ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان عوام: اصغر ملاح (دادو)

ملڪ ۾ ايندڙ تبديليون غريب عوام جي قسمت تبديل ڪرڻ بدران سندن ڏک سور ٻيڻا ڪري رهيون آهن ملڪ ۾ آمريت هجي يا جمهوري سرڪار هجي غريب عوام جي قسمت تبديل نه ٿي آهي اڌ صدي کان وٺي وقت به وقت سياستدان غريب عوام کي نوان روپ ۽ نوان خواب ڏيکاريندا رهيا آهن غريب عوام جي تقدير بدلائي ڇڏيندا. کين روزگار، بنيادي سهولتون تعليم، صحت، پيئڻ جو صاف پاڻي درن تي انصاف فراهم ڪندا..توانائي جو بحران ختم ڪندا دهشتگردي جي پاڙ پٽيندا مهانگائي تي ڪنٽرول ڪندا اقتدار ۾ اچڻ بعد عوام سان ڪيل واعدا ۽ منشور وساري ڇڏيندا آهن وقت جا حڪمران به ماضي جي حڪمرانن جيان عوام کي فقط دلاسا ۽ آسرا ڏئي رهيا آهن ملڪي حڪمران صرف ذاتي مفادن کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا ته پوءِ نتيجو اهو ئي نڪرندو جو دهشتگرد معصوم شهرين کي بارود سان اڏائيندا رهندا، شهرن مان ڀتاخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا زور وٺندا رهندا، ٻهراڙين ۾ اغوا ۽ ڪارو ڪاري رواج بڻجي ويندو، پوليس ڏوهارين کي کلي ڇوٽ ڏئي جوا، منشيات جا اڏا ۽ سمورا غيرقانوني ڪم پنهنجي نگراني ۾ هلائيندي رهندي ۽ حڪمران صرف پنهنجا پرڏيهي اڪائونٽ ڀرڻ لاءِ عالمي ادارن آڏو ڪشتو کڻي هميشه پنندا رهندا نتيجي ۾ ملڪ وڌ کان وڌ ڪنگال ۽ ڪمزور ٿيندو رهندو.

پاڪستان دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ شامل آهي. ۽ پاڪستان کي پنهنجو حڪومتي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ عالمي مالياتي اداري کان قرض وٺڻو پوي ٿو. ۽ انهي قرض وٺڻ لاءِ پاڪستاني حڪومتي کي قرض ڏيندڙ عالمي مالياتي   ادارن جا ڳرا شرطه به قبول ڪرڻا پون ٿا. جنهن جو زو وري سڌوسنئون عوام تي پوي ٿو اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ سفارش عام جام آهي جنهن ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ سفارش چوٽ چڙهيل هجي اهو ملڪ ڪڏهن به ترقي جي راهه طرف نه وڌندو سرڪاري ادارو ڪهڙو به هجي رشوت ان جي جڙ ۾ شامل آهي جيڪا نه ختم ٿي سگهي ٿي نه هن کي ڪنهن سرڪاري اداري يا سياستدان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اسان جي ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن خلاف قانوني ڪاروائي طرف ڌيان ڇونه ٿا ڏين وفاقي ۽ صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف کاتن جي من پسند ڪامورن سياسي ڀوتارن سرڪاري فنڊن جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي جن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي سرڪار ادارا عوام جي ڀلائي بهتري لاءِ جوڙيندي آهي ته جيئن عوام انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي اسان جي ملڪ   ۾ ڪيترائي ادارا جوڙيا ويا آهن. جيڪي عوام جي ڀلائي بهتري لاءِ هجن ٿا پر حڪومت ويٺل حڪمرانن چونڊيل نمائيدن ۽ سرڪاري ڪامورن جي ناهلي ڪن لاٽار ۽ ڪرپشن جي ڪري اهي ادارا تباهه ٿي رهيا آهن ادارن جون واڳون صحيح هٿن ۾ ناهن .

وفاقي صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف سرڪاري ادارن ۾ احتساب جي عمل جي کوٽ رهي آهي خاص طور تي پوليس کاتي ۾ اهو به سياست جي ور   چڙهي   پنهنجي ساک   متاثر   ڪرائي چڪو آهي اهو ئي سبب هوندو آهي جو جمهوري نظام هوندي به عام ماڻهن کي انصاف ناهي ملي سگهندو حڪمران متاثر ماڻهن سان انصاف ڪرڻ جون وڌيون خاطريون ڪرائين ٿا اڪثر اهڙين خاطرين تي عمل نه ٿيندو آهي ماڻهو ويچارا ناانصافين خلاف احتجاج ڪري ڪري ٿڪجيوپون ۽ نيٺ خاموشي اختيار ڪري وٺن ٿا پوليس جو کاتو بدانتظامي ڪرپشن ۽ ڇڙواڳي جي ور چڙهڻ سبب ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ ڪرڻ وارو پنهنجو فرض ته گهڻو اڳ وساري ويٺي آهي جنهن جي   ذميواري امن   برقرار رکڻ آهي پوليس جو کاتو وجود ۾ ان ڪري آيو آهي يا جنهن جو ڪم ئي عوام کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ امن امان برقرار رکڻ آهي پوليس کاتي ۾ ٿاڻن جي وڏن منڇين کان وٺي ايس ايڇ اوز ڊي ايس پي سميت بالا آفيسرن جي سياسي بنياد تي مقررين سبب ڏوهن تي پوليس ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام آهي پوليس انتظاميا جي ايماندار آفيسرن اهلڪارن پاران ڏوهارين خلاف ڪاروائي جي آغاز ٿيڻ ۽ گرفتار ٿيڻ ۽ گرفتار ٿيڻ بعد سياسي شخصيتن جي ٽيليفونن کان وٺي پرسنل سيڪريٽرين پارٽي اڳواڻن جي مداخلت جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو جنهن سبب پوليس تحيقيقات ڪرڻ کان اڳ ئي جوابدار مان هٿ ڪڍيو وڃي ٿي ان سبب پوليس خانه پوري کان اڳتي وڌي ڪو نه ٿي جنهن سبب ڏوهارين ڌاڙيلن منشيات فروشن جو ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي وڏو ڪارڻ ادارن ۾ سياسي مداخلت آهي ڪٿي ايماندار آفيسر کي هفتو به ٽڪڻ نٿو ڏنو وڃي اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن امن قائم ٿيندو سرڪار کي گهرجي ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ ڏوهارين، ڦورن، قاتلن، دهشتگردن منشيات فروشن خلاف بنا فرق جي آپريشن ڪري عوام کي تحفظ ۽ بنيادي حق فراهم ڪندڙ پوليس کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن ۽ پنهنجي زندگي پرسڪون گذاري سگهن ڪرپشن سبب سرڪاري ادارن کي پنهنجي اکين آڏو تباهه ۽ برباد ٿيندي سالن کان  ڏسندا رهيا آهيون سرڪاري قومي ادارن  ۾ ڪرپشن  ۽ تباهي جي لقاءِ تي ملڪ جو عوام احتجاج ڪري ڳڻتي جو اظهار هر دور ۾ ڪندو رهيو آهي جيڪر هاڻي به سرڪاري ادارن ۾ من پسند عملدار مسلط رهيا ته  پوء ملڪ ۽ عوام جو ڇا ٿيندو ڇو ته اهي سرڪاري وفاقي ۽ صوبائي سرڪاري ادارا ڪو رات وچ ۾ ته  نه ٺهيا آهن جو ڪرپشن ڪندڙ من پسند ڪامورن لاءِ  هر دور ۾ درگذر جو مظاهرو ڪيو ويندو  رهيو آهي. عوام جي رت ۽ پگهر جي  پورهئي يعني ٽيڪس مان پگهارون کڻندڙ مراعتون حاصل ڪندڙن هر وقت سرڪاري ملازمن ڪڏهن به پاڻ کي عوام جو خادم نه پرهميشه حاڪم سمجهيو آهي.

عام خلق آزار ۾ اچي وئي. عوام دانهيو آهي ته اسيمبلين ۾ ويٺل 80 / 70 سيڪڙو سياستدان يا ته جاگيردار صنعتڪار آهن پر اهي ان باوجود ڪو به ٽيڪس نٿا ڀرين لکن جي جاءَ تي چند هزار ئي ٽيڪس ڀريندا آهن اڪثر سياستدانن صنعتڪارن ۽ واپارين کان ٽيڪس وٺڻ وقت اکيون بند ڪيون وينديون آهن بجيٽ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اڪثرعوام تي ٽيڪس جا سڀ بار وڌايا ويندا آهن هتان جو غريب عوام جيڪو بک بي روزگاري جي ڪري فاقا ڪشي۽ بدحالي جو شڪار آهي غريب ماڻهو توڙي سندس ٻچا تن تي صحيح ۽ سالم ڪپڙا پهرڻ لاءِ سڪي رهيا آهن ته مٿان وري روزانو وڌندڙ ٽيڪس عوام لاءِ عذاب بڻيل آهن وقت جي حڪومت عوام جي جائز مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا آهن جيڪي کڻڻ گھرجن ها ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان عوام روز دانهين ٿو حڪمرانن کي عوام جي تڪليفن جو ذور به احساس نه آهي حڪمران سياستدان اقتدار جي ننڊ ۾ چور آهن جيڪي غريب عوام جي ووٽن تي چونڊجي اقتداري اعوانن تي پهتا آهن جيڪي غريب عوام جو ڏک درد پنهنجو ڏک درد نه ٿا سمجھن نه ئي محسوس ڪن ٿا نه ئي هارين پورهيتن مزدورن کي تڪليفن ۽ ڏکن جي دٻڻ مان ڪڌڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن ته مهانگائي بيروزگاري سبب غربت ۾ پسجندڙ عوام بک بدحالي جو ڏينهون ڏينهن شڪار ٿيندو پيو وڃي عام ماڻهو هاري، مزدور، پورهيت، ننڍو ملازم، ۽ آبادگار ”آڻين ۽ چاڙهين ٿا مسڪيني واري حال تي پهتل آهن مهاناگائي بيروزگاري سبب هيٺيون طبقو ٻن ويلن جي ماني جي ڳڀي لاءِ دربدر ۽ پريشان آهن کاڌي پيتي جي استعمال جي روز مره جي شين جي اگھن ۾ مسلسل واڌ خلاف هر روز دانهين ٿا، ڏسندي ئي ڏسندي کاڌي ۽ عام واهپي جون شيون ايتريون مهانگيون ٿي ويو آهن جو اهي عام ماڻهن جي قوت خريد کان گهڻو مٿي ٿي ويون آهن جنهن جي ڪري غريب عوام جون زندگيون ڏکيون بڻجي ويون آهن پاڪستان هڪ زرعي ملڪ هئڻ جي باوجود عام ماڻهن پنهنجي خوراڪ گهٽا ئي ڇڏي آهي غريب عوام غربت سبب اڄ ڪلهه ٽي ويلا ماني کائڻ بجاء به ويلا کائي وقت ٽپائي رهيا آهن عوام ۾ غربت بک بدحالي عروج تي آهي ملڪ اندر مهانگائي جي بي قابو جن کي حڪومت قابوڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي هن وقت ملڪ جي 60 سيڪڙو عوام جي آبادي غربت واوي لڪير کان هيٺائين واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي دهشتگردي بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ سخت مهانگائي بيروزگاري ۽ ٻين مسئلن جا انبار آهن ملڪ ۾ ڪو هڪ مسئلو به ناهي بلڪه سڄو ملڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي وڌيڪ بدترين ڏينهن اچڻ کان اڳ اسان کي پاڻ کي سڌارڻو پوندو جيڪا وقت جي ضرورت آهي هن وقت پاڪستان کي سياسي جمهوري ترقي جي راهه تي آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي اسان سڀني کي ملڪ جي قانون قائدن تي هلڻ جي سخت ضرورت آهي ته پوءِ اُن ۾ شڪ نه آهي ته ترقي خوشحالي اسان جي ملڪ جو مقدر هوندي. اچو ته پاڻ کي بدلائڻ جي ابتدا ڪريون هي وقت ملڪ جي جڙيل قانون ۽ آئين تي هلڻ جو آهي هاڻي ملڪ جو مستقبل ۽ حالتون غير يقيني ڪرپشن، دهشتگردي، محاذ آرائي کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نه آهي ان ڪري حڪومت کي وڌ مان وڌ عوامي فيصلا ڪرڻا پوندا نه ته سندن ساک متاثر ٿي ويندي. پاڪستان جو عوام پنهنجي رت ۽ پگهر جي پورهئي مان حڪومت کي ٽيڪس ادا ڪري ٿو اهو ملڪ جو عوام اڳتي وڌڻ چاهي ٿو حڪمرانن کي عوام جي حالت تي رحم ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ اندر مهانگائي توڙي ڪرپشن جي خاتمي سميت عوام جي بهتري لاءِ جامع پاليسي جوڙي اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *