ڪجهه ڪچهريون دوستن جون امانتون هونديون آهن، تنهن ڪري ڪنهن جو نالو کڻڻ کان سواءِ هيءَ ڳالهه پڙهندڙن آڏو ان ڪري رکي رهيو آهيان ته اسان فقط تبديلي جي ڳالهه ڪريون ٿا، پر ذهني طور تبديل ٿيڻ لاءِ تيار ناهيون، ٿيو ڪجهه هن ريت هيو ته اسين بين الاقوامي سياسي صورتحال تي ڳالهائيندي چين-پاڪستان راهداري ۽ افغانستان جي صورتحال تي دليلن سان بحث ڪري رهيا هئاسين، ان دوران اسان جي هڪ سينيئر صحافيءَ کي هڪ معتبر قومپرست سياسي گهراڻي سان واسطو رکندڙ سياسي اڳواڻ جو فون آيو، فون تي صحافي ۽ ان قومپرست اڳواڻ وچ ۾ مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، ان فون کان پوءِ اسان جو موضوع بين الاقوامي سياسي صورتحال بجاءِ مڪاني چونڊون بڻجي ويو. ان صحافي دوست ٻڌايو پئي ته جيئن ته مڪاني چونڊن راڄن جي اليڪشن هوندي آهي، تنهن ڪري هو هن اليڪشن ۾ ان قومپرست گهراڻي سان چاهيندي به ان ڪري گڏ بيهي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته برادري ۽ راڄ هن مڪاني چونڊن ۾ هڪ سردار جي پاسي ٿي بيٺا آهن، هن فون تي ته ان قومپرست اڳواڻ کي اها مٿين ڳالهه نه چئي هئي، پر هو هن مڪاني چونڊن ۾ پنهنجي راڄ سميت ان سان گڏ بيٺي نظر نه پئي آيو، جڏهن مون ان صحافي جو مڪاني چونڊن بابت اهڙو تبصرو ٻڌو ته اسان جي دانشورن ۽ تبديلي پسندن جو سمورو فڪري پورهيو ڄڻ اجايو پئي لڳو، نج جاگيرداراڻي نفسيات رکندڙ سنڌ جي چند خاندانن ۽ جمهوري وڏيرن سنڌ ۾ ان قسم جي سياسي ڪوڙڪي هنئين آهي، جنهن ۾ نه چاهيندي به ماڻهو ڦاسي ٿا پون ۽ سماجي ۽ سياسي شعور جي ارتقا وارو سفر صفا جهڪو ۽ تيز وهڪري جي ابتڙ، نه هجڻ برابر ٿيو پوي.
پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي شڪل ۾ ماڻهن کي هڪ نئون متبادل مليو آهي، عمران خان جي سياست سان سهمت نه هوندي به اها ڳالهه واضح طور سامهون آئي آهي ته لاهور ۾ جڏهن عمران خان جلسن ذريعي ماڻهن سان مخاطب ٿئي ٿو ته هزارين ماڻهو انهن جلسن ۾ شريڪ ٿين ٿا. مسلم ليگ (ن) کي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ سخت پريشان ڪري وڌو آهي، پر سنڌ جي اها بدقسمتي آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ ڪا ترقي پسند، پيپلز پارٽي کان وڌيڪ جمهوريت پسند پارٽي يا ڌر سگهاري شڪل ۾ موجود ناهي. پ پ کان پوءِ سنڌ جي هر ضلعي ۾ ٻئي نمبر تي اهڙا سياسي بت بيٺل آهن، جن سنڌ کي پيپلز پارٽي کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي، تبديلي جي هلڪي چڻنگ ضرور ٻرندڙ آهي، پر ان چڻنگ کي باهه جي مچ ۾ تبديل ڪرڻ واري سياسي پارٽي يا قيادت نه هجڻ ڪري سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن خاندانن مٿي کان هيٺين سطح تائين اقتدار تي قبضو ڪري ورتو آهي، اوهان ۽ اسان جڏهن ميڊيا تي سنڌ جو سياسي منظرنامو ڏسون ٿا ته سکر کان ميرپورخاص تائين مڪاني چونڊن ذريعي سڄيءَ سنڌ ۾ انهن ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن خاندانن کي ضلعا حوالي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جن خاندانن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڏني وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت به انهن ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن خاندان جي حوالي ٿيل آهي.
هتي تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌ ۾ بلدياتي ادارا به مستقبل ۾ ائين ئي هلڻا آهن، جيئن اڄ جي سنڌ حڪومت هلي رهي آهي، اهڙن چيئرمينن جي چونڊجي اچڻ بعد هيٺين سطح تي حڪمرانيءَ جو حال به اهڙو ئي ٿيندي نظر اچي ٿو، جهڙو اڄ جي سنڌ حڪومت جو آهي، اسان کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته فيصلي ڪرڻ وقت جيڪڏهن سنڌ جو اجتماعي شعور ننڊ ۾ ستل هوندو ته نئين ۽ خوشحال سنڌ وارو خواب ساڀيان نه ٿي سگهندو ۽ خوشحال ۽ نئين سنڌ واري سوال کي اسان کي قومي خوشحالي واري اک سان ڏسڻ گهرجي.
مون کي هڪ سوال انهن قومپرست جماعتن کان به ڪرڻو آهي، جيڪي سنڌ ۾ پارلياماني سياست ڪرڻ جي حق ۾ آهن ۽ هو سمجهن ٿا ته اسيمبلين ۾ پهچي هو سنڌ جو آواز بڻجي سگهن ٿا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا تڪ ته ڊگها هجن ٿا، اها اليڪشن وڌيڪ محنت گهري ٿي ۽ ان لاءِ تمام گهڻي پيسي جي ضرورت پوي ٿي، ان جي ڀيٽ ۾ مڪاني چونڊن ۾ گهٽ وسيلا گهربل هجن ٿا، جيتوڻيڪ ڪجهه قومپرست جماعتن مڪاني چونڊن جي ڪنهن حد تائين تياري ضرور ڪئي آهي، پر جاگيردارن ۽ جمهوري وڏيرن جي اتحادن ۽ سگهه اڳيان انهن قومپرست جماعتن جو پورهيو اهڙو ناهي ٿيل جنهن جي اڄ جي حالتن ۾ ضرورت آهي، ٻيو وڏو مسئلو هي آهي ته ماضيءَ ۾ قومپرست جماعتن جي اتحادن جي ٺهڻ ۽ جلدي ٽٽي وڃڻ ڪري هاڻ قومپرست جماعتون ڪنهن اتحاد جي شڪل ۾ گڏجي ويهڻ ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ هڪ پليٽ فارم تان حصو وٺڻ واري گهرج به پوري ڪرڻ جي قابل ناهن، هر قومپرست جماعت پاڻمرادو پنهنجا اميدوار بيهاري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ قومپرست ڌرين جي هڪ مضبوط ڌر طور سامهون اچڻ وارا امڪان گهڻي حد تائين گهٽجي چڪا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مڊل ڪلاس ۽ هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ سياسي ڪارڪن ڀوتارڪي سگهاري سياست سامهون بيهڻ جي قابل ناهن رهيا، قومپرست ڌرين جو نه گڏجڻ نه رڳو سنڌ جي مڊل ڪلاس واري سياست کي ڇيهو رسايو آهي، پر ان قسم جي متبادل نه هجڻ ڪري جاگيردارانه ۽ جمهوري وڏيرڪي سياست کي سگهه ملي آهي، هي ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن دوست کي تڪليف پهچائي ته ان کان اڳواٽ معذرت ڪندي هيءُ عرض رکبو ته اليڪشن ۾ سوڀ ۽ عوامي مقبوليت رڳو اخباري خبرن ذريعي حاصل نٿي ڪري سگهجي، روايتي جاگيردارانه سياست کي شڪست ڏيڻ لاءِ نج عوامي سياست، پورهيي، گڏيل اتحاد ۽ وسيلن جي ضرورت هجي ٿي.
سياسي ارتقا جو سفر ماٺو ضرور ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ان ارتقا ۽ تبديليءَ کي هٿ سان رنڊڪون وجهي روڪيو به ويندو آهي، پر اوس سماج کي اڳتي ئي وڌڻو آهي، سنڌ جي ڀوتارڪي سياسي ڪلچر ذريعي ڀلي سنڌ جو بلدياتي نظام ڀوتارن ۽ سردارن حوالي ٿيڻ جون تياريون ٿينديون هجن، پر سنڌ جي جاڳندڙ ضمير کي فقط هڪڙي ننڍڙي گذارش هيءَ ڪجي ٿي ته جنهن به شهر ۾ جتي به ڪو صاف سٿرو ماڻهو مڪاني چونڊن ۾ بيٺل هجي، ڀوتارڪي ڪلچر جي ڪک ۾ ضمير جي ٺوٺ هڻي پنهنجو ووٽ ان فرد کي ڏيڻ گهرجي، جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ کي تبديل ڪرڻ گهري ٿو.