مٽي ان خمير، اصل هُئي ايتري ؛لياقت راڄپر

سنڌ جو نامور وڪيل، سياسي ۽ ادبي اڳواڻ عبدالغفور ڀرڳڙي جيڪو 10 فيبروري تي صبح سوير هن دنيا کي ڇڏي ابدي ننڊ سُتو. سندس جنازي نماز مذهبي نامور اڳواڻ حسين شاهه صاحب عيدگاهه لاڙڪاڻي شهر ۾ پڙهائي ۽ سندس مڙهه کي  ابوبڪر قبرستان لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي امڙ جي قبر ڀرسان دفن ڪيو ويو.

ڀرڳڙي صاحب چار ڪتاب لکيا هئا، جن ۾ هڪ قائداعظم محمد علي جناح تي، ٻيو قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي تي، ٽيون تصوف تي ۽ چوٿون پنهنجي يادگيرين تي مشتمل آهن. مرحوم جي جونيئرز ۾ سابق ايڪٽنگ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ راڻا ڀڳوانداس به شامل هو. سندس زندگيءَ جي جدوجهد تي روشني وجهجي ٿي.

سنڌ جي سينيئر شخصيتن ۾ هڪ شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي آهي، جنهن زندگيءَ جا تمام گهڻا لاها ۽ چاڙها ڏٺا ۽ اهو تجربو ۽ مشاهدو هن کي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڏاڍو ڪم آيو. هن پنهنجي زندگيءَ جو محور سڄي عمر پڙهڻ جي چوڌاري رکيو، پوءِ اهو قانون جي ڪتابن سان جڙيل هجي يا ادب سان. هو مزاج ۾ ماٺيڻو هو، پر جڏهن ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪندو هو ته پوءِ ان کي پورو ڪري پوءِ ئي ڇڏيندو هو.

عبدالغفور ڀرڳڙي 6 جنوري 1953ع تي لاڙڪاڻو ميونسپل ڪميٽيءَ جي صدر طور ڪم شروع ڪيو. ان لاءِ هو اليڪشن ذريعي چونڊجي آيو، هيءَ اليڪشن ڊسمبر 1952ع تي پهريون ڀيرو آزاديءَ کانپوءِ ٿي هئي، هن قاضي فضل الله جي مدد سان ميونسپل ڪميٽيءَ ۾ ڪافي سڌارا آندا.

ڀرڳڙيءَ صاحب 1946ع ۾ ايم اي ۽ پوءِ ايل ايل بي علي ڳڙهه مان ڪئي، جنهن جي ڊگري هن کي 14 جولاءِ 1947ع تي ملي، جنهن کانپوءِ هن سنڌ جي مشهور وڪيل عبدالفتاح ميمڻ جي استاديءَ ۾ پريڪٽس شروع ڪئي. شروع ۾ هن سول ۽ ڪرمنل ڪيس وڙهڻ شروع ڪيا، پر پوءِ قاضي فضل الله جي صلاح تي هن ڪرمنل ڪيس وٺڻ شروع ڪيا. جڏهن کان هن ميونسپل ڪميٽيءَ جي چارج سنڀالي ته گهڻو ڌيان ان جي مسئلن تي ڏيڻ لڳو ته جيئن شهر کي خوبصورت ٺاهجي ۽ گهربل سهولتون ڏجن ۽ اهو ڪمال آهي جو هن ڪڏهن به ميونسپل لاءِ حڪومت کان فنڊ نه ورتا ۽ ميونسپل جي ذريعن تي ڪم هلايو.

ان دوران پوليس جي ڀرتيءَ ۾ خاص ڪري فيملي جي بيڪ گرائونڊ کي نظر ۾ رکيو ويندو هو، جيئن جيئن پوليس جي نفري وڌندي وئي، تيئن تيئن ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو رهيو. سنڌ بمبئي کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ لاءِ هڪ ڊي آءِ جي هوندو هو، ان کانسواءِ ان دور ۾ سياسي مداخلت نه هئي ۽ آفيسر آزاديءَ سان ۽ انصاف سان ڪم ڪندا هئا، پر پوءِ آهستي آهستي سنڌ جي سياسي اڳواڻن پاور حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙهه شروع ڪئي ۽ سنڌ اندر سياسي، انتقامي ۽ اقتصادي گڙٻڙ شروع ٿي وئي. ان جي نتيجي ۾ ترقي نه ٿي سگهي ۽ نه وري ادارا ڪو خاص ڪم ڪري سگهيا. ان مقابلي ۾ سرحد ۾ خان عبدالقيوم خان پاور ۾ هو، ان ڪيترائي تعميراتي ڪم ڪيا ۽ اهي ڪم ڪري ڏيکاريا جن سان عوام کي فائدو مليو، جڏهن ته سر سڪندر حيات به پنهنجي صوبي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو.

ڀرڳڙي پنهنجي يادن کي ورجائيندي هڪ دفعو ٻڌايو هو ته پاڪستان ۾ رشوت جو بنياد تڏهن پيو جڏهن کان Rehabilitation and Custodian Laws وجود ۾ آيو. آفيسرن ڪوڙا ڪليم ڏيڻ شروع ڪيا. آزاديءَ کانپوءِ جڏهن هندستان کان پناهگير پاڪستان آيا ته اهي گهڻي قدر سنڌ ۾ آيا، جن کي ملڪيتن ۾ گهر، دڪان ۽ ٻنيون ڏنيون ويون ۽ هنن کي همدردانا ۽ دوستانا ماحول مليو. هندن جي وڃڻ کانپوءِ اهو خال پناهگيرن لاهور ۽ راجستان کان اچي ڀريو. پاڪستان کان اڳ هندو شهرن ۾ خاص ڪري Dominate هئا. هنن وٽ پئسو گهڻو هو، ڇاڪاڻ ته هو واپار ۾ اهم هئا ۽ پڙهڻ ۾ به هنن جي Majority هئي. سنڌ ڇڏي وڃڻ وارن هندن جو خيال هو ته هو جلد واپس ايندا، ڇو جو پاڪستان گهڻو هلي نه سگهندو ۽ هڪ جنگ لڳندي، جنهن ۾ اهو ختم ٿي ويندو، جيڪو خواب انهن جو پورو نه ٿي سگهيو. هنن مسلمانن کي چيو هو ته هو هنن جي ملڪيت هڪ سال لاءِ پاڻ وٽ رکن ۽ واپس اچي هنن کان موٽائي وٺندا.

عبدالغفور ڀرڳڙي 1984ع ۾ سنڌ ڪيبنيٽ ۾ روينيو جو وزير ٿيو. هن کي جڏهن خبر پئي ته ٺٽي، بدين ۽ دادوءَ ۾ هاءِ وي جي ڀرسان تقريباً 4 لک ايڪڙ سرڪاري زمين ڪجهه ماڻهن کي ليز تي ڏني وئي آهي، جيڪا غلط آهي. هيءَ ڳالهه هن عام ماڻهن جي ڌيان تي آڻڻ لاءِ ميڊيا ذريعي ٻڌايو ته اها زمين رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ ڪارخانيدارن کي ڏني وئي آهي، جن جو تعلق سنڌ سان نه آهي. هن ڳالهه تي ان وقت جي گورنر جنرل جهانداد خان ڀرڳڙيءَ کي چيو ته تو اهو سياسي بيان ڇو ڏنو آهي، ان کان علاوه ڊپارٽمينٽ ۾ ٻيا به اهڙا مسئلا هئا، جيڪي ان وقت جهڳڙن ۾ هئا ۽ هن انهن تي ڪافي ڳالهايو. اهڙين شين کي روڪڻ لاءِ هن هڪدم حڪم نامو جاري ڪيو ته روينيو رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي رڪارڊ سان هٿ چراند نه ٿي سگهي. ان کان علاوه ٻيا به اهڙا قدم کنيا ته جيئن حقدارن جا حق ڪوئي کائي نه سگهي، ڇو جو ڪيترن ماڻهن جون ملڪيتون ٻين جي نالن تي ڪيون ويون هيون، رڪارڊ ۾ گهوٻيون، غلط داخلائون وغيره ڏنيون ويون هيون، جن کي روڪڻ ضروري هو.

هن 1985ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي، ڏوڪري واري تڪ تان ايم اين اي جي سيٽ تي فارم ڀرايو هو، جنهن تي حڪومت، وڏيرا ۽ آفيسر هن جي مخالفت ڪري رهيا هئا. ڇاڪاڻ جو هو پ پ جي مدد ڪري رهيو هو، اهي اليڪشن غير سياسي هيون ۽ هن سان مقابلي ۾ هو محمد پاشا کهڙو جيڪو محمد ايوب کهڙي جو پٽ هو، بهرحال هن کي اليڪشن ۾ هارايو ويو.

ڀرڳڙيءَ 1983ع ۽ 1995ع ۾ 2 ڀيرا يونائيٽيڊ نيشنل ۾ هڪ ڊيليگيشن سان وڃي چڪو آهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ هو گورننگ باڊي سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر 5 سال رهي چڪو آهي. هن ٻُڌايو هو ته، مون ڀٽي صاحب کي چيو هو ته هو محترمه فاطمه جناح جي مخالفت ۾ ايوب خان جي مدد نه ڪري ها، جڏهن 1976ع ۾ ڀٽي صاحب ڀرڳڙيءَ کي پ پ ۾ آندو ۽ هڪ ڏينهن عيد ڏهاڙي گهرائي چيو ته هو سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻي ۾ عام ماڻهن جا مسئلا ٻڌي. کيس باقاعدي پاورس به ڏنا ويا ۽ ڪنهن کي به جرئت نه هُئي ته هن جي ڪيل فيصلي خلاف وڃي. ساڳي طرح جڏهن بينظير ڀٽو اقتدار ۾ آئي ان به هن کي اهڙي قسم جون ذميواريون ڏنيون پر ان وقت جي بيوروڪريٽس هن سان ڪو آپريٽ نه ڪيو.

ڀرڳڙي جيڪو قائداعظم محمد علي جناح تي هڪ مڪمل ۽ جامع ڪتاب لکيو آهي، ان لاءِ بينظير هن کي چيو هو ته ان جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري حڪومت طرفان ڇپايو وڃي، پر بي بي جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ان لاءِ پئسا نه ڏنا ۽ اهو ڪم رهجي ويو. ڀرڳڙيءَ هڪ ٻيو ڪتاب لکيو آهي، جيڪو تصوف ۽ مذهب تي آهي، جنهن کي سٺي موٽ ملي آهي. هن قانوني ڪمن مان به وقت ڪڍي ادبي ڪم کي وقت ڏنو آهي. حالانڪه وڪالت جهڙي پيشي مان وقت ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ڇو جو اهو هڪ خشڪ ڪم آهي. هن جناح تي ڪتاب ان ڪري لکيو هو ڇو جو هن کي جناح سان عقيدت ۽ محبت هئي. هن جي ڪتاب کان اڳ جناح تي سنڌيءَ ۾ ڪوبه ايڏو جامع ڪتاب نه هو، قائداعظم سنڌ جو هو، اتي ئي پليو ۽ جوان ٿيو ۽ هو سنڌي هو ۽ هن جي مزار به ڪراچي ۾ آهي، جناح جي پيدائش واري هنڌ تي ڪوبه جهڳڙو نه آهي، ڀل اهو جهرڪ يا ڪراچي مينشن ڪجي، اهي ٻئي سنڌ ۾ آهن.

عبدالغفور ڀرڳڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙيءَ تعلقو شهدادڪوٽ ۾ 1921ع ۾ ڄائو هو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ڪجهه شهدادڪوٽ شهر مان، ان کانپوءِ هو لاڙڪاڻي شهر لڏي آيا، جتي هُن ميٽرڪ پاس ڪئي. ايف سي جونا ڳڙهه مان پاس ڪيائين ۽ بي اي جو امتحان سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪيائين. اُن کان پوءِ ايم اي، ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان ڪئي. ڀرڳڙي پاڪستان تحريڪ ۾ به شريڪ هو ۽ ان ۾ هڪ اهم رول ادا ڪيائين ۽ خاص ڪري جڏهن 1938ع ۾ محمد علي جناح لاڙڪاڻي آيو ته ان جو استقبال ڪيائين.

لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن شخص پنهنجي زندگي ڀرپور جدوجهد ۾ گُذاري. هاڻ جيتوڻيڪ هو جسماني طور اسان وٽ ناهي، پر سندس پورهيو، محنتون ۽ لکڻيون کيس اسان جي دلين ۾ سدائين لاءِ زندهه رکنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *