ماڻهوءَ ۽ مٽيءَ جو رشتو اڄڪلهه جو نه پر آدجڳاد جو آهي. چون ٿا ته ڪائنات جي سڀ کان پهرين انسان حضرت آدم جو بت جڏهن مٽيءَ مان جڙي تيار ٿيو هو ته شيطان مٿس پهريون اعتراض به اهو ئي ڪيو هئو ته هيءُ مٽيءَ جي پئدائش آهي ۽ مان باهه جي، تنهنڪري کيس سجدو ڇو ڪريان، پر ڪائنات جي خالق سندس اعتراض رد ڪري ڇڏيو ۽ مٽيءَ کي مانُ بخشيو. ان ڏينهن کان اڄ تائين ان مٽيءَ جي ماڻهو سوين رنگ ۽ روپ مٽيا آهن پر جڏهن به سندس ساهن ۾ مٽيءَ جي خوشبو مهڪي آهي ته هن پنهنجي هستي تان هٿ کڻي هن مٽيءَ جي مهانتا لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.
شيخ اياز جيڪي لفظ چيا هئا ته،
آيو موت ته روح مري ويو، جسم ٿيو آزاد،
مٽي اول مٽي آخر، مٽي زندهه باد.
انهن جو مفهوم به اهوئي هو ته جنهن ماڻهو پنهنجي دکايل ديس جي دانهن تي جيءُ چيو ۽ پنهنجي جيون جا ڪجهه پل انفرادي مفادن جي بجاءِ اجتماعي مفادن تي قربان ڪيا سو ماڻهو مرندي به مات نه ٿيو. تنهنڪري سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته پنهنجي لاءِ ته سڀ جيئندا آهن پر ٻين جي لاءِ ڪو ڪو جيئندو آهي. تنهنڪري جنهن ماڻهوءَ مٽيءَ جو مان سڃاتو ان ازلي مهانتا ماڻي ورتي.
دنيا جا سڀ عظيم ماڻهو محض ان ڪري عظيم آهن جو هنن سنسار کي سونهن بخشڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. ڌرتيءَ جي گولي کي خوب کان خوب تر بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري کي مقدم رکڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي ماڻهن جي عزت ۽ وقار لاءِ ڪم ڪيو ۽ ننڌڻڪن ۽ بيواهن جا واهر وسيلا بڻيا.
پر اها به حقيقت آهي ته هن مٽيءَ جي ٺهيل انسان جو ڪو هڪ روپ نه آهي. بلڪل ان شعر وانگر ته ’اها مٽي ڪم ڪريندي هزار، حڪم هليندي هزار‘. هن مٽيءَ جي ماڻهو جيڪڏهن هتي تعميري ڪم ڪيا آهن ته تخريبڪاري به ڪنهن ٻئي نه ڪئي آهي. جي وک وک تي محبتن جا گلاب هڪ انسان پوکيا آهن ته قدم قدم تي نفرتون به انسان ئي ڇٽيون آهن. جيڪڏهن بنيادي حقن لاءِ جدوجهد هڪ انسان ڪئي آهي ته وڌ کان وڌ حق تلفيون به انسان ئي ڪيون آهن. جيڪڏهن ٻين جو اجهو ۽ آٿت هڪ انسان بڻيو آهي ته لالچ ۽ لوڀ جا ڄار به هڪ انسان ئي اڻيا آهن اهوئي سبب آهي جو اهو چيو ويندو آهي ته هرڪو پنهنجي گهر جي ٻرندڙ چلهي کي ڏسندو آهي پر ٻئي جي چلهي جي اُجهاڻل آڳ جا سبب ڪو ڪو ڳوليندو آهي. جيڪڏهن سڀ ماڻهو مثبت سوچ جا مالڪ هجن ها ته لطيف سرڪار کي ايئن نه چوڻو پوي ها ته ’پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن، ٻيون هوئن ئي هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون.‘
جيڪڏهن حقيقت پسندي جي نظر سان ڏسبو ته پتو پوندو ته هن سماج جي خوبصورت رنگن ۽ رونقن ۾ گهڻو ڪردار انهن روئڻ وارن جو آهي، جيڪي ٻين جي ڏکن تي تڙپندا ۽ واڪا ڪندا آهن. ڇو ته اسان جي سماج ۾ اها ته ڳالهه ناممڪن بنجي وئي آهي ته ڪو جائز ڪم به بنا رت روئڻ ۽ ٻاڪارڻ جي ٿئي. اسان جي عملدارن جي ڀڄ ڊڪ صرف ڪرسي ماڻڻ لاءِ هوندي آهي، نڪي ڪرسي تي ويهي اختيارين جو جائز استعمال ڪرڻ لاءِ- ۽ حقدارن کي حق بنا فرق جي ڏيارڻ لاءِ. اسان جي سياستدانن کي وري عوام جي ياد تڏهن ايندي آهي، جڏهن ووٽن جي وسڪاري جي موسم ايندي آهي. ان کان پوءِ ڪهڙي عوام ڪهڙا حق؟سڄي سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن، وستين ۽ واهڻن ۾ توهان کي اهي انسان به ملندا، جيڪي پاڻ سراپا سور آهن ته اهڙا به ملندا جيڪي ٻين جي لاءِ پاڻ ٻارين ٿا. ڪٿي بجلي جي کوٽ خلاف آواز اٿن پيا، ڪٿي پاڻي جي اڻهوند لاءِ احتجاج ٿين پيا، ڪٿي روڊن ۽ رستن جي بدتر صورتحال لاءِ احتجاج ته ڪٿي امن امان لاءِ احتجاج.ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن جي پريس ڪلبن تي ڪي نه ڪي بک هڙتال تي ويٺل نظر ايندا ۽ هر شهر جي چؤنڪ تي ڪونه ڪو احتجاجي ڌرڻو ۽ ڪا بک هڙتالي ڪئمپ نظر ايندي آهي پر خبر ناهي ڇو سرڪار سڳوري جي چپن تي ماٺ جي مهر لڳل هوندي آهي. انهن بک هڙتالين کي ڪڏهن ڏينهن، ڪڏهن هفتا ۽ ڪڏهن مهينا ته ڪڏهن وري سال به لڳي وڃن ٿا، پر ڪو به اختيارين طرفان لڙي اچڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. ڪڏهن بيروزگار نوجوانن پاران ڊگريون ساڙي احتجاج، ڪڏهن پورهيتن پاران پگهارون وڌائڻ لاءِ احتجاج، ڪڏهن واپاري تنظيمن پاران اضافي ٽيڪس اوڳاڙي خلاف احتجاج ته ڪڏهن سول سوسائٽيءَ پاران بنيادي سهولتن جي پوراءَ لاءِ احتجاج. ايئن لڳي ٿو ته حڪومتي اختيارين پاران اهو طئي ڪيل آهي ته جيستائين ماڻهو تنگ ٿي روڊن تي نه اچن، احتجاج ۽ ڌرڻا نه لڳن، تيستائين ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪبو. اهڙي ماحول ۾ واقعي به تعريف جا حقدار آهن اهي ماڻهو، جيڪي بنا ڪنهن ذاتي مفاد جي پنهنجي پنهنجي علائقائي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙين ٿا.اڄڪلهه پڪاچانگ جي چؤنڪ تي پڻ اهڙا ئي کاهوڙي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج تي ويٺل آهن. هُو نه اهو طلبين ٿا ته حڪومتي خرچ سان کين پڪا گهر ٺهرائي ڏنا وڃن ۽ نه اهو چاهين ٿا ته کين سرڪاري نمبر پليٽ لڳل گاڏي ڏني وڃي. نه سندن مقصد اهو آهي ته اسيمبلي ميمبرن واريون سهولتون کين به ڏنيون وڃن. نه اهو مطالبو اٿن ته سندن ڪوڙا ٺيڪا ۽ ڪوڙا ٽينڊر منظور ڪيا وڃن، پر هو ته سادن ۽ صاف لفظن ۾ صرف اهو چاهين ٿا ته جيئن سڄي پاڪستان جي هر شهر کي گئس جي سهولت مليل آهي، تيئن پڪاچانگ کي به اها سهولت ڏني وڃي. ايئن به ناهي ته هن علائقي ۾ گئس جي لائين جو گذر ئي ناهي، تهنڪري گئس ڪيئن پهچائجي بلڪه سڄي پاڪستان کي گئس مهيا ڪندڙ مين لائين بلڪل فيض گنج جي حدن مان ئي گذري ٿي. پر پوءِ به هتان جي عوام کي ان سهولت کان محروم رکيو ويو آهي.فيض گنج واسين جو هي مطالبو يا احتجاج ڪو اڄ جو ناهي پر ٿورو پوئتي نهاربو ته هن مسئلي لاءِ جاکوڙ تمام گهڻي پراڻي آهي. اڳوڻي فوجي سربراهه پرويز مشرف جي دور کان به اڳ هن اهم اشو بابت ڪيترائي ڀيرا هتان جي رهواسين پاران آواز اٿاريا ويا. پرويز مشرف پاران اعلان به ڪيو ويو ته پوري پاڪستان جي هر تعلقي هيڊ ڪواٽر تائين گئس پهچائي وڃي پر فيض گنج تعلقو شايد وس وارن کي مُلڪ جي حدن اندر نظر ڪو نه ٿو اچي.
انکانپوءِ پپلز پارٽي جي حڪومت جا پنج سال پورا ٿيا ۽ وري مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قائم ٿي پر اڃا تائين ان جا آثار به نظر ڪونه ٿا اچن.
جڏهن ووٽن جي موسم آئي هئي، فيض گنج جي حدن ۾ به پوري پاڪستان وانگر هر طرف جلوس هئا، نعرا هئا، شهر جون گهٽيون رنگا رنگ جهنڊن سان سجايل هو. ۽ هر پاسي جلسن جلوسن جي نمائش هئي. ان وقت جنهن به پارٽي جا اڳواڻ ووٽ گهرڻ لاءِ جنهن به ڳوٺ ويا اتي فيض گنج کي گئس پهچائڻ جو واعدو ڪيائون پر وقت گذرڻو هو سو گذري ويو پر وريو ڪجهه به ڪونه.
هاڻ هڪ دفعو وري فيض گنج واسي سراپا احتجاج بڻيا آهن ۽ لڳ ڀڳ 3 مهينن جو عرصو مسلسل بک هڙتال تي ويٺا آهن پر وريو ڪجهه به نه آهي. حيرت جي ڳالهه ته نه ڪو سرڪاري اعليٰ عملدار وٽن آيو آهي ۽ نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ڪو ننڍو وڏو اڳواڻ وٽن پارٽي موقف کڻي پهتو آهي ته اسان جي پارٽي اوهان سان هر ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ چاهي ٿي. بس ويچارا ڪجهه عام ماڻهو، ڪجهه سوشل ايڪٽو فورم ۽ ڪجهه صحافي. هنن ماڻهن پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ علم بلند ڪري اهو ثبوت ڏنو آهي ته انهن پنهنجي ديس واسين جي اندر جي آواز ۽ دلين جي دانهن کي ورنايو آهي. مطلب هنن پنهنجي مٽيءَ سان محبت جو ناتو نڀائڻ لاءِ وک وڌائي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪڏهن سرڪار جي ڪن تي سندن ڪوڪ پهچندي يا وري ڪڏهن هنن سياسي پارٽين جي اڳواڻي ڪندڙن جي احساسن ۾ پنهنجي ماڻهن جي مسئلن جي حل جي سوچ پيدا ٿيندي. ڇو ته ايئن نه ٿئي ته ايندڙ سياسي اليڪشن دوران سياسي اميدوارن کي به عوام وٽان اهي ئي نااميدي جا عڪس ڏسڻا پون، جيڪي هن وقت فيض گنج جي عوام جي دلين ۾ ۽ هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل همراهن جي اکين ۾ چمڪن ٿا. هن جدوجهد جو نتيجو ڇا به نڪري پر هڪ ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته سڄي سنڌ جيان فيض گنج ۾ به اهڙن جاکوڙي ماڻهن جي کوٽ ناهي، جن عمل سان ثابت ڪيو آهي ته،
منهنجو ساهه مٽيءَ ۾، مٽي منهنجو مانُ،
شال ٿيان قربان، مٽي تنهنجي مان لئهِ.