انسان هن ڌرتي تي لڳ ڀڳ ٽيھه لک سالن کان آباد آهي. پر ان ڊگهي عرصي ۾ هن ڪڏهن به اڪيلي سر زندگي نه گذاري آهي. هو هميشه ڪنهن نه ڪنهن ڪٽنب يا قبيلي سان وابسته رهيو آهي. دراصل هو اڪيلو رهي به نه پئي سگهيو ڇاڪاڻ جو اڪيلو ماڻهو نه پنهنجي حفاظت ڪري پئي سگهيو نه ئي پنهنجي ٻارن جي پرورش ۽ نه ئي وري کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ جي قابل هو. وک وک تي کيس ٻين جي مدد درڪار هئي.
جنهن معاشري جو هو حصو هو، ان معاشري مان ئي سندس شعور ترقي ڪئي، هن پنهنجي وجود کي سڃاتو ۽پنهنجي فطري صلاحيتن کان ڪم ورتو.
انسان، ان دور ۾ جيڪي به ايجادون ڪيون اُهي به اجتماعي شعور جو نتيجو هيون، انهن ايجادن جو سبب به سندس گڏيل ضرورتون هيون. اهڙي طرح معاشري ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن انهن مان هڪجيترو لاڀ حاصل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪير به اهو نٿو ٻڌائي سگهي ته ”باھ جو استعمال“ ڪنهن دريافت ڪيو يا تير ڪماڻ، پٿر جو اوزار يا برتن سازي يا زرعي اوزار يا شاعري، مصوري، موسيقي ۽ رقص ڪنهن ايجاد ڪيا؟ ٻيو ته ٺهيو پر ڪير اوها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته ”ٻولي“جيڪا ماڻهو جي سڀ کان وڌيڪ عظيم الشان ” اشتراڪي“ يعني گڏيل تخليق آهي ان جو ”باني“ڪير هو.
دراصل مٿي بيان ڪيل ڪو به ”فن“ يا هنر ڪنهن به هڪ شخص جي انفرادي تخليق نه آهي پر پوري معاشري ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي اجتماعي شعور، احساس ۽ تجربن جو ”نچوڙ“ آهي.
اُن دور جي پراڻي معاشري ۾ سڀ ماڻهو گڏجي پنهنجي زندگي لاءِ گهربل شيون پيدا ڪندا هئا ۽ پوءِ پاڻ ۾ ورهائي استعمال ڪندا هئا. معاشري جو اهو دور لکين سال هلندو رهيو جنهن کي ”شروعاتي ڪميونزم“ جو دور ڪوٺيو وڃي ٿو.
ان ابتدائي ڪميونزم جو جيئرو جاڳندو نمونو ”تاسادي“ (Tasaday) قبيلي جا اُهي ماڻهو آهن جن کي 1961 ۾ فلپائين جي هڪ ٻيٽ مندانو جي پهاڙن ۾ ڏٺو ويو آهي. هي پهاڙ گهاٽن ٻيلن سان ڍڪيل آهن ۽ اتي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هڪ ڏينهن هڪ شڪاري جڏهن ان جهنگ مان گذري رهيو هو ته کيس زمين تي ماڻهن جي پيرن جا نشان نظر آيا. ٿورو پنڌ ڪرڻ کان پوءِ کيس اهڙا ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا جن جي اڳين پٺين اوگهڙ وڻ جي پنن ۽ گاھ سان ڍڪيل هئي. شڪاري کي ڏسندي ئي اهي ٽيئي ماڻهو ڀڄڻ لڳا پر هن جي دوستاڻي لهجي انداز آواز تي هو بيهي رهيا .اهڙي طرح اسان کي زمين تي رهندڙ قديم ماڻهن جي خبر پيئي.
اهي انتهائي امن پسند ماڻهو آهن، جن وٽ ڪنهن قسم جو هٿيار نه آهي. ان حد تائين جو هنن جي ٻولي ۾ دشمن، جنگ، قتل ۽ بدي جي لاءِ لفظ ئي نه آهي. هنن جو ڪو به مذهب نه آهي. ڀلائي ۽ حسن جي لاءِ هنن وٽ ساڳيو هڪ ئي اکر ”مافيون“ آهي. اهو قبيلو ڪيترن ئي ڪٽنبن ۾ ورهايل آهي. هر هڪ ڪٽنب ماءُ پيءُ ۽ ڇڙن ٻارن تي مشتمل آهي. ۽ پاڻ ۾ ورهائي کائين ٿا. سندن قبيلي جو ڪو به سردار نه آهي. ڪنهن به ڳالهه يا ڪم جو فيصلو ڪرڻ لاءِ هر بالغ مرد ۽ عورت کي راءِ ڏيڻ جو هڪجهڙو حق حاصل آهي. هنن ماڻهن جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته ”اچو ته اسان سڀني انسانن کي صرف هڪ انسان چئون“
اهڙي طرح ”سيمانگ“ Semang جي نالي سان هڪ پراڻو قبيلو ملائيشيا جي پهاڙي جهنگ ۾ آباد آهي. هيءَ ماڻهو، ويهن ٽيهن جي ”جھُنڊ“ هڪٻئي کان پري پري جهوپڙين ۾ رهن ٿا. هر گروھ ۾ هڪ خاندان آهي. گل ٻوٽا ۽ جڙي ٻوٽيون سندن خوراڪ آهي، تير ڪمان سندن واحد اوزار آهي. ”بيد“ جي ٽڪرن کي گسائي باھ پيدا ڪندا آهن پنهنجن مردن کي دفن ڪندا آهن يا پري پهاڙن ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن.
ساڳي ريت آمريڪا جي مختلف پهاڙي ۽ جهنگلي علائقن ۾ پڻ ڪجهه عرصو اڳي تائين ”ابتدائي ڪيمونزم“ جي مطابق زندگي بسر ڪندڙ ڪيترائي قبيلا ڏنا ويا آهن. اهي ماڻهو خيمن ۾ رهن ٿا، شڪار سندن معاش جو ذريعو آهي. شڪار ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي صورت ۾ سمورا مرد، عورتون ۽ ٻار گڏجي ”فتح“ جي خوشي ملهائيندا آهن. شڪار ڪرڻ وقت سندن عورتون مٿي تي هرڻ جي کل چاڙهي جانورن وانگر ٻاڪارينديون ۽ رسمي گانا ڳائينديون آهن.
ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي سرحد تي پڻ ”بليڪ فٽ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ئي قبليو رهندڙ آهي جنهن جو گذر سفر شڪار تي آهي. ان جو ڪو به سردار نه آهي. پر قبيلي جا جيڪي وڌيڪ تندرست ۽ هوشيار ماڻهو آهن، انهن جي ڳالهه مڃي ويندي آهي. هي ماڻهو گڏجي جهنگلي مينهن جو شڪار ڪندا آهن، جهنگلي مينهن کي ڳولڻ کان پوءِ هڪ ماهر شڪاري کي مينهنجي کل پارائيندا آهن ۽ مينهن جو ” منهه، مٿو“ سندس مٿي تي ٻڌي ڇڏيندا آهن. اهو ماهر شڪاري، مينهن جي ڌڻ ۾ گهڙي ويندو آهي ۽ آهستي آهستي مينهن کي شڪارين ڏانهن ڪاهي ايندو آهي اهڙي طرح سائبيريا ۽ نائيجريا ۾ پڻ اهڙا قبيلا ڏٺا ويا آهن.
ابتدائي ڪميونزم جي باقايات ۾ اها قوم پڻ شمار ڪجي ٿي جن کي ”ايسڪيمو“ سڏيو ويندو آهي جيڪي ڪئناڊا جي اترئين برفاني علائقي ۽ فن ليند جي برفاني ميدانن تائين پکڙيل آهن.
جيتوڻيڪ ايسڪيمو قبيلي جا ماڻهو هڪٻئي کان سوين ميلن جي مفاصلي تي رهندڙ آهن پر سندن جسماني بناوت، ٻولي ۽ تهذيب ۾ حيرت انگيز طور تي هڪهڙائي ڏٺي وئي آهي. نسلي لحاظ کان سندن تعلق منگولن سان ٻڌايو وڃي ٿو ۽ سندن آدمشماري 60 هزارن کان مٿي نه آهي. مڇي ۽ اڇي برفاني رڇ جو شڪار سندن گذر سفر جو وسيلو آهي. چمڙي جا ڪپڙا پائيندا آهن غارن ۾ يا کلن سان ڍڪيل گهرن ۾ رهندا آهن ڪتا ۽ ڦاڙها پاليندا آهن. سندن گاڏيون، ڦيٿن کانسواءِ آهن جن کي ڦاڙها برف تي گهليندا آهن. سندن معاشري ۾ خود غرضي ۽ لالچ کي سڀ کان وڏو عيب سمجهيو ويندو آهي.
ننڍي کنڊ جو علائقو پڻ دنيا جي اهڙن حصن مان آهي جتي پٿر جي زماني کان وٺي هاڻوڪي ترقي يافته دور جاماڻهو آباد آهن، ان ڪري جيڪڏهن ڪو به ماڻهو سماجي ارتقا جي تاريخ مرتب ڪرڻ يا لکڻ چاهي ته کيس هن ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي.
ڪجهه عرصو ٿيندو ته ”علم الانسان“ جو هڪ آمريڪي پروفيسر بلوچستان جي مري قبيلي جي رهڻي ڪهڻي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مري بلوچن سان گڏجي رهڻ لڳو. سندس انتقال به اُٿي ئي ٿيو. پرسندس ساٿين سندس ڪم جاري رکيو ۽ 1966ع ۾ ”مري بلوچن جي سماجي تنظيم“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب شايع ڪيو. ان ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ”پوک“ ۽ هارپو ڪرڻ مري بلوچن جو پيشو آهي. پراڻي زماني ۾ هي ماڻهو صفا ”خانه بندوش“ هوندا هئا، پر هاڻي هنن جتي ڪٿي ڳوٺ وسايا آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي ته قبيلي جي هر هڪ فرد کي چشمن، چراگاهن ۽ پاڻي جي کوهن تي هڪهڙو حق آهي. زمين پوري ڪٽنب جي گڏيل ملڪيت آهي ۽ ڪيترائي ته اهڙا علائقا به آهن جتي زمين سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت آهي. مٿي بيان ڪيل حقيقت جو مقصد اهو آهي ته انسان جي سماجي زندگي جي شروعات ان ڍنگ سان ٿي آهي ۽ اها لکين سالن تائين ايئن هلندي رهي. سچ پچ ته پيداوار جي ذريعن تي ذاتي ملڪيت جو ڪو به اٽل يا مقدس قانون ڪڏهن به نه هو پر ان جو رواج به سماجي ضرورت جي تحت معاشري جي ارتقا جي به هڪ خاص دور ۾ شروع ٿيو. ان جو سبب اهو به هو ته ابتدائي ڪميونزم ۾ ڪم ڪار جي ونڊ ورڇ جي گنجائش محدود هئي. ڪم ڪار ۽ اپت جي ڪمي جي ڪري پيداوار ۾ اضافو آڻڻ ممڪن نه هو ۽ نه ئي وڌندڙ آدمشماري جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ممڪن هو. اهڙي طرح سماجي ترقي جي تقاضائن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ”ذاتي ملڪيت“ پيدا ٿي. ان وقت، ان دور ۾ ابتدائي ڪميونسٽ معاشري ۾ جيڪو تضاد پيدا ٿيو ان جو اُن وقت حل اهو ئي هو ته پيداوار جا ذريعا ذاتي ملڪيت ۾ تبديل ٿي وڃن پر گذريل عرصي جي دوران ذاتي ملڪيت جي نتيجي ۾ جيڪي تضاد نه صرف پيدا ٿيندا رهيا آهن پر انتهائي شدت اختيار ڪري چڪا آهن، انهن تضادن جي گهرج اهائي آهي ته انساني معاشري کي نئين سر ترتيب ڏيئي اهي تضاد ختم ڪجن ته جيئن معاشري اڳتي ترقي ڪري سگهي ظاهر آهي ته نئون معاشرو جيڪو ڦرلٽ کان پاڪ انصاف تي ٻڌل هجي اهو متحد ۽ منتظم ٿيڻ کان سواءِ قائم نه ڪري سگهبو.