مذهب ۽ انتهاپسندي کي الڳ ڪرڻ جو سوال؛ڊاڪٽر عائشه صديقه

يقينن اسان خدا جي ننڍي کان نننڍي نعمت جو به شڪريو ادا ڪري نه ٿا سگهون، ڇا هي گهٽ احسان آهي ته هن اسان کي اهڙو گهرو وزير عطا فرمايو آهي جنهن کان انتهائي سنگين حالتن ۾ به سوڳوار قوم لاءِ ظرافت جو سامان فراهم ڪرڻ نه ٿو وسري، چوڌري نثار تازو ئي اعلان ڪيو ته فوجي عدالتن کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، ڇو جو اهي ”جيٽ بليڪ“ دهشت گردن کان سواءِ ڪنهن کي به سزا نه ڏينديون. باوجود ان حقيقت جي ته هن دهشت گرديءَ جي روڪٿامَ جي مُروجُ اصطلاحن ۾ هڪ وڌيڪ اصطلاح جو اضافو ڪيو، غور جهڙي ڳالهه هي آهي ته ڇا هن جو اشارو جسم جي چمڙيءَ جي رنگ ڏانهن هو؟ ڇا ”جيٽ بليڪ“ مان سندس مراد  اُهي دهشت گرد به آهن، جيڪي اقليتن خلاف ڏوهن جا مرتڪب آهن!جيڪڏهن پروپيگنڊه سبب ڪنهن جو سِرُ ٿو وڃي ته ڇا اُهو خون به اِنَ  اصطلاح جي زمري ۾ ايندو. يا وري جيڪڏهن ڪنهن تڪراري قانون جي ور چڙهي ڪنهن بي گناههَ جي زندگي هلي ٿي وڃي يا وري اُڪسائڻ تي ماڻهو ڪنهن جي زندگي ختم ڪن ٿا، يا وري پنجن سالن جي ڪنهن ٻارڙي کي مسجد ۾ درندگيءَ جو شڪار بڻائيندي ماريو ٿو وڃي ته ڇا اِهو اصطلاح اُن لاءِ به ڪم ايندو؟ اميد آهي ته وزير موصوف کي احساس هوندو ته هر مجرم جيٽ بليڪ ناهي ٿيندو پر مَسُ بذات خود ابهامُ به ته پيدا ڪري ٿي؟گهرو وزير وڌيڪ فرمايو ته تجويزيل فوجي عدالتون سياسي جماعتن، ميڊيا ۽ مدرسن کي نشانو نه بڻائينديون. پر وري اهڙي صورتحال ان وقت پيدا ٿي به سگهي ٿي، جڏهن ڪنهن سياسي جماعت جو ڪارڪن فرقيوار قتل ۾ ملوث هجي. ڇا هي بيان اشارو ناهي ته طئي ٿي چُڪو آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشت گردي پکيڙيندڙ اصل ذريعن کي هٿ ئي نه لاتو ويندو؟ جيڪڏهن هڪ نئين نظام تحت ڪجهه جماعتون، جيڪي جهادي ڪلچر ڦهلائڻ جون ذميوار آهن، مدرسن جو جائزي وٺڻ جو رستو روڪڻ واري پاليسي جاري رکنديون ته پوءِ وري ڪهڙو نئون ايڪشن پلان سامهون اچي رهيو آهي؟ يا وري ان ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي هوندي؟ ڇا هي فوجي عدالتون صرف ۽ صرف انهن ڪيسن لاءِ آهن، جن ۾ رياستي ادارن کي نشانو بڻايو ويندو؟ ته پوءِ هن ملڪ ۾ شهرين جو حال ڀائي ڪير ٿيندو؟

دنگن جي هن راند ۾ اسان هرگز نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ته انتهاپسندي ۽ دهشت گردي پکيڙڻ ۾ ڪجهه مدرسا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، اصل مسئلو انهن جي نصاب جو به ناهي. حقيقت ۾ ڪافي مدرسا ڪمپيوٽر ۽ انگريزيءَ جي تعليم به ڏين ٿا، اصل مسئلو انهن جي استادن جي نظرين جو آهي. جيئن ته انتهاپسندن جي مختلف گروهن جا حامي انهن مدرسن ۾ درس پرائن ٿا، تنهنڪري اهي مذهبي حڪمن جي تشريح به پنهنجي نظرين جي روشنيءَ ۾ ڪن ٿا. هيءَ ڳالهه به غور جهڙي آهي ته انهن تعليمي ادارن ۾ اسلامي تاريخ جو تمام گهٽ علم ڏنو وڃي ٿو. ڪنهن به تاريخي شخصيت جو جزوي ۽ من پسند رخ ذريعي ئي تعارف ڪرائي سگهجي ٿو ۽ ڪنهن حڪم جي تشريح به هڪ خاص انداز ۾ ڪئي وڃي ٿي.

جيستائين ان ذهنيت کي چئلينج نه ٿو ڪيو وڃي، ملڪ ۾ امن جي قيام جو خواب اڻپورو رهندو. يا وري ان فوج کي معاشري جي هر معاملي ۾ استعمال ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا؟پشاور سانحي جي نتيجي ۾آئيني ترميمن ذريعي سول اٿارٽيءَ کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. اهڙي عمل کانپوءِ مدرسن ۾ سڌارا آڻڻ وارو عمل ڇو ڪونه شروع ڪيو ويو آهي؟ يقيني طور ان ڏس ۾ فقط مدرسا ئي ڏوهي ناهن، اسان ڄاڻون ٿا ته ڪجهه انگلش ميڊيم اسڪول به انتهاپسنديءَ جو پرچار ڪن ٿا، اها به حقيقت آهي ته کوڙ سارن  انتهاپسندن انگلشن ميڊيم اسڪول به کولي ڇڏيا آهن. اهڙي طرح انهن تنظيمن جا  حمايت يافته گروهه سرڪاري ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ به پنهنجي متحرڪ موجودگي رکن ٿا. انهن کي چئلينج ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي سموري تعليمي نظام جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو.

يقيني طور اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ٻاراڻي راند ناهي پر ڪجهه اهڙا اپاءَ به آهن جيڪي رياست آسانيءَ سان وٺي سگهي ٿي. اُها نون قانون جي ڌُمَ بدران موجود قانون کي حقيقي معنيٰ  ۾ لاڳو ڪرڻ ۾ سنجدگيءَ جو مظاهرو ڪري. مثال طور حڪومت ان قانون تي عمل ناهي ڪرائي سگهي جيڪو مسجدن کي انتهاپسنديءَ جي پرچار لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪي ٿو؟ يا وري ان قانون تي عمل ڇو نه ٿو ڪرايو وڃي، جنهن تحت مسجدن ۽ مدرسن جي رجسٽريشن الڳ الڳ ٿيندي. مسجد هڪ اهڙي عوامي جاءِ ٿيندي آهي، جتي ڪنهن کي به اچڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي، پر اسان ڏسئون ٿا ته انتهاپسند گروهه مسجدن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انهن ۾ مدرسا قائم  ڪري ٿا ڇڏين ۽ انهن کي پنهنجي نظرين جي ترويح لاءِ استعمال ڪن ٿا. ان سان گڏوگڏ هر ماڻهن جي داخلا تي به پابندي هڻي ڇڏيند اآهن، ان ڪري ضروري آهي ته حڪومت يقيني بڻائي ته ڪو به گروهه ڪنهن مسجد تي پنهنجو قبضو نه ٿاڦيندو ۽ نه ئي وري ان کي پنهنجي نظرين جي ڦهلاءَ لاءِ استعمال ڪندو.پنهنجي سمورين دعوائن ۽ٺوس واعدن باوجود حڪومت اهڙو ابهامُ پيدا ڪندي نظر اچي ٿي،  جنهن سبب سول سوسائٽي به دهشت گرديءَ خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ناهي. حڪومتي بيانن جي کوکلائپ ته ان وقت ئي ظاهر ٿي وئي. جڏهن سول سوسائٽيءَ کي ڌمڪائڻ باوجود مولانا عبدالعزيز کي ڪجهه به نه ڪيو ويو. سول سوسائٽيءَ جي ميمبرن مسجد ۾وڃي نماز ادا ڪرڻ ٿي چاهي ۽ اها هڪ سرڪاري مسجد هئي.رياست جي بي عمليءَ سبب سول سوسائٽي به ڪوشش ۽ خواهش باوجود پنهنجي سماجي نظرين جي ترويج ۾ ناڪام رهي ٿي، (جاري)

ڇو جو انتهاپسندن جي ڀيٽ ۾ ان وٽ ڪا مربوط ۽ چٽي ايجنڊا ناهي. جيئن ته انهن جي مفادن ۾ هڪ جهڙائيءَ جو فقدان هوندو آهي. تنهنڪري پنهنجي لاءِ جڳهه پيدا ڪرڻ ۾ ناڪامُ رهندي آهي.

مولانا عبدالعزيز جي طاقت فقط اها ئي ناهي ته ان کي اندروني طور حمايت ملي سگهي ٿي پر کيس يقين آهي ته سول سوسائٽيءَ جا جيڪي فرد ان ڏينهن مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ لاءِ اچڻ چاهن پيا، سي آئينده نظر ئي نه ايندا. سوال هي آهي ته انهن احتجاج ڪندڙن مان ڪيترائي ماڻهو 365 ڏينهن تائين روزانو پنج وقت نماز پرهڻ لاءِ مسجد ويندا ؟ سول سوسائٽيءَ جي ڪاوشن کي سندس اندران وڌيڪ حمايت جي ضرورت آهي، مثبت سوچ رکندڙن کي ان مسئلي تي گڏجڻ جي ضرورت آهي. مذهب کي هڪ طرف ڪندي، انتهاپسنديءَ جي نظرين جو ٽوڙ ڳولڻ به ممڪن ناهي، ڇو جو معاشرو مذهب کانسواءِ ڪنهن موقف کي قبول نه ڪندو. ان لاءِ مذهب جي حقيقي، منطقي ۽ عقلي پاسي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان مقصد لاءِ سمورن باشعور ماڻهن جي فڪري ڪوشش گهربل آهي. ان جو مطلب آهي ته موجوده تحريڪ جي پيغام کي خاص طبقن مان ڪڍي عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻو پوندو. ماڻهن کي هيءَ ڳالهه ياد ڏياري وڃي ته انتهاپسندي ڪڏهن به مذهب جو حصو نه رهي آهي، اها رجعت پسندي تاريخ جي مختلف دورن ۾ سامهون ته اچي ٿي پر هي مذهب جي بنيادي سوچ جي نمائندگي نه ٿي ڪري

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *