مودي جو بنگلاديشي دورو، هڪ تير ۾ ڪيترائي شڪار؛ڊاڪٽر رشيد احمد خان

ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي تازو ئي بنگلاديش جو دورو ڪيو. خبرن مطابق بنگلاديش ۾ سندس خاص سواگت ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اميد جي ابتڙٽيسٽا دريا جي پاڻي جي ورڇ تي سمجهوتي ڏانهن ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي، ان ڪري نريندر مودي جي هن دوري ۾ ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار لاءِ جن ٺاهن ۽ ايم او يوز تي صحيح ٿي، انهن مان پتو پوي ٿو ته ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ واپار، اچ وڃ،ڪاروباري لاڳاپن  ۽ بچاءُ واري سهڪار جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيڻ واري آهي. سڀ کان وڌيڪ نمايان ٻنهي ملڪ جي وچ ۾4000 ڪلو ميٽر  کان وڌيڪ ڊگهي سرحد جي مستقل حد بندي وارن ٺاهن جي دستاويزن جي ڏي وٺ آهي. اهو ٺاهه 1947ع ۾ طئي ٿيو هو، پر ڀارت ۾ مخالف ڌر خاص طور تي بي جي پي جي مخالفت سبب ڪانگريس پنهنجي ڊگهي حڪومت واري دور ۾ ان جي پارليامينٽ مان منظوري نه ڪرائي سگهي هئي. ان ٺاهه جي منظوري ۽ ڀارت ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ان جي دستاويزن جي ڏي وٺ جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته بنگلاديش جي وزير اعظم حسينا واجد ان کي برلن جي ڀت سان ڀيٽ ڏني آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ڀارت سان گڏ بنگلاديش جي سرحد ڊگهي هجڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻي پورس(porous ( آهي جنهن سبب گهڻو ڪري ماڻهو غلطي سان سرحد پار ڪري ڀارت کان بنگلاديش ۽ بنگلاديش کان ڀارتي علائقن ۾ اچي ويندا آهن، جتي ٻنهي ملڪن جي بارڊر سيڪيورٽي فورس انهن کي گرفتار ڪري وٺندي آهي. ڇو ته سرحدي علائقن ۾ دريائن ۽ ندين جا ڄار وڇيل آهن، ان ڪري سرحد جي سڃاڻپ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي. نتيجو اهو آهي جو ڪيترن ئي سرحدي علائقن جي ملڪيت  تي ٻنهي ملڪن ۾ ويڙهه هلي رهي آهي.اهڙي قسم جي تڪرار ي سرحدي علائقن جو انگ ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ ٻڌايو وڃي ٿو. 1947ع جي ٺاهه هيٺ انهن مان 100 کان وڌيڪ  کي بنگلاديش جي ملڪيت مڃيو ويندو ۽ باقي 50 جي لڳ ڀڳ ڀارت جي قبضي ۾ هليا ويندا. ان ٺاهه تي عمل سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻو سرحدي تڪرار ختم ٿيندو، پر ان تڪرار کان متاثر 50،000 ماڻهن جي قانوني ۽ آئيني حيثيت به مسقتل  طور تي طئي ٿي ويندي، جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ سبب ڪڏهن بنگلاديش جي علائقن ۾ ۽ ڪڏهن  ڀارتي  سر زمين تي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا.سرحدي تڪرار جي حل کانسواءِ وزير اعظم نريندر مودي جي بنگلاديشي دوري دوران 22 ٺاهن تي صحيحون پڻ ٿيون جن ۾ ڏکڻ ايشيا جي مٽجندڙ سياسي صورتحال  ۽ پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن قومي مفادن جي حوالي سان ٽي ٺاهه اهم آهن.انهن مان هڪ ٺاهه هيٺ  بنگلاديش ڀارتي سامونڊي جهازن کي چٽا گانگ ۽ موننگا جي بندر گاهن تي لنگر انداز ٿي پنهنجو سامان لاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان کان اڳ ڀارتي جهازن کي بنگالي نار پار ڪري سنگاپور وڃڻو پوندو هو. ڀارتي سامونڊي جهاز سنگاپور ۾ پنهنجو مال لاهيندا هئا، جنهن کانپوءِ اهو بنگلاديش ۾ داخل ٿيندو هو، ان جي ڪري ڀارت کان بنگلاديش لاءِ مال 30 کان 40 ڏينهن دير سان پهچندو هو، هاڻي اهو سامان بنگلاديش پهچائڻ ۾ رڳو هڪ هفتو لڳندو.پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته چٽا گانگ جو بندر گاهه چين ٺاهيو هو ۽ ڀارتي جيو اسٽريٽجڪ  حلقن  جي دعوائن مطابق چين هندي سمنڊ تي قابض ٿيڻ لاءِ “موتين جا هار” جي نالي سان حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي، چٽا گانگ جو بندر گاهه ان ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، اهڙي ريت چٽا گاهه بندر گاهه تائين پهچ حاصل ڪري، ڀارت چين جي ان حڪمت عملي ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.ٻئي ٺاهه جو تعلق ڀارت پاران بنگلاديش ۾ انفراسٽرڪچر جي اڏاوت ۽ توانائي جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ وزيراعظم مودي پاران بنگلاديش لاءِ 2 ارب ڊالر قرض جو اعلان آهي. ان قرض جو مقصد ڀارت جي مدد سان بنگلاديش ۾ رستن ۽ ريلوي جو نظام بهتر بڻائڻ توڙي بنگلاديش کي ڀارت کان وڌيڪ بجلي گهرائڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي.هن وقت بنگلاديش پاڪستان جيان توانائي جي سخت بحران جو شڪارآهي ۽ ڀارت کان 500 ميگاواٽ بجلي گهرائي رهيو آهي. نريندر مودي ڍاڪا ۾ اعلان ڪيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ ڀارت کان بنگلاديش کي ملندڙ  بجلي جي مقدار ۾ 1100ميگاواٽ تائين واڌ ڪئي ويندي.ٽئين ٺاهه هيٺ بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ وڌيڪ ٻه بس سروسز شروع ڪيون وينديون، اها بس سروس ڍاڪا کان اگرتلا ۽ شيلانگ تائين هوندي. بنگلاديش لاءِ اهي ٻئي بس سروسز ان ڪري به ڪارائتيون آهن جو انهن ذريعي نه رڳو بنگلاديش کي ڀارت جي اتر اوڀر رياستن تائين پهچ ملي ويندي پر بنگلاديش پنهنجي رابطن جو دائرو ڀوٽان ۽ نيپال تائين وڌائي سگهندو. اهڙي ريت بنگلاديش، ڀوٽان ۽ نيپال کي پاڻ سان ملائي ڀارت علائقائي سهڪار بابت ڏکڻ ايشيائي تنظيم سارڪ اندر هڪ سب ريجنل گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو. دلچسپ ۽ ڪنهن حد تائين اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش  وچ ۾ اهي ويجها رابطا ، سهڪار ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپا اهڙي وقت جوڙيا پيا وڃن جڏهن ڀارت ۾ بي جي پي جي حڪومت آهي، ماضي ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار جي سڀ کان وڏي مخالفت بي جي پي ڪندي رهي آهي، هڪ موقعي تي ته بي جي پي بنگلاديش کي ڀارتي سلامتي ۽ قومي ايڪي لاءِ پاڪستان کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو هو،  ان جو ڪارڻ بنگلاديش مان بنگالي مسلمانن جي هڪ وڏي انگ جو ڀارت وڃي پورهيو ڪرڻ، تعليم پرائڻ ۽ رهائش اختيار ڪرڻ سان گڏ پاڪستان وڃڻ جو سلسلو هو.هاڻي به اولهه بنگال جي سرحدي علائقن ۾ ٻنين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڏهاڙي هزارين بنگالي پهچن ٿا ، جن مان گهڻا ماڻهو ڪم ڪري واپس هليا ويندا آهن پر هڪ جهجهو انگ  اتي ئي رهي پوندو آهي يا وري ڪلڪتي جو رخ ڪندو آهي ، انهن مان گهڻا ماڻهو ڀارت جي ٻين وڏن شهرن تائين پهچي ويندا آهن، جيتونيڪ اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿي رهيو هو، جڏهن اولهه بنگال ۾ ڪميونيسٽ پارٽي( مارڪسٽ) جي حڪومت هئي، ان ڪري بي جي پي هر اليڪشن ۾ بنگلاديش مان مسلمان بنگالين جي هڪ وڏي انگ جي اولهه بنگال ۽ ڀارت جي ٻين رياستن ۾ اچڻ ۽ رهڻ کي هڪ وڏو مسئلو ٺاهي پيش ڪيو ۽ کين ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پر هاڻي هڪ سوچيل سمجهيل سياسي ۽ علائقائي حڪمت عملي هيٺ بي جي پي “يو ٽرن” ورتو آهي.ان جو  مقصد  ڀارت جي ڀرپاسي ننڍن ملڪن يعني نيپال، ڀوٽان، بنگلاديش، سريلنڪا۽ مالديپ سان ٻه طرفن بنيادن تي لاڳاپن کي هٿي ڏئي ڀارت جي ويجهو ڪرڻ آهي، ته جيئن اهي ملڪ چين جي اثر هيٺ نه هليا وڃن. ٻيو مقصد علائقي ۾ پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ آهي ڇو ته پاڪستان  نه ته ڀارت سان کليل ۽ عام واپار ڪري ٿو ۽ نه ئي وري ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت جي حڪمراني مڃي ٿو. ان حڪمت عملي هيٺ نريندر مودي گذريل سال مئي ۾ وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پاڪستان جي وزيراعظم نوازشريف کي گهرايو هو پر ڇو ته خطي ۾ امن ،سهڪار ۽ ڀائيچارو ڀارت پنهنجي شرطن تي چاهي ٿو، ان ڪري پاڪستان سان سهڪار جي ڪوشش اڳتي نه وڌي سگهي،جيستائين ايشيا جي ٻين ننڍن ملڪن مثال طور بنگلاديش جو تعلق آهي ته انهن جي سڀ کان وڏي ڪمزوري سندن جاگرافيائي بيهڪ آهي، جيڪڏهن اسان بنگلاديش جي نقشي تي نظر ڦيرائينداسين ته هڪ پاسي اهو بنگالي نار ۽ ٽن پاسن کان ڀارتي علائقن ۾ گهيريل آهي ، ان ڪري ڀارت سان امن ڀريا ۽ عام لاڳاپا ان جي مجبوري آهي،

بنگلاديش جي معاشي ماهرن جي راءِ آهي ته ڀارت سان ويجهن واپاري ۽ مواصلاتي لاڳاپن کانسواءِ بنگلاديش معاشي ترقي جا گهربل مقصد حاصل نٿو ڪري سگهي، ان ڪري ڀارت ۾ بي جي پي جي حڪومت هجي يا ڪنهن ٻي پارٽي جي، بنگلاديش کي ڀارت خاص طور تي اولهه بنگال سان واپار ، اچ وڃ ۽ تعيلم جي شعبن ۾ لاڳاپا جوڙي رکڻا پوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *