“ مٽي پائو پاليسي ” جون ڪرامتون!: شفيق شاڪر

خدا ڀلو ڪري ٽن مهينن جي مهمان اڳوڻي حادثاتي وزيراعظم، چوڌري شجاعت جو جنهن پنهن جي شجاعت ڀري “ مٽي پائو پاليسي” ملڪ ۾ متعارف ڪرائي پاڪستاني قوم توڙي حڪمرانن کي وڏن وڏن مونجھارن ۽ مشڪلن کان محفوظ بنائي ورتو.چوڌري صاحب جا دشمن به سمورن سياسي اختلافن باوجود اهو مڃڻ تي مجبور آهن ته ڪيترين ئي سياسي ۽ اخلاقي خوبين ۾ پاڪستاني سياستدانن ۾ چوڌري صاحب جو ڪو مثال ناهي!جهڙوڪ سندس شرافت،سادگي،سچائي،برداشت، شائستگي،  نرم مزاجي،۽ مهمان نوازي سندس منفرد خوبيون آهن.( اضافي خوبي ؛ اقتدار جي ايوان ۾پوئين کڙڪيء مان ٽپڻ جي عادت!) سو جهڙيء طرح سندس مهمان نوازي عام آهي اهڙيء طرح هن جون صلاحون به سياستدانن ۽ عوام لاء عام هونديون آهن. پر جڏهن ڪا صلاح مفت ۾ ملندي هجي ته ماڻهو اجايو اهڙين شين تي شڪ شبها ظاهر ڪندا آهن ۽ مفت ۾ مليل شين جو قدر نه ٿيندوآهي.بهرحال گھڻي غور ويچار کان پوء پاڪستانين کي چوڌري صاحب جي “ مٽي پائوپاليسي” اهڙي ته دل سان لڳي آهي جو هرهڪ ٽپا ڏيئي رهيو آهي ته ان پاليسيء تي ان جي پوري روح مطابق عمل ڪرڻ جو کيس موقعو ڏنو وڃي!

جڏهن اڳوڻي فوجي صدر ۽ “پهرين پاڪستان پراڊڪٽ” جي باني محترمي و مڪرمي عزت مآب جناب پرويز مشرف ڀائيء سان حڪومت “راند ”ڪرڻ جي نيت ڪئي هئي تڏهن به چوڌري صاحب پوري خلوص سان حڪومت ۽ ڪجھ ٻين“ مٿي ڦريلن” کي “مٽي پائو پاليسيء” سان وات مٺو ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي پر ان وقت سياستدانن جي بيٽري تازو کٽي آيل عوامي اليڪشن جي پاورسان ايترو ته چارج هئي جو انهن چوڌري صاحب جي صلاح ٻڌندي ئي  مستيء ۾ اڃا به وڌيڪ دڙا هڻڻ شروع ڪري ڏنا.ڪنهن چيو ته ٽنگيوس، ڪنهن چيو لٽڪايوس. ڪنهن چيو سبق سيکاريوس،ڪنهن چيو ته اڍيالا جيل جي هوا کارايوس.مطلب ته “ جيترا اٺ انهيء کان به ٽيڻ تي بوڙيون!” پر آخر سڀني جي کوپرين  ۾  “مٽي پائو” پاليسيءجي فوائد ۽ ثمرات جي برڪتن واري ڳالھ اچي ويئي. جڏهن عظيم بادشاهي تخت تي ويٺل سياڻي راجا پنهن جي درٻارخاص اها راء معلوم ڪرڻ جي لاء منعقد ڪئي ته “ ٻڌايو وڃي ته ڏوهاريء سان ڇا سلوڪ ڪيو وڃي؟”ته نورتنن يڪ زبان ٿي عرض ڪيو، “ بادشاه سلامت!تسان هڻ مٽي پائو ني.”جواب ۾ بادشاه غصي ۽ حيرت ڀريل نظرن سان انهن ڏانهن ايئن ڏٺو ڄڻ ته کين ڪچو ڳڙڪائي ويندو پر بادشاه فرمايو،“ اسان ڪڏهن پنهن جي قول تان پوئتي ناهيون هٽندا پر جيڪر وفادار رتنن جي مرضي اها ئي آهي ته بس پوء ان معاملي تي رڳو مٽي نه پائو پر ڇائي به پائو.” چوڌري صاحب کي کيرون هجن جو هن جي اها “مٽي پائو پاليسي پروڊڪٽ” بنان ڪنهن اشتهاري خرچ جي خود بخود ملڪ ۾ هلڻ شروع ٿي ويئي آهي.

ممتاز قادريء جي چاليهي واري تقريب کان پوء جڏهن هزارين جھنڊي بردار ۽ ڏنڊي بردار ماڻهو راولپنڊيء جون حدون اورانگھي وزارت داخلا واري شهر اسلام آباد ۾ داخل ٿيا ان وقت توڙي جو پنڊي واري چوڌري صاحب کي ڏاڍي چڙ آئي ۽ چيائين ته انهن قانون دشمنن سان لفظن نه پر لٺين ذريعي نبربو.پر هو ان معاملي ۾ منجھي پيو ته لٺيون هلائيندو ڪير! .چوڌري صاحب جيسين ڪو فيصلو ڪري ڪي ڪري تيستائين حڪومتي ڪپتان پنهن جن ٻن رانديگرن کي ترت گجرات واري چوڌريء جي “ مٽي پائو”  پاليسيء تي عمل ڪرڻ لاء چيو.دير ئي ڪانه ٿي اسلام آباد ۾ ڪجھ ئي دير ۾ اهڙو سناٽو ڇانئجي ويو جو ڪڪڙن جون ٻانگون بڌڻ ۾ پئي آيون.اهو هو “ مٽي پائو پاليسي” جو ڪمال!

27  مارچ تي اقبال پارڪ ۾ ٿيل سانحي کان پوء عسڪري قيادت بادشاه سلامت کان پڇڻ سواء ئي پنجاب ۾ رينجرز آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.بادشاه سلامت ناراض هئا ۽ سپھ سالارن کي الڳ تشويش هئي.پنجاب جو راجا،بيت المال جو داروغو ۽ “الوزير لسلامتيه الداخلا باڪستان”، پهريائين بادشاه سلامت ۽ پوء پنڊيء وارن کي عرض ڪيو ته “ جي، مٽي پائو.” ۽ ڪم ٺهي ويو،رٺل پرچي پيا.اها آهي “ مٽي پائو پاليسي پراڊڪٽ ” جنهن جا ڪرشما ، فوائد ۽ ثمرات ڪهڙا لکي ڪهڙا لکون!( ڪي ڪي نه جادو ڪيتا اڪ “مٽي پائو” ني)

شهيد ڀٽي جي ورسي ملهائڻ لاءسنڌ جي راجا سخاوت جا دريا وهائيندي عوامي بيت المال مان اڍائي ڪروڙ جاري ڪرڻ لاء ڀل چڪ مان هڪڙو ليٽر ڇا جاري ڪيو جو سڀ “عوام دشمن” اصل راجا جي پويان پئجي ويا.جڏهن هڪڙي شاهي شهزادي کي خبر پيئي ته هن راجا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهو شاهي حڪم جاري ڪيو ته “ اها جاچ ٿيڻ گھرجي ته اسان جي راڄ ۾ هيڏي وڏي بدديانتي اسان جي سو سيڪڙو هتي موجود هوندي ڪيئن ٿي؟ خبردار! ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو.” ٻئي ڏينهن تي ڪيترن ئي تجربيڪار درٻارين شهزادي کي هٿ ٻڌي سمجھايو ته “ حضور! مٽي پائو.توهان کي خبر ناهي ڪنهن مس گائيڊ ڪيو آهي، پاڪستان ۾ ان کي بديانتي نه چئبو آهي!.” بس پوء ان “مٽي پائو”جي ڪرامت ڏسو جو شينهن ۽ ٻڪري ساڳئي تلاء تي پاڻي پيئڻ لڳا.

ڳجھن ادارن ڪوڙڪيون وڇائي وڏي مشڪل سان هڪ پرديسي پکي پڪڙيو پر جڏهن حڪومت سڳوريء کي ان پکيء جون ٻوليون عالمي اوطاق تي ٻڌائڻ لاء زور ڀريو ويو ته حڪومت چيو،“ جي،مٽي پائو!”جنهن ڪري انڊيا ۽ پاڪستان جا عظيم لاڳاپا خراب ٿيڻ کان بچي ويا.

ڪجھ عرصي کان“ پاڪستان سر!سر! پارٽي”جا صاف سٿرا اڳواڻ ڪورس جي انداز۾ ڪرپشن ترانو را..را..را..جي سرگم تي ڳائيندا ٿا اچن جنهن ۾ دنيا جي ڏوهن واري ڊڪشنري  مان هنن ڪي به اهڙا لفظ نه ڇڏيا آهن جن جو سهرو گھوٽ الطاف کي نه ٻڌائون هجن.پر هن “ويچاري” اهي ڏوه جن “معصومن” جي ذريعي ڪيا،جن جي نازڪ هٿن ماڻهن جا گلا ڪپيا، جيڪي را…را..را ..جي راڳ جا هيرو  آهن، جيڪي اڄ به مائي ڪلاچيء جي ڇاتيء تي چڙهيو ويٺا آهن جڏهن انهن ڪمالين کان پڇجي ٿو ته انهن “معصومن ” سان ڪهڙو سلوڪ ٿيڻ گھرجي ته جواب ۾ اهائي گجراتي ترڪيب ٻڌڻ لاء ملي ٿي ته “ جي،…ماضيء جي انهن سڀني معاملن تي مٽي پائو.”…!!!

اڻ ڄاڻن جي لاء اشتهار؛ سنياسي سياستدانن جي سو سالا تجربن جي روشنيء ۾نظريه ضرورت جي آٽوميٽڪ پلانٽ ذريعي تيار ڪيل اهڙي پاڪستاني پراڊڪٽ جيڪا ٻه سو سيڪڙو رزلٽ ڏئي ٿي. هن پراڊڪٽ جا ڪي به مضر اثرات  اڃا سامهون نه آيا آهن تنهن هوندي به اصول پسنديء جي مرض ۾ مبتلا مريض هن پروڊيڪٽ کي پنهن جي ضمير جي اڳواٽ مشوري کان سواءهرگز استعمال نه ڪن.ايڪسپائيري ڊيٽ معلوم ڪرڻ لاء عوام جي افعالن ۽ حرڪتن تي ڪڙي نظر رکڻ گھرجي.موثر ۽ ترت نتيجا حاصل ڪرڻ لاء سچ ڳالهائڻ کان پرهيز لازمي آهي.

********

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *