موجوده صورتحال ۾ ڏکڻ ايشيا جي اهميت ؛وينگس

وقت جي وهڪري ۾ ڪيتريون ئي شيون جلدي ۾ گم ٿي وينديون آهن پر اهي پنهنجو اثر پٺيان ڇڏي وڃن ٿيون. اهڙا ئي اثر دنيا جي اڪثر خطن ۾ تازو ڏٺا پيا وڃن. اسان کي تاريخ جي ورقن مان سکڻ گهرجي جيڪي ٻڌائين ٿا ته ماضي جي جنگي ۽ غير پائيدار صورتحالن دنيا جي پوري سياسي تصوير کي ڪيئن نه تبديل ڪيو.

اسان هاڻي به ماضي جي سياسي منجهيل صورتحال تي بيهاريا ويا آهيون. ڪجهه سياسي هوائون زور سان ملڪن جي سياسي ميدان کي تبديل ڪرڻ وڃن پيون، شايد هاڻي ڪجهه مختلف نظر اچي، مطلب ملڪن جي وچ ۾ نوان اتحاد جڙي سگهن ٿا.

اسان بظاهر تبديلي کي محسوس نه ڪري رهيا آهيون، ڇو جو حالتون تيز رفتاريءَ سان مختلف رخ پيون اختيار ڪن ۽ ڪجهه مونجهارا به آهن، جو ان قسم جي تبديلي سان اسان سڀئي ائين پيا هلون، جيئن سمنڊ جي لهرن تي هلندڙ ٻيڙيءَ جي  حالت هوندي آهي.

سوال اِهو آهي ته ڇا دنيا ۾ سياسي حوالي سان واقعي به ڪا تبديلي ٿيڻ وڃي پئي؟ دنيا جي خطن تي ڪنهن جو پاور رهندو؟ ڇا نوان سياسي اتحاد ٺهندا؟ مڊل ايسٽ جي سياست، ڏکڻ ايشيا ۽ سينٽرل ايشيا تي ڪهڙو اثر  ڇڏيندي؟ مڊل ايسٽ تي ڪير پيو پنهنجو سڪو ڄمائڻ چاهي؟ اسلامي ملڪن جي پوزيشن ڪٿي بيهندي؟ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي سياسي ۽ معاشي حالت ڪيئن رهندي؟

افغانستان، ايران، پاڪستان، ڀارت، آمريڪا، چائنا، روس، سعودي عرب ۽ ٻيون عالمي قوتون سڀئي پاڻ کي هِن خطي ۾ ڪٿي ڏسڻ چاهين ٿيون يا کڻي ائين چئجي ته اهي سڀئي پنهنجي اثر کي ڪيئن مستقبل ۾ قائم رکنديون؟

دهشتگردي کي فل اسٽاپ ايندو؟ ان پوري صورتحال ۾ پاڪستان جي پوزيشن ايندڙ وقت ۾ ڪٿي بيهندي؟

اهڙا ڪيترائي سوال اُٿي رهيا آهن ته آخر دنيا جي گولي تي قائم ملڪ ۽ انهن سڀني جي معاشي صورتحال ڪهڙي شڪل اختيار ڪندي؟

اڄ منهنجي ڪوشش هوندي ته سوالن جي مد ۾ ڪجهه معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪجي. جيتوڻيڪ موضوع وڏو آهي، جيڪڏهن ڪجهه رهجي ويو ته ان کي ٻئي ڪنهن دفعي پنهنجي بحث ۾ آڻينداسين.

عام چوڻي آهي ته ”توهان پاڙيسري تبديل نه ٿا ڪري سگهو.“ ان جو مطلب اسان جي خطي ڏکڻ ايشيا ۾ جيڪي به ملڪ ۽ انهن جي آسپاس موجود پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي جي موجودگي کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن ۽ انهن سڀني جو هڪ ٻئي سان رشتو موجود آهي.

ڏکڻ ايشيا جا ملڪ جن وٽ هينئر به ڪيترائي پيچيده مسئلا آهن جن ۾ خاص طور تي دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ خراب حڪمراني سرفهرست آهن. اسان کي هڪ ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته القاعده جو گروپ، جنهن ڏکڻ ايشيا جي سطح تي پنهنجو ٻيهر گروپ جوڙيو آهي، ان جو بدترين اثر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن تي پئجي سگهي ٿو. ان ڪري ئي مان مٿي اشارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مڊل ايسٽ جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جو اثر ڏکڻ ايشيا تي به پئجي سگهي ٿو.  ان لاءِ مان صرف هتي ايترو چونديس ته جيڪڏهن ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ڪو مضبوط لائحه عمل نه جوڙيو ته داعش جيان هتي به القاعده کي ٻيهر ايڪٽو ڪيو ويندو ۽ ان جا بدترين اثر پاڪستان، ايران، افغانستان، بنگلاديش ۽ ڀارت تي پئجي سگهن ٿا.

ڏکڻ ايشيا جا ملڪ افغانستان، ڀوٽان، مالديپ، سريلنڪا، پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش ۽ نيپال هڪ ٻئي سان خطي جي سطح تي ڪا جامع پاليسي نه ٿا جوڙين ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ نتيجو انتهائي ڏکيو نڪرندو. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ڏکڻ ايشيا ۽ سينٽرل ايشيا کي الڳ ڪرڻ مشڪل آهي، هي ٻئي (ڏکڻ ۽ وچ ايشيا) پوري ايشيا تي راڄ ڪرڻ جا اهم رستا آهن. معدني ذريعا ٻنهي وٽ گهڻا آهن ۽ اڪانامي مارڪيٽ کي پوري دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ هي خطو اهميت وارو آهي. جنهن ڪري هر هڪ جي اک ايشيا (ڏکڻ ۽ وچ ايشيا) تي آهي.

هاڻي واپس اچون ٿا ڏکڻ ايشيا جي ملڪن تي. آخر ڪهڙا سبب آهن جو اهي سڀئي ملڪ هينئر تائين مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. جيتوڻيڪ انڊيا پاڻ کي گهڻو اڳتي وٺي ويو آهي، جو هاڻي ان جو مقابلو چائنا سان ٿئي پيو. اسان اِهو هتي به ياد ڪرائيندا هلون ته انڊيا جي-20 اڪانامي فورم جو ميمبر پڻ آهي.

’ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي صورتحال‘ تي نيپال ۾ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ مان به شريڪ ٿيس. ان جو هتي ٿورڙو ذڪر ڪرڻ چاهينديس ته اتي آيل سائوٿ ايشن دوستن جڏهن پنهنجي پنهنجي ملڪ جي صورتحال تي بحث ڪيو، ان جي جيڪڏهن سمري ڪڍجي ته اسان سڀني جا مسئلا ساڳيا ئي هئا. مثلن: خراب حڪمراني ۽ آمريت،  قوميت جو مسئلو،  سيڪيولر رياست جو نه هجڻ،  ڪرپشن،  دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي،  اظهار راءِ جي آزادي جي کوٽ وغيره.

جڏهن ته ان ۾ ڪيترائي مسئلا بحث هيٺ آيا، جن ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪشمير جو موضوع به بحث تي هو ته افغانستان، پاڪستان ۽ انڊيا به موضوع ۾ شامل هئا. آخر هي ٽئي ملڪ مستقبل ۾ ڪيئن ٿا رهن؟

هتي ڪانفرنس جو مثال ڏيڻ ان ڪري ضروري هو ته جيئن اسان ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي اندروني سطح کي ڏسون، اهي هينئر به بهترين جمهوريت قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. پاڪستان جو ئي مثال کڻو، ڇا اسان وٽ اهي ئي مسئلا ناهن؟ ان ڪري ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي پهرين ترجيح طور پنهنجي اندروني صورتحال کي بهتر ڪرڻو پوندو.  ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جا مرض ساڳيائي آهن، اهي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪري ان جو حل ڳولهي سگهن ٿا ته جيئن مسئلا حل ٿي سگهن. هي سڀئي ملڪ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن ۽ هڪ ٻئي جي موجودگي کي تبديل به نه ٿا ڪري سگهن، ان ڪري انتهائي ضروري آهي ته سارڪ پليٽ فارم کان علاوه هڪ ٻيو پليٽ فارم به جوڙين، جنهن ۾ ملڪي سطح جي مسئلن جو اثر خطي تي پوڻ کان روڪي سگهجي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته خطي جي سياسي صورتحال ڪمزور ٿيندي ۽ ان جو فائدو ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي نه پر جيڪي ايشيا ۾ پنهنجو اثر قائم رکڻ چاهين ٿا انهن کي پوندو.

اتي پاڪستان جي پوزيشن ڪيئن هوندي؟ ان کي به پاسيرو نه ٿو رکي سگهجي. پر ڇا ڏکڻ ايشيا ۾ صورتحال تبديل ٿئي پئي يا مڊل ايسٽ جي اڪثريت/ مسلم ملڪن جي سياسي صورتحال تبديلي ٿي رهي آهي؟ اسان هتي مڊل ايسٽ جي صورتحال کي ignore نه ٿا ڪري سگهون، ڇو جو اتي جيئن تبديلي اچي پئي، ان جو اثر ڏکڻ ايشيا تي پوندو. مان عبرت ۾ لکي چڪي هيس ته مڊل ايسٽ ۾ داعش کي سپورٽ ڪندڙ پاور قائم ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن واضح نموني سان لکجي ته سعودي عرب، مڊل ايسٽ کي پنهنجي کيسي ۾ رکڻ چاهي ٿو ۽ ايران جي پوري ڪوشش آهي ته هو مڊل ايسٽ تي پنهنجو اثر قائم رکي. ترڪيءَ جي پڻ اهائي ڪوشش آهي ته هو به پنهنجو اثر قائم ڪري. اڄڪلهه ترڪي، پاڪستان سان معاهده ڪري پيو، ڇاڪاڻ جو هو به ايشيا ۾ داخل ٿيڻ جي راهه جوڙي رهيو آهي.

مڊل ايسٽ ۾ پيدا ڪيل داعش، مذهبي فرقيواريت کي هوا ڏئي سگهي ٿي. مڊل ايسٽ ۾ جنهن مسلم ملڪ جو اثر وڌيڪ رهندو، اهو ايشيا ۾ پنهنجا پير ڄمائي سگهندو. ان سڄي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ هاڻي ”ايران“ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ڇو جو داعش کي ٽف ٽائيم ايران جي ذريعي به ملندو. جيڪڏهن ايران جو نيوڪليئر پاور تي ويسٽرن ملڪن سان معاهدو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ سڄي تصوير واضح ٿي ويندي ته مڊل ايسٽ ۾ سڪو ڪنهن جو هلندو!؟

ان ڪري سعودي عرب نه پيو چاهي ته ايران جو ڪو وري ويسٽرن ملڪن سان نيوڪليئر تي معاهدو ٿي وڃي. خير! معاملا هلي رهيا آهن، جنهن ۾ ايران پنهنجي پوزيشن مضبوط رکڻ چاهي ٿو ۽ مڊل ايسٽ تان پنهنجو اثر گهٽڻ نه ڏيندو. ان ۾ ايران ۽ سعودي عرب ٻئي ڪهڙي پاسي بيهن ٿا؟

جيئن ته اسان ڏکڻ ايشيا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ان ڪري هتي مڊل ايسٽ کي بحث ۾ آڻڻ جي ڪوشش ان ڪري ڪئي ته جيئن سمجهي سگهجي، مڊل ايسٽ ۾ مسلم ملڪن جي power shifting  جو اثر ڏکڻ ايشيا خاص طور تي پاڪستان جي سياست تي به پوندو.

اسان جي خطي ۾ اهميت وارا ملڪ ڪهڙا آهن، جيڪي اڳتي هلي ڪري اهم ڪردار ادا ڪندا؟ يقينن، افغانستان، پاڪستان، ايران، انڊيا، آمريڪا، چائنا، سعودي عرب ۽ روس کي پاسيرو نه ٿو رکي سگهجي. ٻيون عالمي قوتون به تصوير ۾ آهن پر هاڻوڪي صورتحال ۾ انهن جو ايترو گهرو يا کڻي چئجي ته سڌو اثر ناهي. يورپ، پنهنجن ئي مسئلن ۾ پريشان لڳو پيو آهي.

هتي گهڻو بحث پيو هلي ته جيڪڏهن آمريڪا، افغانستان مان هليو ويو ته پوءِ صورتحال انتهائي خراب شڪل اختيار ڪري وٺندي. آمريڪا پوري طرح سان افغانستان مان نه ويندو ۽ خود افغانستان به چاهي پيو ته آمريڪا جي سپورٽ رهي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جنهن انداز سان غني ۽ عبدالله جي حڪومت جُڙي آهي، ان ۾ آمريڪا پوري طرح سان نه ويندو. اهڙي صورتحال ۾ افغانستان، پاڪستان ۽ انڊيا جو مستقبل ڪيئن ٿو بيهي؟

ڳالهه صرف ٽن ملڪن جي ناهي، پر اصل معاملو ڏکڻ وچ ايشيا ۽ پوري ايشيا جو آهي. هاڻي سڀئي ملڪ اهميت رکن ٿا ۽ ڪنهن حد تائين سڀني ملڪن جا هڪ ٻئي سان دوستاڻا ناتا به آهن. ان ڪري هتي تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال کي ڏسڻو پوندو.

ياد رکڻ گهرجي ته حامد ڪرزئي جي حڪومت، پاڪستان ڏانهن طالبانن جي معاملي تي ٽف موقف رکيو ۽ اشرف غني ان جي ابتڙ اوترو ئي سافٽ ڪارنر رکندي، افغان ۽ پاڪستان ٻنهي جي گڏيل دهشتگردي خلاف جنگ جي ڳالهه ڪندو رهي ٿو.ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ڇا اشرف غني پاڻ چاهي پيو؟ دراصل آمريڪا به چاهي ٿو ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن حوالي سان امن قائم ٿي وڃي. افغانستان ۽ پاڪستان کي گڏ کڻي هلي ۽ طالبانن جي باب کي بند ڪجي. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي، افغانستان مان پوريءَ طرح هليا ويا ته وري طالبانن جو باب نه کُلي پوي. جنهن ڪري طالبانن سان ڳالهين ۾ چائنا کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڇو جو پاڪستان تي چائنا جو اثر آهي ۽ خود چائنا جي پنهنجي علائقي ۾ دهشتگردي جو عنصر موجود هجڻ ڪري، چائنا کي ڳالهين ۾ شامل ڪيو ويو. پاڪستان جا افغانستان ڏانهن بار بار دورا ڪرڻ به انهيءَ معاهدي جي ڪڙي نظر اچي ٿي.هڪ پاسي پاڪستان جا اندروني معاملا منجهيل آهن ته ٻئي پاسي افغانستان جي صورتحال کي به سمجهڻ گهرجي. اسان کي خبر آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان طالبانن جي مسئلي تي پيچيده رهيا آهن ۽ حقاني نيٽ ورڪ جهڙن معاملن تي ڪيترائي سوال اُٿن ٿا. طالبانن ۾ سني فرقي جو اثر گهڻو آهي ۽ افغان جا قبيلا مثلن هزاره، تاجڪ جا ماڻهو، جيڪي اينٽي طالبان آهن، انهن وٽ هينئر به هن مُلڪ جي حوالي سان reservation  موجود آهن.جيتوڻيڪ اهي قبيلا جيڪي اينٽي طالبان آهن، انهن جو سافٽ ڪارنر انڊيا ڏانهن آهي. انڊيا جا افغانستان سان بهترين دوستاڻا ناتا آهن ۽ ڪيترائي معاهده به ٿي چڪا آهن، شايد جيڪا ڳالهه خود چائنا کي به پسند نه هجي.  افغانستان هن خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان ڪري افغانستان ۽ ايران هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيا آهن.  انڊيا، ايران جو چابهار پورٽ جو معاهدو ٿيو آهي، جنهن ۾ افغانستان کان رستو ويندو، سينٽرل ايشيا ۾ داخل ٿيڻ جي سڌي ٽڪيٽ آهي.چابهار پورٽ ۽ گوادر پورٽ ٻئي مدِ مقابل پراجيڪٽ آهن.  جيڪڏهن هي معاهدو عملي شڪل اختيار ڪري ويندو ته پوءِ هن خطي تي اثر پوندو. ان ڪري ئي پاور شفٽنگ ٿيندي نظر اچي پئي. روس ۽ چائنا جي خواهش ناهي ته انڊيا وچ ايشيا ۾ داخل ٿئي پر انڊيا جا آمريڪا، افغانستان ۽ ايران سان دوستاڻا ناتا وڌن پيا. ان مان صاف پيغام ملي پيو ته ايندڙ وقت ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال ڪهڙي شڪل ۾ هوندي!ان پوري صورتحال ۾ پاڪستان جي پوزيشن ڪٿي بيهندي؟ پاڪستان کي پهرين طئي ڪرڻو پوندو ته ڇا هو هاڻي به سعودي پاليسي اختيار ڪندو؟ جيڪڏهن پاڪستان سعودي جي اثر ۾ رهيو ته پوزيشن ڏکي رهندي. ڇو جو مڊل ايسٽ جي سياسي صورتحال پاور پوليٽڪس کي واضح ڪري پئي. ان ڪري پاڪستان کي سعودي جي اثر مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍڻ کپي ۽ هن خطي جي سياسي صورتحال کي ڏسندي پنهنجي واضح پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي.پاڪستان کي سعودي جي اثر کانپوءِ چائنا جي اثر ۾ به نه وڃڻ گهرجي. ان جو گهٽ ۾ گهٽ خيال رکڻو پوندو ته جيستائين پاڪستان پنهنجي خودمختيار پاليسي اختيار نه ٿو ڪري تيستائين خطي اندر پوزيشن مضبوط نه ٿي سگهندي.انڊيا- ايران جو چابهار پورٽ جو معاهدو، جنهن ۾ افغانستان به شامل آهي، ان سان جاگرافي رستا به طئي ٿيندا، جنهن حوالي سان پاڪستان هر وقت پنهنجي جاگرافي رستن جي ڳالهه ڪندو رهي ٿو ته  اُهي اهميت رکندڙ آهن. پر ڇا چابهار پورٽ کان پوءِ به پاڪستان جي جاگرافي حيثيت ساڳي اهميت واري رهندي؟ ان تي به سوچڻ گهرجي ته عالمي ۽ خطي جي سطح تي تبديل ٿيندڙ اتحاد آهن.اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي لاءِ ضروري آهي ته هو دهشتگردي جي جنگ کٽي، گڏوگڏ اهو پڻ ضروري آهي ته موجوده صورتحال کي ڏسندي، پنهنجن خواهشن مطابق نه پر زميني حقيقتن کي اڳيان رکي پاڙيسري ملڪن سان مضبوط دوستي رکڻ گهرجي.دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽڻ انتهائي اهم آهي. پاڪستان کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پوندي. رياستون پنهنجي پاليسي خواهشن جي آڌار تي نه ٿيون جوڙي سگهن، انهن کي وقت سان تبديل ٿيندڙ صورتحال کي اڳيان رکي فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. پاڪستان کي به فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي پوزيشن ڪٿي ڏسڻ چاهي ٿو؟ڏکڻ ايشيا ذريعي وچ ايشيا کانپوءِ پوري ايشيا تي پير ڄمايا ويندا. ڏکڻ ايشيا جي اهميت وڌيڪ آهي، جنهن ۾ افغانستان، پاڪستان، انڊيا جا ملڪ اهم ڪردار ادا ڪندا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پاڪستان پنهنجي پاليسي کي ساڳئي انداز سان رکندو يا وري تبديل به ڪندو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *