فاروقي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي گڏ ڏيکاريو ويو. جڏهن پپيلزپارٽي ڪراچيءَ جو ڌيان ان طرف ڇڪايو ويو ته جواب هو ته اسان جي اميدوار اهل سنت نه پر راهه حق پارٽيءَ سان ايڊجسٽمينٽ ڪئي آهي.

ڪورنگي ضلعي جي يونين ڪائونسل 14 ۾ مسلم ليگ نواز جي عبدالرحمٰن تحريڪ انصاف جي ياسر بلوچ سان چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي جوڙي ٺاهي شينهن جي گڏيل نشان تي چونڊ وڙهي.

ڪراچي ضلعي اوڀر جي يونين ڪائونسل 5 تي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي گڏيل اميدوار فراز آفريديءَ چيئرمين ۽ غلام عليءَ نائب چيئرمين لاءِ شينهن جو گڏيلو نشان چونڊيو.

ضلعي اوڀر جي يونين ڪائونسل 15 ۾ جمعيت علماءِ اسلام ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي گڏيل اميدوارن بتيءَ جي نشان تي پنهنجي جوڙي ٺاهي.

ڪراچي ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي يونين ڪائونسل 25 ۾ نصر احمد چيئرمين شپ لاءِ ۽ حبيب الرحمان نائب چيئرمين شپ لاءِ تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، پيپلز پارٽي، جمعت علماءِ اسلام ۽ اهل سنت والجماعت جي گڏيل حمايت سان چونڊ وڙهي.

ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ بلديا ٽائون جي يونين ڪائونسل 34 ۾ جماعت اسلاميءَ جي اميدوار کي تارازيءَ جو نشان پوسٽر تي ڇاپڻ سان به تسلي نه ٿي ته هن پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري جي تصوير به عمران خان ۽ سراج الحق سان گڏ ڇاپي ڇڏي. ڪجهه اميدوارن محبت ۾ اچي جنرل راحيل شريف جي تصوير به ڇاپي ڇڏي پر جڏهن ان کي سمجهايو ويو ته فوج سياسي جماعت ناهي ته ان کي بي دليو ٿي نوان پوسٽر ڇپرائڻا پيا.

سو هي آهي جماعتي بنيادن تي پهريون ڀيرو ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي جمهوريت جو حسن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *