ملڪ اندر مئل ٻارن جي پيدائش ۽ حڪومتي زميواريون..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

اسانجي اها اتفاق راءِ آهي ته پاڪستان اندر سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي.جيڪا نه رڳو پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائي رهي آهي پر اها دهشتگردي هڪ اهڙو ناسور بڻجي وئي آهي.جنهن جي ڪري ملڪ جي هر شعبي سان لاڳايل شخص انهي ناسوري فٽ جيان نه ڇٽندڙ زخم کڻي ڪري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي..اها به حيقيقت آهي ته ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي اسان جي ملڪ جي نه رڳو معيشت کي نقصان ڏنو آهي پر انهي دهشتگردي اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي معصومن جون زندگيون ضايع ڪيون آهن.جن جي تعداد 60کان70 هزار کي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي.انهي ڪري ملڪ جي عسڪري توڙي سياسي طاقت انهي ڪوششن ۾ آهي ته ڪهڙي به طريقي سان ملڪ جي بي گناه ضايع ٿيندڙ زندگي جي جانين کي بچائڻو آهي،سندس حفاظت لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪرڻيون آهن.جڏهن ته پاڪستان اندر مرڻ وارن جي عمر جو اندازو لڳايو وڃي ته اوهانکي اهو ٻڌي حيراني ٿيندي ته پاڪستان اندر دهشتگردي کان به وڌيڪ انهن معصوم جانين جو نقصان ٿي رهيو آهي جن اڃان زندگي جي شروعات ناهي ڪئي هوندي ۽ اهي زندگيون موت جي نظر ٿي وينديون آهن.اهو هڪ اهم ۽ سگين مسئلو آهي.جنهن تي حڪومت سراسر انااهلي ۽ سستي وارو ڪرادر ادا ڪري رهي آهي،ڇو ته اها به حيقيقت آهي ته مرڻ رڳو بم يا بارود سان ناهي هوندو.ڪنهن قوم جي ٻچن کي بکون ڏئي مارڻ به هڪ دهسشتگردي آهي،ڪنهن قوم جي مائرن کي صحت جون صحولتون نه ڏئي ڪري انهن جي جهولن ۾ ايندڙ گلن کي مرڪڻ کان پهرين مرجهائجي ڇڏڻ اها دهشتگردي ناهي. ته ٻيو ڇا آهي. اگر اهو سڀ ڪجهه  غلظ آهي هڪ زيادتي آهي جيڪا هن قوم سان ڪئي پئي وڃي ته پوءِ ڇو سرڪار انجي خلاف ڪي ساراه جوڳا قدم نه پئي کڻي..جڏهن ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شمار ٿي چڪو آهي جن اندر مئل ٻارن جو ڄم سڀ کان وڌيڪ ٿيندو آهي.پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسانجي ملڪ جي ميڊيا به الائي ڪهڙا ڪهڙا اشوز کڻي ڪري حڪومتن کي بليڪ ميل ڪندي رهندي آهي.پر اهڙي اشوز کي هو به عام ناهي ڪري سگهي.جڏهن ته هڪ تازي رپورٽ آهي ته پوري دنيا اندر هر ڏينهن 7200مئل ٻار پيدا ٿين ٿا.جن ۾ سڀ کان وڌيڪ مئل ٻار پاڪستان ۾ پيدا ٿين ٿا.صحت جي شعبي سان لاڳايل  هڪ رپورٽ جيڪا تازي شايع ٿي.جنهن ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو هو،سال2015ع۽ 2016ع ۾  پوري دنيا اندر52لک مئل ٻار پيدا ٿيا هئا.جڏهن ته مئل ٻار پيدا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ 98فيصد اهي ملڪ شامل هئا جن وٽ آمدني گهٽ آهي. جن وٽ معيشت جو ايترو معيار ناهي.جن وٽ وسلين جي کوٽ آهي،هڪ برطانيوي اداري جي مطابق ته 186ملڪن اندر مئل ٻار پيدا ٿيڻ جي شرح سڀ کان وڌيڪ پاڪستان ۾ آهي. جن ۾ 100هزار پيدا ٿيڻ وارن ٻار ۾1_43ٻار مئل پيدا ٿين ٿا. جڏهن ته پاڪستان کان علاوا،نائيجريا،چاڊ،نائيجر،گني بسائو،صوماليه، سينٽرل آفريڪا،ٽوگو،۽ مالي اهي ملڪ آهن جتي مئل ٻار سڀ کان گهڻا پيدا ٿين ٿا.جڏهن ته مئل ٻار سڀ کان گهٽ پيدا ٿيڻ جي شرط آئس لينڊ ۾ آهي،جنهن جي سرح4_1 آهي جيڪا تمام ٿورڙي آهي.جڏهن ته ٻئي نمبر تي گهٽ ٻار پيدا ڪرڻ وارو ملڪ ڊينمارڪ آهي.جنهن جي شرح 7_1 آهي جڏهن ته انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق ته 17لک مئل ٻارن جي وجهه اها آهي ته هو مرڻ کان پوءِ ڪجهه ڪلاڪن اندر صحت جون صحولتون نه ملڻ ڪرڻ  فوت ٿي ويندا آهن.جڏهن ته مري ويل ٻارن ۾ اڪثر انگ پاڪستان ۾ آهي.ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي،ته هتي بم يا گولي سان مرڻ وارن تي ته وڏا وڏا بحث مباحثا هلايا ويندا آهن.پر انهن معصومن جي خلاف ڪير به آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي جيڪي صحت جون سهولتون نه ملڻ ڪري مري رهيا. آهن.جڏهن ته اسان وٽ جيڪو صحت جو ميعار آهي.اها به ڳڻتي جهڙي صورتحال ۾ آهي.جڏهن ته ملڪ اندر مئل ٻار جو ڄم ۽ پوليو جو مرض هي ٻه اهڙا ڪيس آهن.جن تي اگر حڪومت اربين رپيا خرچ  ڪري رهي آهي پر افسوس جو اهو بجٽ عوام کي رليف نه پيو ڏئي سگهي.گذريل پاڪستان جي صوبي پنجاب اندر هڪ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو هو،جڏهن ته سنڌ،ڪي پي ڪي ،۽ بلوچستان اندر تي اهڙا هزارين ڪيس آهن.ڇو ته ڪي پي ڪي ۾ ۽ بلوچستان اندر ڪي اهڙا به مذهبي انسان رهن ٿا جن پوليو کي حرام قرار ڏنو آهي.جنهن جي ڪري انهي جي تاثر مان متاثر ٿي اتي جي عوام ٻار کي پوليو پيارڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهي آهي.جنهن جي ڪري هر سال ٽنهي صوبن ۾ پوليو جا ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿين ٿا.جڏهن ته ان کان علاو ڌينگي وائرس کان پوءِ هاڻ سوائن فلو وائرس ۾ پکڙجي رهيو آهي.جنهن جا ڪيترائي مريض پنجاب توڙي سنڌ ۾ موجود آهي.جڏهن ته ان ٻيون کوڙ ساريون بيماريون آهن.جڏهن ته هن سال اندر اسانجي ملڪ اندر رڳو نمونيا هزارين ٻار مري چڪا آهن.۽ هزارين ٻار انهي مرض ۾ مبتلا آهن،ڇا اوهان سمجهيو ٿا ته اهي پاڪستان اندر صحت جون سههولتون نه ملڻ ڪري جيڪي زندگيون موت جو کاڄ بڻجي رهيون آهن.اهي دهشتگردي کان وڌيڪ افسوسناڪ آهن،جڏهن ته تازو جيڪا ٿر اندر صورتحال پيدا ٿيل آهي.جنهن جي ڪري ڪيترائي ٻار غذائي قلت جي کوٽ سبب مري ويا آهن، حڪومت انهي دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ ته وڏيون وڏيون ڪوششون ڪري رهي آهي.پر صحت جي اڻهوند سبب مري ويل انهن معصومن ٻارن جي ڪا خبر چار نه پئي لهي اهو ڪٿي  انصاف آهي. پاڪستان مئل ٻارن جي ڄم کان ويندي ٿر ۾ معصوم ٻارن جي موت جي زميوار ڪير آهي.؟ڪير آهي جيڪو انهي اليمي جي مذمت ڪندو.؟ڪير آهي جيڪو پاڪستان سنوارڻ  لاءِ ضحت جي شعبي کي به سنوارڻ ۾ هٿي ٿيندو.؟ حڪومتي رويي ۽ ڪرادر مان ائين نه پيو لڳي ته  حڪومت انهي جي خلاف ڪي تڪڙا اپاءُ کڻندي ڇو ته هي اليمو ڪو هڪ ٻن سالن جو ناهي،ڪيترن ئي سالن کان وٺي ،مائرون پنهنجي ٻارن کي مئل پيدا ڪري رهيون آهن،۽ صدائين ٿر سحرا ۾ معصوم زندگيون ضايع ٿينديون رهنديون آهن.پر سوال هڪ سچي رهبر جو آهي.جيڪو ملڪ اندر ڏسڻ ۾ نه پيو اچي شايد انهي ڪري هن ملڪ اندر انصاف گهرڻ ڀت ۾ مٿي هڻڻ جي برابر آهي.

*******

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *