مٽيءَ  جي  مورتيءِ  جو درد؛مسرورسيال

ننڍ پڻ جا به پنهنجا رنگ آهن، اسين جڏهن راند روند ڪندا هئاسين ۽ پنهنجي ٻالڪ پڻي واري سوچ ۾ مست هوندا هئاسين، ته وڏڙا ٻارڙن کي ڏسي چوندا هئا ته هائو يار ٻار بادشاھه آهن ، تڏهن منهنجي ذهن ۾ سوال پيدا ٿيندو هو ته ٻار بادشاھه  ڪئين هوندا آهن؟ ٻار ته ٻار هوندا آهن پر جڏهن اسين ٻالڪ پڻي مان نڪري جوان ٿياسين ۽ وري هاڻ جواني جي ليڪ کي به اورانگهي اڌڙوٽ واري ڄمار ۾ پهتا آهيون ته خبر پوي ٿي ته ٻار بادشاھه ڪئين آهن. جڏهن اڄ جي ٻار تي نظر پوي ٿي ۽ بي فڪر ٿي پنهنجي راند روند ۾ مصروف هجن ٿا تڏهن پنهنجي بادشاهي جو به احساس ٿئي ٿو، جڏهن اسين به دنيا جي ڳڻتين کان بي فڪر ٿي راند ڪندا هئاسين. اسان جي دور ۾ ٻار ڪي وڊيو  گيم نه هلائيندا هئا نه وري ڪمپيوٽر هئا ۽ نه وري موبائلون هيون ….. بس راند ٿيندي هئي ته ننڍا ٻار ڇوڪرا اڪي ڏڪر ، ڪوڏي ڪوڏي ، اکَ ٻوٽَ کيڏندا هئا جڏهن ته ڇوڪريون وري ادي ادي ، ڪوڏيون راند ، اِنڊي اِنڊي کيڏنديون هيون پر هوءَ جيڪا سڀن کان مختلف هئي سا اڪثر مٽيءِ ڳوهي انهن مان مورتيون ٺاهيندي هئي ، ٺاهيل مورتين کي اُسَ تي سڪائي انهن ۾ رنگ ڀريندي هئي آءُ سندس اهڙي ڪم کان متاثر ته هئس پر گڏجي راند نه ڪرڻ واري سوچ تي ڪاوڙيل رهندو هئس ، کيس منهنجي ڪاوڙ جي پرواھه به نه هوندي هئي بس چيڪي مٽيءِ جي تلاش۾ هوندي هئي جنهن کي ڳوهيندي رهندي هئي ۽ مورتيون ٺاهيندي رهندي هئي وٽس ڍِڳَ مورتيون جمع ٿي ويون هيون پر هو هر ڏينهن نئين مورتي ٺاهيندي هئي مون هڪ ڏينهن کيس چيو هو ته تون اسان سان راند نٿي کيڏين رڳو مورتيون پئي ٺاهين ڪاوڙ آئي ته سڀ مورتيون ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندس. جنهن تي هن مون ڏانهن حيرت  منجھان ڏٺو وري چيائين ڇا ٿي پيو، مان ٻيون مورتيون ٺاهينديس تون ڪيتريون مورتيون ڀڃي ڀورا ڪندين مٽيءِ کُٽڻ جي ناهي آءُ ته مٽيءَ مان مورتيون ٺاهيان ٿي ، ٻيو ته آءُ ٿڪبس به نه .ٿي سگهي ٿو تون مورتيون ڀڃي ڀڃي ٿڪجي پوي ، مان سندس هن ڳالھه تي اچرج ۾ اچي ويو هئس پر وري سوچيم هي ڪيتريون مورتيون ٺاهيندي رهندي ، آءُ ته سندس مورتين جو مخالف به نه هئس پر هنن مورتين کي پنهنجي ۽ هن جي وچ ۾ رڪاوٽ سمجھي رهيو هئس سندس هٿن سان ٺاهيل مورتيون ته مونکي به پياريون هيون جي پياريون نه هجن ها ته پوءِ سندس لاءِ چيڪيءِ مٽيءِ ڇو کڻي اچان ها ۽ وري سندس ٺاهيل مورتين کي جڏهن هو سڪائڻ لاءِ رکي ٿي ته آءُ انهن جي حفاظت ڇو ڪندو آهيا ،ان مان ثابت ٿئي ٿو ته آءُ سندس مورتين جو مخالف نه هئس پر جڏهن آءُ مسجد ۾ نماز پڙهندي هڪ مُلا جي ڳالهين ۾ اچي ويس جنهن منهنجي ذهن کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو تنهن هڪ ڏينهن چيو هو ته مورتيون ٺاهڻ گناھه آهي ۽ هنن کي گھرن ۾ رکڻ ۽ ڏسڻ پڻ گناھه آهي مورتين کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ ثواب آهي.آءُ جئين ئي سندس گھر پهتس ته مورتيون کڻي ڀڃيندو ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون هيون منهنجي اهڙي عمل کي ڏسندي ان مزاحمت نه ڪئي هئي پر تعجب مان ڏسندي رهي جڏهن سڀ مورتيون ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيم ۽ آخر ۾ زمين تي ويهي وڏا ساھه کڻڻ  شروع ڪيم ته جوش مان اکيون ڳاڙهيون لعل ٿيل هيون چپن تي خشڪيون چڙهيل هيون ، جسم ڏڪي رهيوهو ته تازو مٽي ڳوهيل هٿ مون ڏانهن وڌيا ٺڪر جي پيالي ۾ پاڻي ڀريل هو هن بلڪل نرم لهجي ۾ چيو ته هي پاڻي وٺ پي ۽ ٿورو آرام ڪري وٺ ، آءُ کائنس پاڻي ورتو پئڻ کان پوءِ ٿڌو ساھه کنيو ۽ سندس چهري ڏانهن ڏٺو ، ڇا ڏسان ته هو مسڪرائي رهي هئي مون سمجھيو ، هو منهنجي هن عمل مان خوش ٿي آهي پر ائين نه هو هن ظاهر ۾ مون کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پنهنجي چهري تي مرڪ آندي هئي پر اندر ئي اندر پڄري رهي هئي جڏهن آءُ ٿڌو ٿيس ته هن مون کان سوال ڪيو هو ته تو مورتيون ڇو ڀڃيون هي بي جان توکي ڪهڙو نقصان ڏئي رهيون هيون ، مون کيس چيو ته مورتيون ٺاهڻ گناھه آهي رحمت جا ملائڪ نه ايندا آهن منهنجي هن ڳالھه تي  کلڻ لڳي  ۽ چيائين ته تو اڳ رحمت جا ملائڪ  ڀلا ايندي ڏٺا آهن ……! مون وراڻيو ته نه چيائين ته  پوءِ نه ايندي وري ڪٿان ڏسي ورتيءِ.، مورتيون مطلب ايتريون طاقتور آهن جو ملائڪن جا رستا به روڪي ڇڏين ٿيون سي به رحمت جي ملائڪن جا؟ افسوس اٿم تنهنجي سوچ تي مرد ٿي ڪري ، چوڪريءِ جي هٿن جون ٺاهيل مورتين کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيءِ .. مون کيس چيو ته تنهنجين مورتين ۾ ساھه ڪير وجھي ها ، هن چيو ته مورتي مورتي هوندي آهي آءُ ڪا الله ته ناهيان جو ساھه وجھان ها ۽ ڀلاءَ منهنجي ٺاهيل مورتين ۾ ساھه وجھڻ جي ضرورت به ڪهڙي ، جي ڀلاءَ ساھه جي ڳالھه آهي ته انسان به ته مٽيءَ مان ڳوهي ٺاهيل مورتي هئي ، ان ۾ ساھه ڪنهن وڌو اهو ته الله وڌو پوءِ هنن مورتين ۾ جي الله ساھه وجھي به ته تو کي ڪهڙو اعتراض…مورتي جو مخالف ته اصل ۾ ازازيل رهيو آهي هن ئي فرشتن کي به گھمراھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته آدم جي مورتي کي سجدو نه ڪن …….. اهو ته ٻڌاءِ تو جھڙي فرشتي کي ڪهڙي شيطان گھمراھه ڪيو آهي ….. هو اِهو چئي ڪمري ڏانهن هلي وڃي ٿي ، منهنجي ذهن ۾ سندس جملا هٿوڙا بڻجي  لڳا مون سمجھيو هو ته هوءَ مون مٿان ڏمرجي پوندي پر هي ته ائين ئي خاموش آهي جئين مورتيون خاموش آهن توڙي جو اهي ڀڃي ڀورا ٿيل  ڌرتيءِ تي ٽڪڙن ۾ وکريل پيل آهن پر هوءَ ته خاموش  به نه رهي هئي جيترو نرمي سان ڳالهائي وئي هئي اوتري نرم ته هئي ڪانه . جڏهن آءُ ڪمري ڏانهن ويس ۽ ڏٺو ته هو ديوار سان منهن ملائي بيٺل هئي ۽ سندس جسم ڏڪي رهيو هو مون کي ائين لڳو ڄڻ هو اندر ۾ مورتين سان گڏ ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي وئي هجي سندس اکين مان ڳوڙها برسات جيان وسي رهيا هئا ، آءُ کيس سڏ ڪيو ته هن جلدي اکيون مهٽيندي چيو ته آءُ توسان ناراض ناهيان ، بس ڏک اِهو اٿم ته تون مون کي چاهيندي به سمجهي نه سگھيو آهين مورتيون ته منهنجي ذهن جي تخليق ۽  هٿن جو هنر هو پر تنهنجي ذهن ۾ ڪنهن ٻئي جي سوچ آهي جنهن تنهنجي  هٿن جي تخريبي هنر کي ظاهر ڪيو ڪاش  انسان ، انسان جي هٿن سان ٺاهيل مورتين جو قدر ڪري ها ته الله جي هٿن سان بڻايل مورتي جو به قدر ڪري وٺي ها ، هتي رهندو انسان ، انسان کي اهو چئي قتل ڪري ٿو ته هي ڪافر ، مشرڪ آهي جئين ڪنهن مُلي اِهو چئي  تو کان مورتيون ڀڃرائي ڇڏيون ته هي گناھه ۽ شرڪ آهي ، هي مورتيون منهنجو پيار هيون ۽ پيار جو تعلق دل سان هوندو آهي ۽ ڪنهن به مذهب ۾ ڪنهن جي دل رنجائڻ وڏو گناھه آهي ، ڪاش اهو ڪم تون نه ڪرين ها . بس منهنجي ذهن ۾ دقيانوس خيال رکندڙ مُلي نفرت ويهاري هئي آءُ جنهن کي الله جي  هٿان ٺاهيل خوبصورت مورتي چوندو هئس ، ان جي هٿن سان ٺاهيل مورتين کي  ڀڄي ڀورا ڪري ڇڏيم انهن مٽي جي مورتين جو درد ڪڏهن ختم نه ٿيندو اهو ان ڪري ته پنهنجي راند جي خواهش ۾ پيار جي دنيا ۾ هڪ وڏوگناھه  ڪري ويٺو هئس هاڻ هر مورتي جو احترام ڪيان ٿو.

جڏهن کان هنن جو احترام ڪرڻ سکيو آهيان ته انسان جو احترام پاڻمرادو وڌندو پيو وڃي پر مورتين وارو درد اڄ به زندگي ۾  پيڙاءُ ڏئي ٿو مون کي هن گناھه جي سزا اِها ملي ته هو  نه مونسان راند کيڏي سگھي ۽ نه ئي وري ٻيهر مورتيون ٺاهي سگھي جيڪي هن چيو هو ته تون ڊاهيندي آءُ ٺاهينديس آءُ نه ٿڪبس تون ٿڪجي پوندي اِهوسچ آهي آءُ ٿڪجي پيو آهيان سندس انتظار ۾ ته هڪ دفعو ٻيهر نظر اچي ۽ هوءُ مورتيون ٺاهي مان چيڪي مٽي کڻي اچان ۽ سندس ٺاهيل مورتين جي حفاظت ڪيان ، هاڻ ڪنهن ڌقيانوس مُلي جو چوڻ نه وٺندس هاڻ مورتيون نه ڀڃيندس ، بس هڪ دفعو وري زندگي ۾ ڪنهن موڙ تي گڏجي پوي ته مورتين جي درد کي هلڪو ڪري وٺان خبر ناهي هاڻ ڪٿي آهي هوءُ ملندي به يا نه ………. شايد نه به ملي ۽ منهنجي هن درد جي پڄاڻي ٿئي به الائي جي نه ……………………………….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *