ميان صاحب، نيب ۽ پڇ جون ڳالهيون: منان چانڊيو

17 فيبروري وارين اخبارن ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف جا لفظ ۽ جملا وڏين شهه سرخين ۾ ڇپيا آهن، جنهن ۾ هن فرمايو آهي ته نيب وارا سرڪاري آفيسن ۽ گهرن ۾ گھڙي شريف ۽ عزتدار، معصوم ۽ معززين کي تنگ ٿا ڪن، نيب چيئرمين نوٽيس نه ورتو ته ڪارروائي ڪندا سين، ساڳي ڏينهن وارين اخبارن ۾ چوڌري نثار علي جي حوالي سان هڪ ٻئي خبر شايع ٿي آهي ته پاڪستان ۾ داعش جي وجود کان انڪار نه آهي،  خبر آهي ته ڪنهن جي پڇ تي لت ڏني اٿم، اهڙي ريت 18 فيبروري تي وري اخبارن لاءِ پنجاب جي وزير قانون راڻا ثناءُ الله جي  حوالي سان اها خبر زينت بڻي آهي ته نيب کي ڪارروائي ڪرڻ ڪونه ڏيندا سين،جتي راڻا صاحب جي اهڙو فرمودو ملڪ جي ماڻهن لاءِ توجهه ۽ حيرت جا منظر  بنيا آهن، اتي وري ڀائي لوگن عوام کي مفت ۾ مشورو ڏنو آهي ته 15 ڏينهن تائين هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين سفر نه ڪن، ۽ روز مرهه جو راشن وغيره گڏ ڪري رکن، مزي جي ڳالهه  ته ڀائي صاحبن جي اهڙي صلاح جي جواب ۾ رينجرز وارن چيو آهي ته ڪنهن کي به ڏهڪاءُ پکيڙڻ نه ڏنو ويندو. مٿي ڄاڻايل ڳالهين، خبرن، صلاحن، دڙڪن، دهمانن، فرمانن واري ڀرمار ۾ مٺڙي ملڪ جا  مسڪين ماڻهون،  وڏن وسوسن، وهمن، ڀون، الڪن ۽ ارمانن ۾ وڪوڙجي ويا آهن، ۽ ويچارن پورهيت پهنوارن جيڪي ڳڀي گرهه صحت، امن امان ۽ تعليم جي ڳولا ۾ پريشان، حيران ۽ سرگردان آهن، انهن کي اها خبر ڪونه ٿي پوي ته آخرڪار پاڻ واري پياري پاڪستان جي حڪمرانن، سياستدانن، عسڪري ادارن وارن ۽ ڪامورن کي ڇا ٿي ويو آهي جو روز روز اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا يا قدم کڻن ٿا جنهن ڪري هڪ ته ملڪ جي سياسي، معاشي، اقتصادي ۽ سماجي حالت اڳئين کان به وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، ٻيو ته ڪروڙين ديس واسي غيريقيني ابهام ، ٻڏتر ۽ هاڻي ڇا ٿيندو واري ڪيفيت ۾ قابو ٿي رهيا آهن.

ڪيڏي نه تعجب خيز، عجيب و غريب ڪهاڻي آهي ته جڏهن نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين وفاقي ايجنسين سنڌ ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ سياستدانن، چونڊيل عيوضين، بااثر همراهن ۽ وڏين آفيسرن خلاف ڪرپشن، اقرباپروري، سفارش خوري ۽ پنهنجا نوازيو پاليسي جهڙن عوام آزاريندڙ ڪبيرهه گناهه ڪندڙن خلاف وقتائتا ۽ موثر قدم کنيا ته ميان صاحب ۽ سندس همنوائن جا چهرا ٻهڪي پيا ۽ هو هر هر فرمائين پيا ته ملڪ مان خاص ڪري سنڌ مان رشوت خوري جهڙي ٻه مهين بڇڙي بلا جي پاڙ پٽي کيس برباد ڪيو ويندو، ۽ جتي نون ليگ وارا اهڙا سرها ٿي  ان جي دفاع لاءِ ڏينهن رات هڪ  ڪري رهيا هئا، اتي وزيراعلى هائوس گهر سنڌ کان بلاول هائوس ۽ دبئي واري همراهه تائين وڏو مانڌاڻ مچي ويو هيو، ۽ سمورن همراهن ڪيل گناهن جو ڪفارو ادا ڪرڻ لاءِ حيلا بهانا هلائي ڪي تڪڙيون ترڪيبون ترتيب ڏيئي رهيا هئا ۽ گڏوگڏ منهن مٿو پٽي رهيا هئا، ته جيڪڏهن مسمات رشوت سڳوري سنڌ ۾ ديرو ڄمايو ويٺي آهي ته وري پنجاب جا سياستدان ۽ آفيسر ڪهڙا مسجدن جا ڪک آهن، جيڪڏهن ڀتاخورن، دهشتگردن، سماج دشمنن جا آماجگاهه سنڌ ۾ آهن ته وري پنجاب ۾ ڪٿي رڍ، بگهڙ يا شينهن ٻڪري هڪ گهاٽ تان پاڻي پي رهيا آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾  بئڊ گورننس آهي ته وري پنجاب ۾ گوڊ گورننس جي برڪت ۽ فيض سان کير ۽ ماکي جون نديون پيون وهن جيڪڏهن سنڌ ۾ مارئي جي ملڪ ٿر  ۾ ابهم ٻارڙا بک ۽ بيماري وگهي  مري رهيا آهن ته وري پنجاب جي گادي واري شهر زنده  دلين يا تخت لاهور جا ٻارڙا ڪهڙن بهشت جي جهولن ۾ جهولي رهيا آهن.  چوڻ جو مطلب ته اسان جي سدا ملوڪ ۽ سدابهار سياستدان هڪ ٻئي جا ڪڇا چٺا عرف پتا پڌرا ڪرڻ جا ماهر آهن، ۽ همراهن جو سڄو زور هڪ ٻئي جون ڪمزوريون ۽ عيب  ڳولهڻ تي هوندو آهي، باقي يارن جو عوام جي فلاح بهبود سان ڪوئي تعلق نه هوندو آهي، ۽ نه وري مٿن اها ڪا ذميواري عائد ٿئي ٿي، خير اها ته هئي پيپلن ۽ ليگلن جي ڏي سوال وٺ جواب ٻولي يا بي سري راڳڻي پر اصل ڳالهه اها آهي ته ميان صاحب جڏهن کان سياست جي آکيڙي ۾  پير پاتو آهي يا وري اقتداري سيج تي قدم مبارڪ رکيا آهن ته  همراهه ۾ برداشت ڪرڻ جو مادو يا سگهه مڙئي ڪجهه گهٽ هوندي آهي، ٻي ڳالهه ته ڪجهه ڏينهن کان وٺي چوڌري نثار علي ڪنهن جي پڇ تي لت ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ۽ ان ڪهاڻي کي هن وقت خود ساخته بڻيل شرجيل انعام ميمڻ به ورجائي رهيو آهي، اسان جي سنڌي سماج ۾ لفظ پڇ جون ڪيتريون ئي معنائون ۽ تشريحون ٿينديون آهن،  مثال طور تي لومڙي جو پڇ ، هو ويچاري ڀڄڻ يا تيز ڊڪڻ جي معاملي ۾ مڙئي ڪجهه کٽل هوندي آهي، ۽ جڏهن ڪو ڪتو يا ڪو خونخوار جانور هن جو کائڻ يا مارڻ لاءِ پيڇو ڪندو آهي ته، هو وقتي طور تي پنهنجي پڇ کي هڪ طرف موڙي پاڻ ٻي طرف نڪري ويندي آهي، ٻيو پڇ آهي ڪتي جو  لاءِ عام چوڻي آهي ته اهو  پڇ وينڊو يا ڪرونڊو ٿيندو آهي، ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته ڪتي جي پڇ کي ٻارهن مهينا نڙ ۾ وڌو ويو ۽ جڏهن ان کي ٻاهر ڪڍيو ويو ته اهو پهرين وانگر وينڊو يا ڪرونڊو هيو، نه جو نه سڌو ٿيو، هڪڙي وري اهڙي پڇ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي مثالطور تي ٻه ماڻهو پاڻ منجهه ڪنهن معاملي تي وڙهي پون ته هڪڙو فوري طور تي جيڪو هن ٻئي کان قبيلائي يا ذات جي عددي حساب کان اڪثيريت ۾  هوندو آهي اهو چوندو آهي ته خبردار مونسان ٿو سينو ساهين، منهنجو پڇ ڊگهو ٿئي، ساڳي ريت وري ڪنهن لاءِ چئبو آهي ته فلاڻي جو پڇ ڏانڊ آهي، يا جنهن جو پڇ کڻ ته اهو مادي. مٿي پاڻ جن پڇن جي ڳالهه ڪئي انهن مان مراد اها آهي ته جيڪي ماڻهو يا جيڪي فرد يا جيڪي ڌريون ٻين لاءِ آزاريندڙ يا نام نهاد ڏاڍا مڙس هجن انهن جي تشبيح اهڙن پڇن سان ڏني ويندي آهي، سو پاڻ کي خبر ڪونه ٿي پئي ته چوڌري نثار ۽ ٻي سنگت ڪهڙن پڇن جي ڳالهه ٿا ڪن، ها  باقي رهيو سوال ڀائي صاحبن جي ڏنل مفت مشوري جو ته پاڻ کي خبر ڪونه ٿي پئي ته يارن کي ڪٿان الهام ٿيو آهي ته پندرهن ڏينهن منجهه ملڪ ۾ وڏو ڪو سياسي طوفان يا خدا نه ڪري ڪا خون خرابي ٿئي  جنهن ڪري ماڻهو سفر کان پرهيز ڪن ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان ذخيرو ڪري رکن، ممڪن آهي ته ڀائي لوگن وٽ خزانن جا کرار آهن ۽ خرزين ڀريل آهن ان ڪري پندرهن ته ڇا پر مهينن تائين موج مستي ۾ رهي سگهن ٿا، باقي ويچارا سنڌي ماڻهو جن جو گذر سفر ڀٽائيءَ جي ان شعر جي هڪ سٽ وانگر ته ،

“ آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏيهاڙي سومرا ”

اهڙن ماروئڙن جو ڇا ٿيندو ؟ آخر ۾ ملڪ ۽ سنڌ جا ماڻهو اهو چڱي ريت سمجهن ۽ ڄاڙين ٿا ته مها ڪرپشن واري معاملي پيپلن ۽ ليگلن  کي مڙئي ڪجهه سوڙهو ڪيو آهي، انڪري ڌريون ئي هينئر گڏجي ڪورس جي انداز ۾ نيب، ايف آئي اي ۽ ٻين وفاقي ايجنسين کي برو ڀلو چئي پنهنجي ڳچي ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جي اها تمنا ۽ خواهش آهي ته ملڪ جون اعلى عدالتون ۽ عسڪري قوتون پنهنجي پيرن تي ڄمي بيهي ملڪ مان ماڻهو مار دهشتگردن ۽ معاشي دهشتگردن جو هڪ ئي وقت صفايو ڪن. ته جيئن ڪروڙين ماڻهو ٻنهين مصيبتن مان نجات حاصل ڪري سک جو ساهه کڻن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *