مرزا گروپ کي ٽوڙڻ لاءِ ٿيل ناڪام ڪوششون ۽ واپسي جا کُلندڙ در: نور سنڌي

اسان جي معاشري ۾ هڪ پهاڪو آهي ته ”چڙهيل جو سڀ ڪو، پر ڪريل جو ڪو به ناهي“ اهو پهاڪو ڪنهن حد تائين صحيح به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهي حقيقتون به آهن ته اسان پنهنجون اصولي روايتن کان هٽي ويا آهيون، اسان وٽ مفاد پرستي وارو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي پر ان چوڻي ته سنڌ گدڙن نه کاڌي آهي وانگر سڄو معاشرو اهڙو به نه آهي. ان جو مثال بدين ضلعي جو آهي، جتي ذوالفقار مرزا پنهنجي يار آصف علي زرداري سان ڪيترن ئي ڳالهين تي اختلاف ڪري بغاوت جو جهنڊو هٿ ۾ کنيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اها ياري اختلافن ۾ بدلجي وئي. شروع ۾ ڪوششون ڪيون ويون ته ذوالفقار مرزا کي ان راهه تان هٽائجي پر مرزا اصولن تي سوديبازي نه ڪندي پنهنجي ڳالهين تي اٽل رهي سنڌ جي گهرو وزارت کي قربان ڪري ڇڏيو ۽ پ پ دور ۾ پنهنجي پارٽي جي حڪومت خلاف ميدان ۾ لهي آيو. ذوالفقار مرزا پاران پ پ ڇڏڻ بعد پ پ قيادت دعويٰ ڪئي ته سندس حيثيت پ پ جي ڪري آهي، پارٽي کانسواءِ هن جي ڪا به حيثيت نه آهي، پر گذريل بلدياتي چونڊن ۽ گولاڙچي جي ننڍي چونڊ ۾ ذوالفقار مرزا ثابت ڪري ڏيکاريو ته بدين ضلعي جي عوام ساڻس گڏ آهي. سنڌ جون ساڃاهه وند ڌريون چون ٿيون ته جڏهن هاڻ پ پ شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي واري نه آهي ته ان صورتحال ۾ چونڊن ۾ ماڻهو پنهنجي ڪردار ۽ شخصيت ذريعي ڪاميابي ماڻي آهي. ذوالفقار مرزا جا آصف زرداري سان اختلاف مفاهمتي پاليسي تحت حڪومت ۾ شريڪ ڪرڻ ۽ سندن ناجائز مطالبا مڃڻ تان پ پ جي نظرياتي اڳواڻن، ڪارڪنن کي نظرانداز ڪرڻ تان شروع ٿيو. ذوالفقار مرزا گهرو وزير جي حيثيت سان ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ امن ڪرائڻ ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرائڻ چاهيو ته مفاهمتي پاليسي تحت آصف زرداري کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو ۽ ان تان ٻه جگري يار جدا ٿي ويا. ان بعد ۾ مرزا پ پ ۾ رهيو ۽ چيو ته پ پ ڪنهن جي جاگير نه پر شهيدن جي پارٽي آهي.

2013ع  جي چونڊن ۾ آپا فهميده مرزا ۽ حسنين مرزا کي پ پ پاران ٽڪيٽ ڏني وئي ۽ هنن ڪاميابي ماڻي پر بعد ۾ کين ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ، آفيسرن پاران عوام جا ڪم نه ڪرڻ ۽ بعد ۾ مرزا جي ويجهن ۽ حمايتين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو ته مرزا ڊي ايس پي آفيس پهچي جذباتي ٿي مڪ سان شيشو ٽوڙيو ۽ ان ڳالهه کي ڳالهوڙو بڻائي مرزا ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪري مرزا فارم جو پوليس گهيرو ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيترائي ڏينهن پوليس جو گهيرو جاري رهيو، بعد ۾ آپا فهميده مرزا جي اچڻ تي گهيرو ختم ٿيو ۽ مرزا ضمانتون ڪرايون. پ پ جي اهڙي عمل سان ذوالفقار مرزا نه صرف بدين ضلعي پر سڄي سنڌ ۾ هيرو ٿي ويو ۽ سنڌ جا ڪيترائي ساڃاهه وند ماڻهو مرزا گروپ ۾ شامل ٿيا. تازو بدين ضلعي جي مختلف شهرن ڳوٺن ۾ صحافي دوستن سان تعزيتون ڪرڻ لاءِ وڃڻ ٿيو ۽ اتي صحافين ۽ ٻين ساڃاهه وند ڌرين سان ڪچهريون ٿيون، جن مان ظاهر ٿيو ته اڄ هن ڏکئي دور ۾ آپا فهميده مرزا، حسنين مرزا جون ترقياتي اسڪيمون روڪيون ويون آهن، جتي سندن ۽ ذوالفقار مرزا جا آفيسر هنن جا جائز ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، ان جي باوجود بدين ضلعي جي عوام جي اڪثريت هنن سان گڏ آهي. اڄ به ذوالفقار مرزا ضلعي جي عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي، اڄ به هو عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. ضلعي بدين جون ساڃاهه وند ڌريون ٻڌائين ٿيون ته بدين ضلعي ۾ مرزا جي ڪري پ پ ۾ حيثيت ٺاهيندڙ ڪمال چانگ، نادر خواجه، محمد نواز چانڊيو، عزيز ميمڻ ۽ ٻين کي پ پ قيادت پاران ضلعي بدين جو جهڙوڪر بي تاج بادشاهه بڻايو ويو آهي. نادر خواجه کي سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار بڻايو ويو آهي ته ذوالفقار مرزا جي بدين ضلعي ۾ وڌندڙ حيثيت کي ختم ڪرايو وڃي، ڪيئن به ڪري سندس گروپ کي ٽوڙيو وڃي، پر هن وقت تائين ذوالفقار مرزا جي اهميت، مقبوليت، حيثيت کي ذري برابر به هو گهٽائڻ ۾ ڪامياب نه ويا آهن. پ پ جي اڳوڻي حڪومت ۾ آپا فهميده مرزا پاران ورڪرن لاءِ رڪشا منظور ڪرايا ويا، پر ذوالفقار مرزا جي بغاوت بعد اها اسڪيم روڪي وئي ۽ هاڻ اهي 400 رڪشا ورهايا ويا آهن پر رڪشا ورهائڻ وارو عمل پ پ ضلعي قيادت کي ڪنڌ ۾ پئجي ويو آهي. روزانو بدين ضلعي ۾ پ پ جا جيالا احتجاج ڪري ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ پ پ قيادت تي پنهنجا نوازڻ جا الزام هڻي احتجاج ڪري رهيا آهن. اهڙي عمل سان بدين ضلعي اندر پ پ ۾ جيالن جا ضلعي قيادت سان اختلاف وڌي ويا آهن ۽ پ پ جا ناراض جيالا مرزا گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. ذوالفقار مرزا جو تعلق حيدرآباد سان به آهي. مشهور محقق، اديب مرزا قليچ بيگ جي خاندان جو چشم چراغ ذوالفقار مرزا شاگردي دور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت کان متاثر ٿي پ پ سان وابسته ٿيو، پر سياست کان پري رهيو. 88ع ۾ بدين ۾ شگر مل لڳائڻ بعد اتان جي ماڻهن سان سندن تعلقات وڌيا. 93ع وارين چونڊن ۾ جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو بدين ضلعي جي اين اي 225 تان فارم ڀرايو ته ضلعي مان ڪو به پ پ اڳواڻ سندس سامهون فارم نه ڀرايو ته بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي گڏيل صلاح سان ذوالفقار مرزا کي ٽڪيٽ ڏني وئي ۽ هن ڪاميابي ماڻي، ان بعد مختلف تڪن تان چونڊ وڙهندي ايم پي اي رهيو ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ سندس وني آپا فهميد مرزا کي ڏني وئي ۽ اڄ تائين ان سيٽ تان پاڻ ڪاميابي ماڻيندي رهي آهي. آپا فهميده مرزا ذهين، ٻاجهاري ۽ سنجيده سياستدان آهي، پاڻ پ پ جي گذريل دور ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر به رهي. آپا فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا تي ڪڏهن به ڪرپشن جو الزام نه لڳو. هنن روايتي سياستدانن وانگر سياست مان مال نه پر عزت ٺاهي آهي. هنن تي ڪڏهن به پنهنجا نوازڻ جا الزام به نه لڳا آهن. هنن جي ڪوششن سان ماضيءَ ۾ بدين ضلعي ۾ رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ٿيا. هزارين ماڻهن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون ويون. هو بدين ضلعي جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. ذوالفقار مرزا لاءِ مشهور آهي ته هو بااصول آهي. اصولن تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪندو آهي. انتهائي جذباتي، سندس دوستي به کليل ته دشمني ۾ کليل رهندي آهي. يارن جو يار رهيو آهي سندس پ پ ۾ قربانيون آهن. ايم ڪيو ايم لاءِ هن بار بار چيو ته ان ۾ را جا ايجنٽ آهن، پر مفاهمتي پاليسي جي ڪري اکيون ٻوٽي ويهي رهڻ واري پ پ قيادت اڄ ذوالفقار مرزا جون ڪيل ڳالهيون اکين سان ڏسي ۽ ڪنن سان ٻڌي رهي آهي. الطاف حسين اصل اوقات تي اچي پاڪستان مرده آباد جا نعرا هنيا ۽ سندس حمايتين ان تي لبيڪ ڪيو، پر الطاف جي اهڙي ڪريل ۽ ملڪ دشمن حرڪت تي جڏهن محب وطن عوام احتجاج ڪيو، پاڪ فوج ۽ حڪمرانن نوٽيس ورتو ته ايم ڪيو ايم جي قيادت ڊرامابازي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن سان واسطو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ذوالفقار مرزا پ پ جي واڳ ڌڻين تي جيڪي ڪرپشن جا الزام هنيا اهي به سچ ثابت ٿي رهيا آهن. ذوالفقار مرزا پ پ ڇڏڻ بعد به تقريرن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو جو پاڻ کي جانثار سڏائي ٿو. جڏهن ته ڪراچي ۽ بدين ۾ مرزا فارم جي ڪمرن ۾ لڳايل شهيد ڀٽو، شهيد راڻي جا قدآور فوٽو ۽ سندس آصف علي زرداري سان نڪتل فوٽو هٽايا نه آهن. هن وقت ذوالفقار مرزا بغاوت ڪرڻ واري وقت ۽ بلدياتي چونڊن وقت جيان سرگرم نه آهي پر اڄ به ڪنهن به فورم تي تقريرون يا ڳالهيون کريون ڪري ٿو. اڄ به هو آصف زرداري خلاف کريون ڳالهيون ۽ ميڊم فريال ۽ ٻين وزيرن مشيرن تي ڪرپشن جا کليا الزام لڳائي دليلن سان سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سندس بغاوت جو علم کڻڻ بعد پ پ قيادت جي ڪجهه ڌرين مرزا کي واپس پ پ ۾ آڻڻ ۽ آصف زرداري سان سرچاءُ ڪرائڻ جون به انڊر گرائونڊ ڪوششون ڪيون، پر اهي ڪامياب نه ويون. هن وقت اهي به ڳالهيون گردش ۾ آهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي خواهش آهي ته ذوالفقار مرزا سميت ناراض پ پ جي سينئر اڳواڻن سان ڳالهيون جاري رهن ۽ کين واپس پ پ ۾ آڻجي. بلاول جي اهڙي سوچ يقينن قابل تعريف آهي، پر مسئلي جو حل اهو آهي ته جيستائين پ پ کي شهيد ڀٽو، شهيد راڻي واري پارٽي بڻائي پ پ جي منشور مطابق نه هلايو ويندو، جيستائين ذوالفقار علي ڀٽو جي نعري ”طاقت جو اصل سرچشمو عوام آهي“ کي سمجهي عوام کي ان نظرئي سان نه ڏٺو ويندو ته پ پ جيڪا هاڻ سنڌ صوبي تائين وڃي بچي آهي، ايندڙ چونڊن ۾ جيڪڏهن پ پ مخالفن جو مضبوط اتحاد ٺهي ٿو ته پ پ سنڌ ۾ به حڪومت نه ٺاهي سگهندي.

ذوالفقار مرزا بابت اهي ڳالهيون به هلن پيون ته بلاول جا ساڻس خفيه رابطا ٿيا آهن ۽ ڳالهيون به ٿيون آهن پر مرزا پنهنجي اصول پرستي واري موقف تي قائم آهي، سندس وڏو شرط اهو آهي ته پ پ کي شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي پارٽي طور هلايو وڃي ۽ ان مان فريال ٽالپر جي ڪنهن به قسم جي مداخلت ختم ڪئي وڃي. نظرياتي پ پ ورڪرن کي اهميت ڏني وڃي. ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي ۽ ان ۾ ملوث پارٽي اڳواڻڻ، وزيرن، مشيرن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن. اهو به چيو پيو وڃي ته اهي سمورا مطالبا تسليم ڪري بلاول جنهن ڏينهن مرزا فارم تي آيو ته مرزا واپس پ پ ۾ شامل ٿي ويندو.

****

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *