مڪاني ادارن ۾ روينيو آفيسرن جي مقرريءَ وارو معاملو؛ايم بي عرساڻي

پروٽوڪول جو تصور ڏيندڙ اداري مان به وڃي ٿو پروٽوڪول ختم ٿيندو

گذريل ستن سالن کان سنڌ ۾ پاڪستان پپلز پارٽي حڪومت ڪري رهي آهي پهريان پنج سال آغا سراج خان دراني وزير رهيو ڇهه مهينن کان اويس مظفر هاشمي ۽ ڏيڍ سال کان شرجيل انعام ميمڻ وزير بڻيل آهي اويس مظفر ڪا نمايا تبديلي ڪا نه آندي ۽ انجو عرصو به ٿورو هيو، انڪري ان جي بجاءِ صرف آغا سراج خان دراني ۽ شرجيل انعام ميمڻ جي د‎ؤر ۾ جو تقابلي جائرو وٺبو.

آغا سراج خان درانيءَ جو دؤر :

آغا صاحب انتهائي طاقتور ۽ بادشاهه ماڻهو هو، سندس دؤر جي شروعات عوام جا چونڊيل ماڻهو بطور ناظم ڪم رهيا هئا، جن جو مدو پورو ٿيڻ بعد کين هٽايو ويو ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان ايڊمنسٽريٽرن جي مقرريءَ جو بل پاس ڪرايو ويو، ان سان مڪاني ادارن جي آفيسرن جي اهميت وڌي وئي ۽ هن صاحب اڌ سنڌ ۾ ماستر، ڊاڪٽر، بئنڪر، سئي گئس، يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن جا آفيسر گهرائي مقرر ڪرايا، جنهن تي گهڻو راضي هوندو هو اهو ايڊمنسٽريٽر به هوندو هو ته ٽي ايم او مقرر ڪرائيندو هو. هن دؤر ۾ ايگريڪلچر کاتي سان واسطو رکندڙ سندس پرائيوٽ سيڪريٽري ذوالفقار علي ڏهر عرف ڍولڻ ۽ تعليم کاتي سان واسطو رکندڙ سيڪريٽري سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ طور ڪم ڪندڙ عبدالحق ابڙو ڏاڍا مشهور ٿيا، جن کي بعد ۾ 19هين گريڊ سان نوازي سينئرن کان سينئر بڻايو ويو هن صاحب پنهنجي آخري ڏينهن ۾ مڪاني ادارن ۾ بي پناهه ڀرتيون ڪري کين تباهه ڪري ڇڏيو، ڪن ڪن ٽائون ڪميٽن ۾ ايترا ته ڪلرڪ آهن جيترا سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سروس جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊنيشن، فناس، تعليم ۽ صحت جهڙن وڏن کاتن ۾ به نه آهن ڪن ڪن ڪائونسلن ۾ ته چاليهه- چاليهه ،               پنجاهه –پنجاهه ڊرائيور آهن، ان لاءِ صرف ايترو چئبو ته.

“Absolute Power Corrupts Absolutely”

مطلب ته مڪمل اختيار مڪمل طور سان خراب ڪندو آهي هن دور ۾ مڪاني ادارن جي آفيسرن جي امير بڻجڻ جي شهرت ان حد تائين پهتي جو ڊي ايم جي ۽ ايڪس پي سي ايس آفيسرن جو وات به پاڻي ٿيڻ لڳو ۽ انهن مڪاني ادارن جي سربراهيءَ لاءِ چيف سيڪريٽري ۽ وزير اعليٰ تائين ڊڪ ڊوڙ ڪئي، اهڙا آرڊر به جاري ٿيا، پر آغا صاحب ان تي عمل ٿيڻ نه ڏنو.

شرجيل انعام ميمڻ جو دؤر

شرجيل صاحب ڏٺو ته مڪاني ادارن جا ايڊمنسٽريٽر کيس آغا صاحب واري اهميت نه ٿا ڏين ۽ سندس بجاءِ حد جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي اهميت ڏئي رهيا آهن، پر بدنام هو ٿي رهيو آهي ان ڪري هن پاڻ پهريائين ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر کي مڪاني ادارن جا خرچ منظور ڪرڻ جا اختيار ڏياريا، بعد ۾ ٻئي گروپ مان ڊي ايم جيءَ ۾ مرج ٿيل ۽ سنڌ ۾ ڊيپوٽيشن جي ڪڌي ڪم ۾ ملوث هڪ آفيسر جي چوڻ تي کين ڪنٽرولنگ اٿارٽي ۽ ايڊمنسٽريٽر جا اختيار ڏئي ڄڻ ته ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته وزير صاحب کان کاتو نه ٿو هلي ان ڪري ان کي ”اڌ تتر ۽ اڌ بٽير“ يعني اڌ روينيو ۽ اڌ لوڪل گورنمينٽ بڻايو ويو. اصل ۾ هن اهو کاتي کي سڌارڻ جي نيت سان نه پر پنهنجون ڪوتاهيون ۽ نااهلي روينيو وارن جي کاتي ۾ وجهڻ جي ارادي سان ڪيو آهي، ڇو ته جيڪڏهن کيس کاتي کي سڌارڻو هيو ته کاتي کي رموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪراچيءَ مان هلائڻ بجاءِ کاتي جي ڊئريڪٽرن اسسٽنٽ ڊئريڪٽر کي اختيار، گاڏيون ۽ ٻيون سهولتون ڏياري ۽ سندن تجربي مان فائدو وٺي اصلاحي فيصلا ڪري هان، ٻئي کاتي جي آفيسرن، جن جون ترقيون ٿين پنهنجي اصلي کاتي جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي وڏي ڳالهه ته جن کي تجربو به نه هجي اهي ڪهڙو انقلاب آڻيندا، سو به وري روينيو وارا! جن جا تپيدار ڪروڙ پتي، جن جي وڏن آفيسرن جي هائوسن ۾ ماني پچي رشوت جي يعني اهي ماني به پرائي جي کائن، جن جي کاتي کي گذريل سال ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل ڪرپٽترين کاتو قرار ڏنو!! ان سان ته سندس جان ڇڏائڻ جو منصوبو به پورو ڪو نه ٿيندو، ڇو ته جيڪو ڪجهه سيڪريٽريٽ سطح تي ٿي رهيو آهي، ڪنهن به آفيسر کي ٽن مهينن کان وڌيڪ نه ٿو رهڻ ڏنو وڃي، سينئارٽي لسٽون نه ٿيون شايع ڪيون وڃن، جيڪو ڪجهه چيف ميونسپل آفيسر، چيف آفيسر ۽ ٽائون آفيسر ڪري رهيا آهن انهن جو جواب ته کائنس پچيو ويندو. وزير موصوف جي جان ته تڏهن آجي ٿيندي جڏهن هو پنهنجي ۽ سيڪريٽري جي موڪل ڪرائي بورڊ آف روينيو ۾ هڪ ميمبر جو اضافو ڪرائي، کيس لوڪل گورنمينٽ جا معاملا ڏسڻ جي ذميواري سونپرائي يا صوبي سطح جا معاملا سروسز کاتي حوالي ڪرائي، ايڊيشنل سيڪريٽري سروسز-III مقرر ڪرائي. اڃا به بهتر اٿس ته استعفا ڏئي کاتي مان پنهنجي ۽ پاڻ مان کاتي جي جان ڇڏرائي باقي جيتري قدر کاتي ۾ سڌاري اچڻ جي ڳالهه آهي ته اهو بلڪل نه اچي سگهيو آهي، بلڪه SCUG آفيسرن کي ايڊمنيسٽريٽر جي روپ ۾ طاقتور گروپ جي” ڇٽي“ ملي وئي آهي، ڇو ته هو اهي آفيسر آهن جيڪي اينٽي ڪرپشن جي ٽنهي يعني ضلعي، ڊويزن ۽ صوبي سطح جي ڪميٽين جا سربراهه آهن، اينٽي ڪرپشن جا چيئرمن ۽ ڊائريڪٽر اهي ٿين، جڏهن ته کين نيب وارا به ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز وانگر ”مقدس ڳئون“ سمجهندا آهن، جنهن ڪري هر هڪ ڪائونسل ۾ جيڪو لک ٻن جو ڪم ٿيندو هو سو به حصو پتي ٿيو وڃي صفا ”لڪڙ هضم پٿر هضم“ وارو ڪم لڳو پيو آ، ان سبب ڪري ضلع ۽ ڊويزن سطح جي آفيسرن جي ته ٺهيو، پر پاڻ کي اداس، غمگين ۽ پريشان سڏائيندڙن جي به ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هن عمل سان نه صرف مڪاني ادارن واري کاتي جو رهيو کهيو ڪم لهي ويو آهي، پر روينيو جو به ڊسيپلين وڃي ٿو ختم ٿيندو، ڇو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪروڙن جي ماهوار بجيٽ جا مالڪ ٿيڻ ڪري وزيرن، مشيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي اکين جا تارا بڻجي ويا آهن، جنهن ڪري اهي صرف مرضيءَ جا اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪرائڻ ۾ پورا آهن. عوامي نمائيندن جي بي جا لفٽ هجڻ ڪري نه صرف اهي مڪاني ادارن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، پر ڊپٽي ڪمشنرن سان به هُدرا پيا ڏين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪمشنرن تي سندن موجودگيءَ ۾ ٽوڪيون ڪري رهيا آهن گورنمينٽ طرفان موڪليل آفيسرن جي جوائننگ به تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ايڊمنسٽريٽر يعني اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي مقرري ڪرائيندڙ عوامي نمائندو راضي ٿئي. ڇو ته اهي ايڊمنسٽريٽر جيڪي پنهنجي اصلي کاتي جي بالا آفيسرن کي اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، سي بلديات جي آفيسرن کي ڪهڙي اهميت ڏيندا، جن کي نه هو بدلي ڪري سگهن ٿا ۽ نه ڪا ٻي سزا ڏيڻ جا مجاز آهن. جنهن ڪري ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن ۽ ميونسپل ڪاميٽين جا ايڊمنسٽريٽر، جيڪي يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين جا ڪنٽرول اٿارٽي به آهن، سي سيڪريٽري ۽ وزير بلديات جي مٽيننگ ۾ وڃڻ پنهنجي شاهي عزت ۽ وقار جي خلاف سمجهندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-II کي موڪلي ڇڏيندا آهن، انهن پاران حاضرين تي به مڪاني ادارن جا آفيسر ويندا آهن. پوءِ به انهن کان گهٽين ۾ ٻهارا ڏيارڻ جي اميد رکڻ خام خيالي نه ته ٻيو ڇا آهي؟!. اهي ته صرف چيڪ ڪڍي ڄاڻن ٻيو ته جيڪڏهن روينيو وارا سڌارا آڻن به ها ته به ڪريڊيٽ وزير موصوف کي نه، پر روينيو عملدارن کي ملي ها.

مطلب ته اهو کاتو جنهن تپيدارن لاءِ رئيس، سپروائيزرن لاءِ ميان صاحب ۽ اسسٽنٽ مختيارڪارن لاءِ   خان صاحب جا لفظ ايجاد ڪيا تن ۾ به وڃي ٿو پروٽوڪول ختم ٿيندو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ايم پي ايز جي زور تي ڊپٽي ڪمشنرن جي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر وري ضلع جي بااثر وزير يا سياسي شخصيتن جي زور تي ڪمشنر تي ٺٺوليون پيا ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *