ماضيء جو آئينو ؛ ” شروعاتي قسم جو انسان“: شفيق شاڪر

هڪ اندازي مطابق زمين تي پهريون انسان30 لک کان 20 لک قبل مسيح جي وچ ڌاري ظاهر ٿيو.ماهرن ان دور جا الڳ الڳ نالا تجويز ڪيا آهن.ڪن ان کي پيليوليٿڪ ايج (Paleolithic Age) ۽ ڪن پلئي اسٽو سين (Pleistocene Age)  لکيو آهي.بهرحال اهو برفاني دور هو جنهن زمين جي گولي تي گهرا نشان ڇڏيا .ڪجھه محقق انسان جي هن زمين تي عمر اٽڪل ست لک سال بيان ڪن ٿا.

ماهرين مطابق شروعاتي انسان ان علائقي ۾ رهندا هئا جن کي هاڻي ڏکڻ آفريڪا يا وچ آفريڪا چيو وڃي ٿو.انهن علائقن ۾ ننڍيون ننڍيون ڍنڍون هيون جن جي ڪناري ڪجھه گھٽ ڊگھا وڻ.ٻوٽا ۽ گند گاه وڏي مقدار ۾ اڀريل هو.ڍنڍن کان ڪجھه مفاصلي تي گاه جا وڏا جھنگ هئا جن ۾ قسمين قسمين جانور رهندا هئا.انهن ۾ اهي وڏا جانور به شامل هئا جيڪي هاڻوڪي هرڻن،باندرن،بگھڙن، شينهن ۽ سوئرن جا ابا ڏاڏا شمار ڪيا وڃن ٿا.نانگ،ڪرڙيون، ڪڇون۽ڪوئن جهڙا ننڍڙا جانور به موجود هئا.جھنگ جي وڻن تي پکي ۽ ڍنڍ جي صاف پاڻيء ۾ مڇيون به ترنديون رهنديون هيون.

زمين جي شروعاتي ماڻهن کي ” هومو هيبلز” (Homo Hebilis) چيو ويو آهي جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”هنرمند“. جن جو قدساڍا چار فٽ،انهن جون ڄاڙهيون ۽ وات وڏا ۽ انهن جون پيشانيون نهايت ئي ننڍيون هيون.سندن رنگ ڪاروجڏهن ته انهن جي پٺي،ٻانهن ۽ ٽنگن تي ڊگھا ڊگھا وار هئا.

چار لک سال قبل مسيح، اڀرندي يورپ ۾ انسانن جي موجودگيء جون گواهيون مليون.انهن ماڻهن کي ”پيٿيڪين ٿراپس“ (Pathicanthropus)جي نالي سان سڏيو ويو. ٻه لک سال قبل مسيح،انسان شڪار جي لاء باقائدي پٿر جي هٿوڙن جو استعمال شروع ڪيو

.30 هزار سال قبل مسيح،جديد انسانن جن کي ” هومو سيپينز“ سڏيو ويو تن پراڻن انسان جي جاء حاصل ڪري ورتي.هٿيار ۽ اوزار پٿرن سان گڏوگڏ  وڏن وڏن جانورن جي هڏين مان به ٺهڻ لڳا. عورتن پٿرن جا اهڙا زيور پائڻ شروع ڪيا جن سان باقائدي جنسي شهوت پيدا ٿيندي هئي يا انهن تي اهڙيون شڪليون ٺاهيون وينديون هيون جن ۾ جنسي ميلاپ جا منظر ڏيکاريا ويندا هئا.نه صرف آباديون وڌڻ لڳيون پر جادو ٽوڻي جو به زور وڌي ويو.انسان رهڻ لاء جبلن جي غارن کي ٽڪي گھر بنايا ۽ انهن جي ديوارن تي خوبصورت نقش ۽ نگار به سجائڻ شروع ڪيا.اهو ئي دور هو جڏهن انسان هڏين مان موسيقيء جا اوزار جوڙيا.1940ع م فرانس جي لاسڪوس ۾ اهڙا غار لڌا ويا آهن  جن جي ديوارن تي بنايل تصويرون 14 هزار کان 25 هزار سال قبل مسيح جون آهن.

15 هزار سال قبل مسيح، انسان يا انسان جهڙي مخلوق جي رهڻي ڪهڻيء ۾وڌيڪ تبديليون آيون .غارن ۾ هاڻي جانورن سان گڏو گڏ عورتن جون به تصويرون جڙڻ لڳيون.چون ٿا ته  انهيء دور ۾ فرانس جي ازالين تهذيب(Azilian Culture) ۾ انسان اشارن سان گڏوگڏ زبان سان به پنهن جي دل جي ڳالهه بيان ڪرڻ جي قابل ٿي ويو.

12 هزارسال قبل مسيح ۾، وڏن وڏن برفاني جبلن پگھرجي پاڻيء جي صورت اختيار ڪئي ۽ انهن جي جڳهه تي جھنگل ۽ واديون پيدا ٿي پييون. 10 هزار سال قبل مسيح اهو ممڪنه زمانو سمجھيو وڃي ٿو جڏهن ايشيا مان انسان.بري ۽ بحري رڪاوٽون ڪاٽي ان سرزمين ۾ داخل ٿيو جنهن کي اڄ ڪلهه آمريڪا چيو وڃي ٿو.اولهه يورپ ۾ ”ميسوليٿڪ دور ”   (Mesolithic Age)شروع ٿيوجيڪو ساڍا ٽي هزار سال جاري رهيو.

8 هزار قبل مسيح ۾ باقائدي زراعت جو ڌنڌو شروع ٿيو،انسان پاڻ ٻج پوکي زمين مان خوراڪ حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. چون ٿا ته ان زماني ۾ ئي هڪ اهڙو ٻوٽو به پوکيو ويو جنهن مان اڳتي هلي ڪپهه حاصل ٿي. پٿر جا هٿيار ۽ اوزار دستور مطابق استعمال هيٺ هئا  پر هاڻي انهن کي جدا جدا طريقن سان وڌيڪ چمڪايو ويو۽ انهن جون ڌارون تيز ڪرڻ جو فن به اختيار ڪيو ويو. سمنڊن ،دريائن ۽ ڍنڍن مان مڇيء جي شڪار جي شروعات ٿي.آفريڪا ۾ هن وقت موجود نيگرو نسل جي ماڻهن جو وڏو به ان دور ۾ پيدا ٿيو هو۽ ”جيريڪو“نالي شهر به ان دور ۾ آباد ٿيو.جنهن کي دنيا جي معلوم تاريخ جو پهريون فصيلدار يعني پناه گاه ڏنل شهر چيو وڃي ٿو. ان جا کنڊر اسرائيل ۾ بيت المقدس جي اتر اوڀر ۾ مردار سمنڊ جي اتر ۾ لڌا ويا آهن.

ست هزار قبل مسيح ۾، خود به خود آيل ” نيو ليٿيڪ انقلاب “ (Neolithic Revolution)آيو جنهن کي ”پٿر جو زمانو“ (Stone Age ) به چيو ويندو آهي.ان دور ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ انساني زندگين تمام تيزيء سان ارتقا جون منزلون طيء ڪيون.انهن ڳوٺ جوڙڻ شروع ڪيا۽ زمين سان انهن جو رشتو مضبوط ٿيڻ لڳو ۽هاڻي انهن جانور پالڻ به شروع ڪيا.ڏکڻ اولهه ايشيا کان شروع ٿيندڙ اهو انقلاب 25000 سالن تائين جاري رهيو.هڪ روايت مطابق بحيره روم اهو پهريون سمنڊ هو جنهن ۾ ٻيڙيون هلايون وييون ۽ اهو ئي زمانو هو جڏهن انسان ٻيڙيون بنائڻ ۽ انهن کي سمنڊ ۾ هلائڻ سکيو.

6هزار قبل مسيح ۾، نه رڳو ڳائڻ وڄائڻ جا اوزار ايجاد ٿياپرخود انسان ڳائڻ به ان دور ۾ سکيو.اهو به چيو وڃي ٿو ته ناچ ۽ ناٽڪن جو رواج به ان زماني ۾ ئي پيو.انهيء ئي دور ۾ انسان باقائدي فصل اپائڻ شروع ڪيا ۽ زراعت جي شعبي جا ڪجھه سادا اوزار به ايجاد ڪيا.جڏهن ته پنج هزار سال قبل مسيح ۾،انسان ميسوپوٽيميا (عراق) ۽ اناطوليا (ترڪي) ۾ اس ۾ سڪايل مٽيء جي سرن مان گھر بنائڻ شروع ڪيا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *