لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا جي وڇوڙي تي سوڳوار سنڌ ۽ هند ؛غلام حسين خاصخيلي

سنڌ اها سرزمين آهي جنهن پنهنجي ڌرتيءَ تان شاعرن، اديبن ۽ صحافين کي جنم ڏنو. اُهي ادب سان لاڳاپيل شخصيتون هجن يا صحافت سان لاڳاپيل شخصيتون هجن. انهن سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري وڃڻ جي باوجود به سنڌ ڌرتي کي ڪڏهن به ناهي وساريو. سنڌ ڌرتي جي مٽيءَ جي سڳنڌ واري خوشبوءَ ايتري ته پياري آهي جو اُن خوشبو کي ڪير به وساري نه ٿو سگهي. سنڌ ڌرتي جي مٽيءَ جي سڳنڌ واري خوشبو سانوڻي جي مند ۾ ڪڙڪاٽ ڪري وسندڙ ڪڪرن دوران جڏهن مٽي مان اٿي ٿي ته هر طرف تمام پياري هٻڪار هوندي آهي. اهڙيءَ ئي خوشبو واري مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ناميارو اديب لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا اسان کان وڇڙي ويو آهي. سندس وڇوڙي جي ڏک واري خبر مون تائين سنڌي ٻولي نامياري اديب تاج جويي پهچائي. لڇمڻ ڀاٽيا جي ديهانت واري ڏکاري خبر ٻڌي تمام گهڻو ڏک پهتو. لڇمڻ ڀاٽيا جو وڇوڙو سنڌي ادب ۾ نثر جي حوالي سان هڪ خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو في الحال ڀرجڻ مشڪل آهي. لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا 26 مارچ 1936ع تي اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻي نوشهروفيروز ضلعي جي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو. لڇمڻ جو جنم چيلارام ڀاٽيا جي گهر ۾ ٿيو. سندس جنم جو نالو لوڪو مل هو ۽ کيس لاڏ مان لوڪو سڏيندا هئا. لڇمڻ جو ڏاڏو سيٺ جاڙو مل تر جو وڏو زميندار هو. ڪنڊياري شهر ۾ ڀاٽيا برادري جو هڪ وڏو پاڙو هو،

جنهن ۾ چيلارام تعليم يافته شخص رهندو هو. جنهن کي انگريزي ۽ فارسي ادب جو سٺو مطالعو هو. لڇمڻ پرائمري تعليم ڪنڊياري مان حاصل ڪئي ۽ سندس پيءُ کيس شام جي وقت مسجد ۾ آخوند وٽ اردو ۽ فارسي به پڙهائي. ورهاڱي کان اڳ چيلارام ڀاٽيا نوابشاهه ۾ سٽي مئجسٽريٽ طور بدلي ٿي آيو ۽ ناليواري شاعر نارائڻ شيام جي والد ديوان گوڪل داس نانگواڻي کان چارج ورتي. چيلارام ڀاٽيا شهر ۾ ايماندار طور مشهور هو. لڇمڻ 9 سالن جي عمر ۾ ولس اسڪول نوابشاهه ۾ پهرين انگريزي درجي ۾ داخل ٿيو ۽ ان وقت جي ناميارن استادن روچيرام ٿانواڻي، ديوناٿاڻي، ڀڳوان ابيچنداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي کان حاصل ڪئي. ميوزڪ ۾ سندس استاد شيوو راماڻي هو. لڇمڻ ڀاٽيا نوابشاهه ۾ پڙهڻ دوران پيءُ جي صحبت ۾ نارائڻ شيام، پرسرار ضياءَ ۽ سليم ڳاڙهوي سان مليو ۽ کين مشاعرن ۾ شعر پڙهندي ڏٺو. لڇمڻ جڏهن ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين انگريزي جو سرٽيفڪيٽ وٺي چڪو هو ته 30 جنوري 1948ع تي مهاتما گانڌي جي قتل جي خبر آئي ۽ لڇمڻ جو والد چيلارام نوڪري تان معطل ٿي ويو ۽ کيس نظربند ڪيو ويو. جاچ کانپوءِ بورڊ لڇمڻ جي پيءُ کي ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٽريزري آفيس نوابشاهه ۾ آفيسر مقرر ڪيو ۽ سندس مٿان شرط رکيو ويو هو ته نوابشاهه نه ڇڏيندو نه لڏيندو پر هو 8 مارچ 1948ع تي شو راتڙيءَ جي ڏينهن ۾ ٻارن سميت پنهنجي وطن سنڌ کي خداحافظ چئي ڀارت هليو ويو. ناميارو اديب لڇمڻ ڪومل 13 سالن جي ننڍي عمر ۾ مائٽن سان سنڌ ڇڏي ورهاڱي جي وير ۾ لڙهي هند پهتو ۽ اڳتي ڌڪجي دهلي پهتو. لڇمڻ دهلي يونيورسٽي مان بي ڪام آنرس 1956ع ۾ ڪئي ۽ دهلي يونيورسٽي ڪاليج جي ادبي سوسائٽي ۾ هن جي ملاقات نامياري شاعر نارائڻ شيام سان ٿي. جڏهن ته نامياري اديب  هرومل سدارنگاڻي ”خادم“ سان ملاقات ٿي. اهڙي نموني دهلي ۾ پڙهڻ دوران لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“ تخلص سان شاعري شروع ڪئي. 1962ع ۾ گوپي سان شادي ڪئي ۽ دهلي يونيورسٽي جي اسڪول آف جنرلزم مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي.

لڇمڻ ڪومل نه رڳو سنڌ ۽ هند پر دنيا جي افسانوي توڙي شعري ادب جو وسيع مطالعو ڪيو ۽ ان تي تنقيدي نگاهه به رکندو هو. ورهاڱي کانپوءِ شاعرن ۾ سٺو مقام رکڻ جي حوالي سان سندس نالو اچي ٿو. پاڻ غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر هو. لڇمڻ آل انڊيا پوئٽري سمپوزيم ۾ شرڪت سان گڏ سنڌ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. لڇمڻ ادبي حوالي سان ريڊيو، ٽي وي، اخبارن، ادبي رسالن ۽ مئگزينن ۾ 45 سالن تائين لڳاتار لکندو رهيو. سندس سوين تحقيقي، تنقيدي ۽ ادبي مقالا ڇپجي چڪا آهن. لڇمڻ جا ريڊيو ٽاڪ، ايڊيٽوريل، تبصرا ۽ تجزيا سنڌي ادب جي دنيا ۾ وڏو مقام رکن ٿا. لڇمڻ ڪومل ٻولي ۽ ساهت سڀا، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا سان 22 سالن جي عمر سان لاڳاپيل رهيو ۽ سنڌي ٻولي کي ڀارت ۾ قومي ٻولي قرار ڏيارڻ ۾ ٻين اديبن سان گڏجي وڏو ڪردار ادا ڪيو.

لڇمڻ شاعري لکڻ گڏوگڏ بهترين ناٽڪ نويس به هو. هن جا ڪيترائي ناٽڪ اسٽيج تي به پيش ٿيا. هن جا 3 طويل سنگيت ناٽڪ سنڌي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿا. سهڻي ساهڙ سنگ، سر مومل راڻو، سر سورٺ تي ڀرپور نموني سان ناٽڪ لکيا، جن کي هند ۽ سنڌ ۾ وڏي مڃتا ملي. لڇمڻ ڪومل سنڌي ادب ۾ ”جوت“ رسالي جو 7 سال ايڊيٽر رهيو ۽ ان رسالي جا شاهه لطيف نمبر، گوبند مالهي نمبر، آڳاٽو سنڌي ادب نمبر ۽ هري دلگير نمبر ڪڍيا. لڇمڻ ڪومل ٻاراڻي ادب تي هڪڙو هو راجا ڪتاب لکيو جنهن تي هندستان جي سرڪار جي تعليم واري وزارت طرفان ٻاراڻي ادب جو ايوارڊ ڏنو ويو. پاڻ نئون صبح مشهور روسي شاعر ولاديمبر ماياڪو وسڪي جي شاعريءَ جو ترجمو ڪري ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو، جنهن تي کيس ماسڪو ۾ گهرائي سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ، روس جي نوبل انعام يافته اديب مائيڪل شولو خوف هٿان ڏياريو ويو. سندس شاعري جو ڪتاب جيءُ جهروڪا تي به ايوارڊ مليو. اهڙي طرح راجندر سنگهه بيدي جي ناول ”ميلي چادر“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، جنهن تي به کيس وڏي مڃتا ملي. اهڙي طرح بلهي شاهه مونو گراف جي نالي تي ڪتاب ڇپرايو. ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي ۽ مشهور شاعر نارائڻ شيام جي ڀاءُ هيم ناگواڻي جي شخصيت ۽ فن تي ترتيب ڏنل ڪتاب ”پن ڇڻ جو پڙلاءُ“ شايع ڪيو. مشهور ناول نگار قرت العين حيدر جي ناول ”پت جهڙڪي ڪي آواز“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهڙي نموني سان لڇمڻ شاعري ۾ نثري نظم، غزل، تمام گهڻو لکيو. نثر جي حوالي سان به سندس شاعري وڏي مڃتا حاصل ڪئي ۽ سندس وڇوڙي تي نثر جي ادب ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي. اهو في الحال ڀرجڻ مشڪل آهي. لڇمڻ جي شاعريءَ ۾ سنڌ کان وڇڙي وڃڻ جو درد به سمايل آهي. سندس شاعري ۾ سنڌو جي محبت، پيار ۽ اتان جي مٽي جي خوشبوءَ جا عڪس چٽيل نظر اچن ٿا. لڇمڻ سنڌ مان ڀارت لڏي وڃڻ کانپوءِ جڏهن ٻيهر سنڌ ۾ ڪنهن ادبي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سنڌ ڌرتي تي قدم رکيو ته کيس سنڌ جي ڌرتي کي ڏسي پنهنجون پراڻيون يادون ذهن ۾ اچي وينديون هيون ۽ سندس شاعري ۾ ننڍي هوندي سنڌ کي ڏسڻ ۽ ان کانپوءِ ٻيهر سنڌ کي ڏسي جيڪا شاعري وسيلي عڪسبندي ڪئي آهي ان کي ڏسي اهو اندازو ٿئي ٿو ته هر ماڻهو کي پنهنجي جنم ڌرتي سان ڪيڏو نه پيار آهي. لڇمڻ کي سنڌ ڌرتي سان ايترو پيار هو جيترو پٽ پنهنجي امڙ سان ڪندو آهي ۽ امڙ پنهنجي پٽ سان ڪندي آهي. لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ادب جي ميدان ۾ خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ صحافت جي ميدان ۾ خدمت ڪئي پاڻ 35 سالن تائين ٽائيمس آف انڊيا ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪم ڪيائين ۽ 1994ع ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. لڇمڻ ڪومل جا آل انڊيا ريڊيو ۽ آڪاشواڻي جي سنڌي سروس واري پروگرامن ۾ سندس ڪيترائي ناٽڪ به نشر ٿيا. لڇمڻ ڪومل جي وڇوڙي سبب سندس حوالي سان ادب، صحافت ۽ ريڊيو جي ناٽڪ واري ادب ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو وڏي عرصي تائين ڀرجڻ مشڪل آهي. هاڻ لڇمڻ ڪومل اسان وٽ نه رهيو پر لڇمڻ ڪومل طرفان پنهنجي شاعري، ناٽڪ ۽ ادبي ۽ صحافتي ڪالمن وسيلي ان وقت تائين زنده رهندو، جيستائين هي ڪائنات موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *