مهين جي دڙي جي ماڻهوءَ جو وڇوڙو؛الطاف پيرزادو

Sobho-Gianchandani-passes-away-in-Larkanaڪامريڊ سوڀي جي وڇوڙي سان سنڌ جي تاريخ جو هڪ جيئرو جاڳندو دور پڄاڻيءَ تي پهتو آهي، هو ڳالهائيندو هو ته تاريخ ڳالهائيندي هئي. عالمي ڪميونسٽ تحريڪ کان ويندي، عالمي ادب، توڙي علائقائي سياسي لاهن چاڙهن، خاص ڪري هندستان، بنگلاديش، چين توڙي ملڪي سياسي لاهن چاڙهن، سرمائيداري نظام، جاگيرداري سوچ ۽ مزدورن، هارين ۽ پيڙهيل طبقي سان ٿيندڙ ظلمن تي جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي وڃي الائي ڪٿي پهچندي هئي. پڇاڙيءَ ۾ به سندس يادگيريءَ ۾ ايتري ته پختگي ڏٺي وئي جو ساڻس جيڪڏهن ڪو موضوع ڇيڙي به وجھبو هو ته ڪي پَلَ خيالن ۾ گُمُ ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو، ڄَڻُ تاريخ ورق اٿلائي رهي آهي.پنهنجي ڪردار ۽ ڪميٽمينٽ ۾ پاڪيزه ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ 3 مئي 1920ع تي سنڌ جي عظيم تهذيبي ماڳ مهين جي دڙي جي پاڇي ۾ قائم ننڍڙي ڳوٺ ”ٻنڊيءَ“ ۾ جنم ورتو هو.ٽيگور جي ادارا شانتي نڪتين مان ٿي اچڻ ۽ عملي سياست ۾ پير پائڻ کانپوءِ سندس هجت جو ئي نتيجو هو جو هن پنهنجي ڳوٺ ۾ نظربنديءَ دوران به پنهنجي ڪميونسٽ نظريي جي پرچارَ جاري رکي ۽ علائقي ۾ شعور جو اهڙو ته ٻِجُ پوکيو جو نظرياتي، علمي ۽ شعور جي حوالي سان پٺتي پيل هيءُ علائقو ۽ ڳوٺَ ترقي پسند تحريڪ ۽ سياست جو مرڪز ٿي ويا، جنهن ۾ منهنجو ڳوٺ ”ٻلهڙيجي“ به شامل آهي.ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته انور پيرزادي کي انور پيرزادو ڪرڻ وارو ڪامريڊ سوڀو هو، سوڀي جي صحبت ئي هئي، جنهن انور کي تيارُ ڪيو ۽ انور وري ان شعور جي آڌار ٻلهڙيجيءَ کي پٺتي پيل هڪ ڳوٺ مان ”جاگيرداري سمونڊ ۾ مڊل ڪلاسي “ ڳوٺ بڻايو، اهڙو ڳوٺ، جيڪو اڄ به پنهنجي سياسي، ادبي ۽ صحافتي پختگيءَ جي ڪري سنڌ ۾ ڏيهان ڌيهه مشهور آهي.سو ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ سوڀو هڪ ئي وقت ڪميٽيڊ ڪميونسٽ به هو ته تاريخدان ۽ اديب توڙي دانشور به. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ جڏهن نامُ ڪٺيا ڪميونسٽ به ”ڪوئي ڪهان گرا ڪوئي ڪهان گرا“ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وکري ويا، اتي عزم جي پختي هن انسان تڏهن به ڪميونزم ۽ سوشلزم جو پاندُ نه چريو ۽ ان جي پرچار جاري رکي ۽ چيو ته طبقاتي نظام جي خاتمي کانسواءِ هاري مزدور ۽ پورهيت جي حقن جي حاصلات ممڪن ٿي نه ٿي سگهي.هن 1930ع ڌاري ٽيگور کي هڪ خط لکيو هو ته آئون هڪ محنتي ۽ ايماندار ڇوڪرو آهيان، توهان جي اداري ۾ تعليم جو خواهشمند آهيان پر اوهان جي داخلا کان اڳ واري ٽيسٽ ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهان ۽ ايئن هن نوجوان کي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي جواب آيو ته بغير انٽرويو جي ئي اوهان جي داخلا ٿي وئي آهي. رابندر ناٿ ٽيگور جي عملي ۽ فني تربيت اداري شانتي نڪتين مان واندو ٿيڻ وقت ڪامريڊ پنهنجي هڪ استاد کي چيو هو ته هتي آيو ته هڪ ٻار جي حيثيت ۾ هُئس ۽ جڏهن هي ادارو ڇڏي وڃي رهيو آهيان ته هڪ انسان آهيان.ڪامريڊ سراپا سنڌ هو ۽ سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ سمايل هئي، اهو ئي سبب آهي جو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ جڏهن هندن هندستان ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪئي ته ڪامريڊ نه رڳو اهو چئي لڏڻ کان  انڪار ڪيو ته مان ڇو سنڌ ڇڏيان، سنڌ منهنجو وطن آهي، سنڌ منهنجي ڌرتي آهي پر اهڙي لڏپلاڻ جي حوصلي شڪني به ڪئي. ائين هن پنهنجا پڇاڙڪا پساههَ به سنڌ ۾ ۽ پنهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي ۾ پورا ڪيا.

هن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ يا ائين کڻي چئجي ته 1940ع واري ڏهاڪي ۾ جهڙي نموني هاري ۽ مزدور تحريڪن کي سنڌ ۾ متحرڪ ڪيو سو به تاريخ جو هڪ اهم دور آهي، سندس ڪوشش سان ئي هارين ۽ مزدورن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جا اهم سيل قائم ٿيا ۽ مزدور جدوجهد ڪار خانيدارن ۽ انتظامي اهلڪارن کي مزدورن اڳيان هٿيار ڦِٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هن کي توڙي جو ڪيئي ڀيرا باور ڪرائي ڌمڪي نما مشورو ڏنو ويندو رهيو ته هڪ سنڌي، ٻيو هندو، ٽيون ڪميونسٽ هئڻ سبب تون اسان جي لاءِ قطعي طور قابل قبول ناهين، تنهنڪري سنڌ ڇڏي هند هليو وَڃُ، پر هن ”منهنجو ملڪ ملير“ وانگر پنهنجو جيءُ سنڌ سان جوڙي ڇڏيو ۽ سندس ارٿي سنڌ مان کڄڻ واري خواهش پوري ٿي، هو توڙي جو واقعن ۽ حالتن سان وڙهندي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ اچي پهتو هو ۽ سندن لاڏلي پٽ ڪنعي جي وڇوڙي جي ڏکَ سندس جيءُ جھوري وڌو هو، تنهن هوندي به امن لاءِ، هارين توڙي مزدورن ۽ ڏتڙيل طبقن لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکيائين. اڄ ڪامريڊ ناهي، سموري سنڌ، لاڙڪاڻو ۽ ان کان وڌيڪ ٻلهڙيجي سوڳوار آهي.

جيسين هئي جيئري، ورچي نه ويٺي

وڃي ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.