ماضيءَ جا شاندار مثال ۽ تباهه حال مستقبل ؛منير سومرو

لاڙڪاڻي شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ گذريل پ پ پ جي وفاقي حڪومت توڙي سنڌ حڪومت 25 ارب روپيه جاري ڪيا هيا، جيڪي شهر جي سمورن روڊن تي خرچ ڪرڻا هيا ۽ ان رقم سان شهر جا سمورا روڊ ته ٺهيا پر بدقسمتي سان انهن روڊن تي ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ هاڻي اهي روڊ مختلف هنڌن تان ٽٽندا پيا وڃن ۽ انهن روڊن جي حالت اها آهي جو جيڪي ٻاهريان ماڻهو اچن ٿا، اهي اهو چون ٿا ته جن کي لاڙڪاڻي وارا ووٽ ڏين ٿا، انهن جي شهر سان اهڙي حالت پئي ٿئي! اهي ماڻهو افسوس ڪندا آهن پر اسان جي ووٽن تي حڪومت ۾ ايندڙ سياستدانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي سري.

لاڙڪاڻي لاءِ اهو مشهور آهي ته ’هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو‘ پر ان جي ابتڙ ماڻهو هاڻي اهي چئي رهيا آهن ته ’هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو‘ جنهن جو سبب هتي امن امان جي صورتحال اها آهي، جو ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا لڳن ٿا، موٽر سائڪلون ڦريون ٿيون وڃن، ايتري قدر جو بئنڪ کي لڳل ڌاڙي توڙي ڪنهن به واردات جا ڏوهاري گرفتار نه ڪيا ويا آهن. مطلب ته هتي هاڻي اسٽريٽ ڪرائيم چوٽ چڙهيل آهي. جڏهن ته شهر وري گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، گٽر اٿلن ٿا ته گندو پاڻي شهر جي مکيه رستن سميت گهٽين تي بيهجي وڃي ٿو. ۽ ان تي تمام گهڻو اخبارن ۾ لکيو ويو آهي پر حڪمران خاموش بڻيل آهن ۽ نه وري چونڊيل نمائنده اهڙي صورتحال تي اسيمبلي ۾ ڳالهائن ٿا. لاڙڪاڻي لاءِ آيل اهي 25 ارب روپيا ڄڻ کڏ ۾ اڇلايا ويا هجن. شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي 7 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهي آهي. لاڙڪاڻي کان موهن جو دڙو وارو روڊ مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. شيخ زيد اسپتال واري چوڪ کان ميروخان چوڪ تائين روڊ انتهائي خراب آهي، لاڙڪاڻي کان خيرپور پل ۽ روڊ بهتر ٺهيل نه هجڻ سبب ڪيترائي دفعا مختلف هنڌن تان روڊ ٽٽي ويو، جنهن کي ٻيهر ٺهرايو ويو. هاڻي لاڙڪاڻي شهر کي ڏسي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هن شهر جو ڪو والي وارث نه هجي. اها حقيقت به آهي ته شهر جا اصل وارث ته هن دنيا مان هليا ويا ۽ جيڪي انهن جي جاءِ تي آيا آهن، انهن جو وڏو مسئلو سيڪيورٽي جو آهي. ان ڪري اهي لاڙڪاڻي کي خوبصورت بنائڻ لاءِ رقم ته ڏين ٿا پر انهن ڪمن جي نگراني نه ٿا ڪن ۽ جن کي انهن ڪمن جي نگراني ڪرڻ لاءِ رکيو ٿو وڃي، اهي ڪميشنون وٺي وڏا وڏا بنگلا ٿا اڏرائن، جنهن سبب شهر جي حالت خراب ٿئي پئي.

جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هيو ته هو پاڻ لاڙڪاڻي ۾ موجود هجڻ وقت روڊن تي هلندڙ ڪمن جي نگراني ڪندو هيو. ايتري قدر جو هڪ دفعي جڏهن اسٽيشن روڊ وارو روڊ ٺهي رهيو هيو ته شهيد پاڻ رات جو عباس هوٽل لڳ ڪرسي رکي ڪم جي نگراني پئي ڪئي ۽ هو اڪيلو ويٺل هيو، سندس چوگرد ماڻهو هيا ۽ انهن جي پٺيان پوليس هئي. اهو ضرور آهي ته ان جهڙو پاڪستان ۾ ڪڏهن به ليڊر ٻيو ڪو به نه ٿي سگهندو پر ايترو ته هاڻوڪا پ پ پ جا اڳواڻ ڪري سگهن ٿا جو اهي شهر ۾ اچي صرف اهو ڏسن ته شهر جي حالت ڪهڙي آهي؟

اها حالت صرف لاڙڪاڻي جي ناهي پر خيرپور ۽ شهيد بينظير آباد ڇڏي ڪري اها صورتحال سڄي سنڌ جي آهي. قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، سکر، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، گهوٽڪي، ٺٽو، سانگهڙ، بدين، ميرپورخاص ضلعن جي حالت ته لاڙڪاڻي کان به وڌيڪ بدتر آهي. موهن جو دڙو جيڪو اسان سنڌين جي سڃاڻپ آهي، ان جي حالت به ڪا بهتر ڪانهي. ڪيتريون ئي سائٽون ڀُرنديون پيون وڃن، پر سرڪار کي ڪا به پرواهه ڪانهي. بلاول ڀٽو زرداري موهن جي دڙي تي اچي دڙي جي رهيل کوٽائي جو افتتاح ڪيو پر اهو به صرف فوٽو سيشن رهيو. ان تي ڪم ته شروع نه ٿي سگهيو پر ايترو به نه ڪيو ويو ته اتي ايندڙ سياحن لاءِ پاڻي جو ڪو بندوبست ڪيو وڃي. ويتر وفاقي سرڪار موهن جي دڙي ڀرسان قائم ايئرپورٽ لاءِ ڪا به فلائيٽ نه آهي، جنهن سبب جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سياح هتي اچي رهيا هيا، انهن جو اچڻ به بند ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ به سنڌ حڪومت خاموش بڻيل آهي.

هاڻي لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جيڪا ڪيتري عرصي تائين غير فعال بڻيل هئي، ان کي ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ ان جو چيئرمين عامر زيب جتوئيءَ کي مقرر ڪيو ويو آهي. هاڻي لاڙڪاڻي وارن کي ان مان اها اميد ڪرڻ گهرجي ته پهريان جيڪي ڪم اڌ ۾ رهجي ويا آهن، انهن ڪمن لاءِ سرڪار کان رقم حاصل ڪري انهن کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو ۽ جيڪي روڊ خراب ٿي ويا آهن، انهن کي ٻيهر بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. صرف اهو ئي عرض هتان جا ماڻهو ڪن ٿا انهن کي وڌيڪ ڪجهه نه گهرجي، نوڪرين مان ته هاڻي هتان جا ماڻهو آسرو لاهي ويهي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته نوڪريون صرف انهن ماڻهن جو حق آهي، جيڪي ليڊرن جي ويجهو آهن ۽ انهن ويجهن ماڻهن کي ملندڙ نوڪريون انهن جي پنهنجن کان وڌي وڃن ٿيون ته پوءِ اهي نوڪريون وڪرو ڪن ٿا، ان ڪري غريب ماڻهن لاءِ پئسن تي نوڪريون وٺڻ ڏاڍو مشڪل آهي. غريب ماڻهو صرف ووٽ ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي، انهن کي اهو حق ناهي ته اهي پاڻ لاءِ ڪي سهولتون حاصل ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *