ملڪ جو وجود، انصاف ڪڏهن ملندو: ساٿي محمد صالح ڪاتيار

ملڪ جي آفيسر شاهي ڪرپٽ سياستدانن جي ملي ڀڳت سان ملڪ ۾ ڪرپشن جي وڌڻ سان ملڪ جو وجود خطري ۽ خساري ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سڀني جو مستقبل ملڪ جي وجود سان جڙيل آهي، هن وقت ملڪ ۾ ڪرپشن جي ڪمال جا چرچا هلي رهيا آهن، هر ڪرپٽ پنهنجي صفائي پيش ڪندي سڀني کي نظر اچي رهيا آهن، هڪ ٻئي تي الزام هڻي پنهنجي جان آجي ڪرڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهيا آهن، اهي ڪرپشن ڪندر پنهنجي آرام ڦٽائي چڪا آهن، دنيا جا مثال آڏو رکندي ملڪ ۾ جيستائين ناانصافي جو ازالو نٿو ٿئي، حق تلفين جو خاتمو ۽ سچائي جي عنصر کي برقرار نٿو رکيو وڃي تيستائين، ترقي جو رجحان نه وڌي سگهندو، جڏهن ته ڦرلٽ ڪري عوام جي خوشحالي نه ٿي سگهي آهي، دنيا جا ملڪ اڳتي وڌي ترقي ڪندي نظر اچن ٿا، اسان وٽ ترقي جي راهه کي روڪي غير يقيني صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي، سڀني کي عوام جي خوشحالي لاءِ امن برقرار رکڻ لاءِ بهتر سوچ اتحاد جو مظاهرو نيڪ نيتي سان ڪرڻ گهرجي ۽ عوام دهشت وحشت جي واڌاري ڪري مونجهاري جو شڪار آهي، عوام جي بيارومددگار پاڻ کي سمجهي ٿو، اهڙي صورتحال ڪري عوام کي تحفظ غير يقيني بڻيل آهي، سياستدانن تان امان، تحفظ نه ڪرائڻ ڪري عوام جو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، عوام اڄ به خوف ۾ ورتل آهي، عوام جي بهتر زندگي لاءِ ترت قدم کڻي دهشت ۽ وحشت ڪندڙن مجرمن کي عوام آڏو ظاهر ڪري پردو سڀني تان کنيو وڃي جيئن ڪوبه مجرم سزا کان نه بچي سگهي، دنيا جا ملڪ ترقي لاءِ محنت جي رجحان کي وڌائي خوشحال بڻجي چڪا اهن پر اسان جي ملڪ ۾ سڀ وسيلا هوندي به ترقي نه پئي ٿئي ۽ معاشي بحران وڌڻ ڪري غربت ۾ واڌارو آيو آهي ان ڪري ملڪ خساري ۾ اچي ويو آهي، عوام خوشحالي نه اچڻ ڪري تباهي جو عنصر نمايان بڻيل آهي، جيستائين عوام لاءِ امن امان برقرار رکي سڀ وسيلا ڪتب نٿا آندا وڃن ۽ ڦرلٽ جي نظام کي تبديل نٿو ڪيو وڃي تيستائين ايندڙ نسل جو مستقبل نٿو سنوارجي سگهجي. انهي لاءِ امن هجڻ ضروري آهي.

ملڪ ۾ ڦرلٽ جي پيدا ڪيل نظام مان صرف اتحاد ايڪي سان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسان جو ملڪ آزاد ٿيڻ کان پوءِ سازشين ملڪ کي دلي تسليم نه ڪيو هو، انهن جي نسل اڄ به سازشون ڪري ملڪ ۾ غيريقيني صورتحال پيدا ڪري رکي آهي، انهن سان آفيسر شاهي جٽ بڻيل آهي، دهشت ۽ وحشت جي راڄ جو وڌڻ جو سبب انهن جو هٿ آهي، تنهن ڪريم ڪمل عوام کي تحفظ نه ملي رهيو آهي، اڃا تائين امن امان جو مسئلو نه نبري سگهيو آهي، صرف روڪٿام جون دعوائون ڪيون پيون وڃن پوءِ به امن نه ٿي سگهيو آهي، پهريا ئي کان رشوت جو ٻچ ڇٽيو ويو، جيڪو وڌي وڻ ٿي چڪو آهي، انهي غربت خساري ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، ملڪ کي قرض تي هلايو پيو وڃي، قرضن جا انبار کڻي به ملڪ ترقي نه ڪري سگهيو آهي، آمراڻن دورن کان سواءِ هر دفعي حڪمران دعوائون ۽ واعدا ڪندا پيا اچن اسان ڪشتو ٽوڙي ڇڏيو آهي، ملڪ جا وسيلا استعمال ڪري ترقي ۽ خوشحالي آڻينداسين، تنهن هوندي ڪشتو انهن جي هٿن ۾ موجود آهي، اسان وٽ رشوت جي خاتمي يا ضابطي لاءِ ادارا موجود آهن، اهي ادارا راشي بڻجي ناڪام آهن، پراصل رشوت جي جڙ اهي ادارا آهن،

پهريائين کان رشوت جا انداز پنهنجا پنهنجا رهيا آهن، پر هاڻ کلي عام سوديبازي ڪري واڪ وانگر ورتي وڃي ٿي، يا پهچائي وڃي ٿي، رشوت خور آفيسرن مختلف گس طريقي سان وٺڻ جا ڪري ڇڏيا آهن، سياستدان به ملي ڀڳت ڪري ڪرپشن جي لپيٽ ۾ اچي بدنام وائکا ٿي چڪا آهن، انهن ۾ مال ڪمائڻ واري سوچ جو طوق پنهنجي ڳچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ ٻئي برابر جا ڏوهي آهن پر انصاف ترت نه ملڻ ڪري ڏيڻ وارو جيءُ نٿو سگهي، اهڙي عنصر هئڻ ڪري وٺڻ وارو ڪک پتي مان ارب پتي تائين پهچي چڪا اهن، اهي مال ميڙڻ واري مقابلي ۾ پوتي نه پيا وڃن انهن جا شيش محل نما گهر عوام آڏو نمايان آهن، غريب جي جهوپڙي ۾ اڄ به پاڻي ٽمي رهيو آهي، اڳ ۾ آفيسر نيڪ ايماندار چورائي پنهنجي نوڪري دوران نالو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پوءِ به رشوت ٻئي طريقي سان استعمال ٿيندي هئي، گفٽ سسٽم طور انهن تائين پهچائي انهن کي راضي ڪيو ويندو هو، يا سندس گهر واري کي چورائي انهن کي ٻارن جي خرچي طور لفظ وٺي ان کي راضي ڪيو ويندو هو، جنهن سان ان آفيسر جي نيڪ نامي بچي ويندي هئي ۽ رشوت جو مال به ان جي گهر ۾ ملي ويندو هو، ان بعد ٻيو طريقو ٽيبل جي دراز ۾ آستگي سان خانو کولي نوٽ رکيا ويندا هئا، جيئن صاحب راضي ٿي ڪم ڪري ڏئي، رجسٽر جي پنن ۾ به پئسا رکي ڇڏيا ويندا هئا، جيئن ڪنهن کي خبر نه پئجي سگهي پر وقت گذرڻ سان اهي سسٽم ختم ٿي چڪا اهن، سياستدانن خدمت جو لفظ استعمال ڪري مال هضم ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي هن وقت ڪرپشن اڏوهي وانگر کائي رهي آهي جنهن ڪري غريب ماڻهو پريشان حال بڻيل آهي، هاڻ ته پئسي جي هوس سڀني کي وڌيڪ مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي رجحان ڪري رساڪشي ۾ غريب جو جيئڻ جنجال بڻي سندس پيٽ گذر لاءِ ماحول بهتر نه ٿي رهيو آهي، غريب ڏينهون ڏينهن پوئتي امير تر امير بڻجي ويا آهن آفيسر شاهي به ڦرلٽ ۾ رڌل امير ترين خوابن جا مالڪ بڻجي ويا آهن، ان ڪري غريب تعليم ۽ صح لاءِ لاچار بڻيل آهن، اسڪول، صحت مرڪزن، اسپتالن جو انتظام بهتر نه ڪرڻ جا ذميوار سياستدان ۽ آفيسر برابر آهن، سندن ڪوڙيون دعوائون عوام آڏو ظاهر آهن، حڪمران ڪوڙ جي سهاري تي ڦرلٽ جي نظام کي واڌارو ڏيئي ملڪ کي تباهي طرف ڪري ڇڏيو آهي،

سنڌ ۾ زراعت کي هٿ وٺي ڪاپاري ڌڪ هئڻ سان هاري جي زندگي ننڍي زميندار جو گذارو ختم ڪيو ويو آهي، تعليم ۾ ڪوبه سڌارو نه اچي سگهيو آهي، تعليم معيار جو ملي ڀڳت سان هٿ وٺي بلند ڪيو ويو آهي، ٻهراڙين ۾ اسڪول بند آهن، ماستر غائب گهر ويٺي پگهارون وڏيرن جا ڪمدار اسڪول اوطاقون گدام، واڙا آهن، ان لاءِ اڃا تائين ڪي به موثر قدم نه کنيا ويا آهن اهڙي تعليمي صورتحال ۽ تعليم جو به خاتمو ڪري وڏيرن جي سوچ کي تقويت ڏني وئي آهي، صحت لاءِ به موثر انتظام نه ڪيا ويا آهن، اسپتالن جي حالت زار بڻيل آهي، اسپتالن تائين ٻهراڙين کان پهچندي موت جي حوالي ٿي وڃن ٿا، ٻهراڙين ۾ رٿابندي سان ڪي به صحت مرڪز نه ٺهرائي ڏنا ويا آهن، ٻهراڙي جي عوام اڄ تعليم ۾ پوئتي ۽ بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن آفيسر شاهي جا ٻار ڦرلٽ مان پئسو ڪمائي رهيا آهن، غريب جو ٻار کي نه بهتر تعليم صحت لاءِ بندوبست ڪيو ويو آهي، سٺي حڪمراني ڪندڙن ۽ حقيقي جمهوريت آڻڻ ۽ ملڪ کي بچائڻ وارن کي خاندان سميت خاتمو آندو ويو آهي، آمرن دوران جي آمراڻيون روشون عوام کي ياد رهڻ کپن، جيئن وري هڪ ڀيرو استحصالي طبقا عوام کي ڏاڍ طرف ڪري منهن ۾ نه وجهي ڇڏين، سامراجي قوتون پاڪستان کي يرغمال بڻائي پنهنجي هڪ هٽي رکي سگهن ٿا، ملڪ جي وجود کي بچائڻ لاءِ سڀني کي درست رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، ملڪ ڳنڀير حالتن مان گذري رهيو آهي، ملڪ کي تباهي کان بچائي ايندڙ نسل جو مستقبل سنوارڻ لاءِ ڪوشسون ورتيون وڃن ته بهتر امن ٿي سگهندو ۽ سازشين جا حربا ختم ٿي ويندا.

ملڪ مالا مال آهي سڀ وسيلا ڪتب آڻي سگهجن ٿا نيڪ نيتي جو عمل هجڻ گهرجي، جنهن سان ملڪ اهڙي صورتحال مان نڪري سگهندو ۽ ترقي ۾ اڳتي وڌي سگهي ٿو ملڪ ۾ دهشت وحشت کي اڀاري ڀٺڀرائي ڪري تقويت ڏني پئي وڃي عوام ۾ خوف پيدا ڪيو پيو وڃي جنهن سان معاشي ڪاروبار کي ڇيهو پهچي رهيو آهي، غير ملڪي پنهنجو سرمايو نه لڳائي رهيا آهن، جنهن سان معاشي نقصان ٿي رهيو آهي امن امان مڪمل برقرار ٿي سگهيو آهي، ملڪ ۾ امن امان برقرار تڏهن ٿي سگهندو جڏهن سڀ ڌريون نيڪ نامي جي عمل مان گذري گڏيل ڪوشسون وٺي اڳتي عمل سان وڌڻ گهرجي، ان ۾ ڪنهن سان به حق تلفي نه ٿيندي، انصاف جو پلڙو ڀاري ٿيندو، ۽ سڀني سان انصاف برابر هئڻ گهرجي، ڪرپٽ معاشري مان ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪرپشن جو خاتمو ضروري آهي، اهڙا ترت اقدام ڪيا وڃن جنهن سان ملڪ جو جوجود برقرار رهي ۽ ڪرپشن کي ٻنجو ڏيئي سسٽم تبديل ڪيو وڃي جنهن سان ڏوهن ۾ ڪمي اچي سگهي ٿي ۽ ڏوهارين کي گرفت ۾ آڻي سزا لائق بڻائي سگهجي ٿو، دهشت وحشت جي راڄ جي پٺڀرائي ڪندرن جو خاتمو اچي ويندو، بهتر قدمن کڻڻ سان بغير رعايت جي امن برپا ٿيڻ سان ملڪ غربت جي خساري مان نڪري خوشحالي طرف گامزن ٿيندو، ايندڙ نسل جو مستقبل روشن ٿيندو، انصاف جو پلڙو ڀاري رهندو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *