ماکي کان به مٺڙو سن وارو سائين: جاني مورائي

انھن انسانن جا نالا قومن جي تاريخ ۾ وڏي عزت ۽ احترام سان لکيا ويندا آھن جن جي سوچ ۽ عمل جو واسطو مادر وطن ۽ عالم انسان ذات جي بقا ۽ ڀلائي لاءِ ھوندو آھي اھڙا ماڻھو ئي تاريخ ۾ امر ٿيندا آھن سنڌ جي تاريخ جا ورق جا ورائيندي اسان کي ڪيترن ئي ھستين جي سٿ ۾ ھڪ نالو مٿانھون نظر ايندو اھو انسان جيڪو ھميشه ھن ڌرتي جو درد اندر ۾ سمائي ڌارين سان وڙھندو رھيو ۽ پنھنجي سڄي زندگي ۾ ڪنھن به جابر اڳيان آڻ نه مڃي اھو اڏول انسان جنھن جي ڏنل فڪر نظري کي اڄ دنيا جا ڪيترا ئي ڏاھا ماڻھو تسليم ڪري چڪا آھن اھو ھن ديس جو مھان رھبر محترم سائين جي ايم سيد ھو سائين جي ايم سيد 17 جنوري 1904 بمطابق 28 شوال سن 1321ع 11.30 منٽ بجي آچر جي رات پنھنجي اباڻي ڳوٺ سن ضلعو دادو ۾ جنم ورتو سيد جي خاندان بابت چيو وڃي ٿو ته امير تيمور لنگ جڏھن ھنڌستان تي ڪاھ ڪئي ته ان جي فوج ۾ سيد امير علي شاھ نالي ھڪ سپاھي شامل ھو جنھن جو ھڪ فرزند سيد حيدر شاھ ھالن جي شھر ۾ اچي رھائيش پزير ٿيو ان کان پوءِ سندس خاندان ھالن مان لڏي وڃي مٽيارين ۾ ويٺا انھي ساڳي خاندان مان 1530ع ۾ سيد حيدر شاھ سنائي 1220ع شاھ عبدالڪريم 1752ع ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالي وارا بزرگ پيدا ٿيا ان خاندان مان ھڪ فرزند سيد ميان شاھ مٽياري ۾ لڏي سن شھر ۾ اچي رھيو جتي سائين جي ايم سيد جي 14ھين پشت ۾ سنڌ جي ھڪ محب وطن سپاھي مخدوم بلاول جو دوست حيدر شاھ سنائي جو مزار آھي سائين جي ايم سيد اڃان ٻالڪ پڻ ۾ ھئا ته سندن والد صاحب کي شھيد ڪيو ويو وري سال کان پوءِ سندن وڏي ڀاءِ احمد شاھ به وفات ڪئي ان کان پوءِ تقريبن 3 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ گھر جو سڄو بار ھن اڪيلي معصوم تي پيو سائين ابتدائي تعليم سنڌي 5 درجا ماستر ڌرم داس ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻ مل وٽ پڙھا عربي ۽ فارسي تعليم مولوي محمد ھاشم سنائي مولوي محمد صالح سيال ۽ مولوي اللھ بخش دادو واري وٽ حاصل ڪيائين انگريزي تعليم مولوي ڊاڪٽر حامد علي ھالاڻي واري وٽ حاصل ڪيائين سيد اڃان 14 سالن جو ھو ته قوم ۽ ڌرتي جي عشق جي شروعات ٿي 19 فيبروي 1919 تي حڪيم معين دين کنياري واري جي دوستي ۾ اچي پاڻ لاڪاڻو خلافت ڪانفرنس ۾ شامل ٿيو ان کان پوءِ سيد پنھنجي ڳوٺ سن ۾ ھڪ وڏي خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي جنھن ۾ حڪيم فتح محمد سيواھاڻي، عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر شيخ نور محمد ، شيخ عبدالعزيز ، مولوي محمد سليمان ۽ ٻيا سنڌ جا جليل القدر اڳواڻ شامل ٿيا سائين جي ايم سيد مختلف وقتن ۽ مختلف پليٽ فارم تان قوم ۽ ڌرتي جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندو رھيو سائين جي ايم سيد کاندي جا ڪپڙا وڏي شوق سان پائيندو ھو ان ڪري سن ۾ کاندي جي ٺاھڻ جو ڪارخانو کوليائين سنڌ ۾ شراب تي پابندي وجھڻ لاءِ ڪانگريسي ليڊرن سان گڏجي جدوجھد ڪندو رھيو 1938ع ۾ پاڻ پھريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو پاڻ قلندر لعل شھباز جي گادي نشين ميان ولي محمد شاھ کي شڪست ڏنائين 1940ع ۾ وزير تعليم ٿيو سنڌ اسميبلي ۾ وڏي جدوجھد سان پاڪستان جو ٺھراءِ پاس ڪرائيان ان ٺھراھ ۾ سنڌ ۽ ٻين پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن کي آزاد ۽ خود مختيار رياستن قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو پاڻ سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪيائين سڄي ۾ سنڌ ۾ تعليم جو قانون لاڳو ڪيائين سائين 1941ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو 1943 ع ۾ کيس مسلم ليگ سنڌ جو صدر چونڊيو ويو 1946ع ۾ جناح ۽ مسلم ليگ جي قومن سان ڪيل واعدن واري ٺاھ 1940ع تان ڦري وڃڻ جي ڪري مسلم ليگ کان الڳ ٿيو ان کان پوءِ مسلسل سائين جي ايم سيد کي مختلف ھنڌن ۽ مختلف وقتن تي گرفتار ۽ آزاد ڪيو ويو اھڙي طرح سائين پھرئين 1948ع ۾ ڪراچي جي مسئلي تي 1954ع ۾ ون يونٽ جي مخالف جي ڪري ايوب شاھ مارشلا جي لڳ ڀڳ جي سموري دور ۾ ڀٽي حڪومت جي سڄي دور جنرل ضياءِ توڙي بينظير جي حڪومت جي ٻنھي دورن ۾ ۽ نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ مسلسل 33 سال قيد ۽ نظر بند رھيو تان جو وفات ڪيائين سائين جي ايم سيد مسلم ليگ ڪانگريس خاڪ سار تحريڪ نيشنل عوامي پارٽي پيپلز پارٽي خلافت تحريڪ ھاري پارٽي اين ٽي ون يونٽ اتحاد پارٽي سنڌ متحده محاذ بزم صوفياءِ سنڌ سنڌ قومي اتحاد ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي پليٽ فارمن تان پنھنجي سياسي سماجي علمي ۽ ادبي سرگرمين کي جاري رکيو پاڻ سنڌي انگريزي فارسي عربي زبانن تي دسترس رکندو ھو سندس ذاتي لائيبري ۾ ناياب ڪتابن جو ھڪ وڏو زخيرو اڄ به موجود آھي سائين جا سياست سماجيات ادب تاريخ ڪلچر ۽ سنڌ جي آزادي تي اٽڪل 60 کن ڪتاب لکيل آھن اھو ماکي کان مٺو عظيم رھبر 25 اپريل 1995ع جي صبح جو سوير وڏي عصر محل جناح اسپتال ڪراچي زير علاج ھوندي پنھنجي حقيقي مالڪ سان مليو ھو ھن سڄي قوم لاءِ ھڪ خوبصورت ۽ حسين خواب ڇڏي ويو آھي شل سندس خواب شخصي سياست کان نڪري ڪا حقيقي ساڀيان ماڻي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *