ليمي جهڙي سانجهه جا گهاٽا ٿيندڙ پاڇا ؛شوڪت لوهار

لوڻ هاريل هن هنيانءُ ۾ ڪيئي وڍ پون ٿا پيا، اکين ۾ اڻ ميو سانوڻ لهي آيو آهي. دل تي مصر جي احرامن جيڏو وزن پئجي ويو آهي. روڳ بڻيل هن روح جي رهڙن کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ ڇا هن وحشت مان نجات جي ڪا راهه بچي آهي؟ ڇا هن ڪوفت مان فرار ممڪن آهي؟ ڇا هن ذليل جيون جي فهرست ۾ هڪ پل به اهڙو آهي، جيڪو ڏکڻ جي ڪا ٿڌي هير هجي. اهڙو هوا جو جهوٽو ڪهڙي طرف کان ايندو، جيڪو هڪ لمحي لاءِ ئي سهي پر هن ساهه کي سڌير بخشي وڃي.

جيڏانهن نظر وڃي ٿي صرف ۽ صرف وحشت ئي وحشت آهي. خوف ۽ هراس هن من تي ويڙهجي ويو آهي. هي وشال ڌرتي جيڪا ڪڏهن سرنهن ڦلار جا خوبصورت کيت هئي. هي آسمان جيڪو ڪڏهن مندائتي مينهن لاءِ ڪڪرن جا مها ساگر ڀري هن پرٿوي کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريندو هو، اڄ اُتي صرف آهُن ۽ ڪوڪن، روڄ ۽ راڙي جي آوازن کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. هڪ وڏو رڻ پٽ آهي. هڪ خالي بيابان جيان هي سڀ ڪجهه.

اسان جون خوشيون ڪنهن راهه ويندڙ مسافر جيان ڦرجي ويون آهن. هاڻ ان وٽ کڻي وڃڻ لاءِ ڪجهه به ڪو نه آهي. هاڻ هن سفر جو ڪهڙو فائدو جنهن جي ڪا منزل به ڪونه آهي. هي سفر جنهن ۾ آدجگاد کان صرف دک ئي دک ماڻهوءَ جو مقدر آهن. اِي اُپائڻهار! هي هيڏي گهُٽ ۽ ٻوسٽ ڇو آهي؟ صرف اسان جي ڌرتي ۾ مها ساگرن کان به گهرا ڏک ڇو؟ ڇا هن درد جو ڪو دارون ڪونه آهي؟ ڇا هن روڳ جو ڪو علاج ڪونه آهي؟ ڇا هن مرض لاءِ ڪو ويڄ يا طبيب ڪونه آهي. هوندو به ڪيئن؟ جتي هر طرف ڪويڄ هجن، اتي اصل ويڄ ۽ طبيب جو ملڻ ممڪن ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟

جتي هر طرف روڄ ۽ راڙو هجي، ظلم ۽ بربريت جو حشر برپا ٿيل هجي، اتي ڪنهن سڻائي جو آسرو به ڪهڙو؟ جتي هر منظر سيناڪوبي ۽ مُنهن مٿو پٽڻ کان شروع ٿئي ۽ منهن مٿي پٽڻ تائين ختم ٿيندو هجي، اُتي آٿت ۽ قياس جو آسرو ڪرڻ ئي ڀل آهي. هن پن ڇڻ جي موسم ۾ خزائون طويل ٿي وينديون آهن. هن مُند ۾ ٻاٻيهي جي ٻوليءَ تي بندش پئجي ويندي آهي. هر لمحو هڪ اذيت ۽ ان اذيت کان پوءِ هڪ عجيب وحشت بڻجي ويندو آهي.

گذريل سال انهيءَ ساڳي خيبرپختونخواهه ۾ گرجا گهر کي خودڪش بم سان اڏايو ويو هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو ٻاويهه ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. جيڪڏهن اهڙو ساڳيو روڄ ۽ راڙو ۽ ممڪن ري ايڪشن تڏهوڪي واقعي تي ڪيو وڃي ها، ته شايد اڄ هي معصوم ٻار پنهنجي مائرن جي هنج ۾ هجن ها ۽ انهن جي گهرن ۾ اڄ ماتم جي جاءِ تي ننڍڙن جي ٽهڪن جا گل کِڙي رهيا هجن ها، پر نه، اسين پنهنجي سوچ ۾، وجود ۾ عجيب نقشا ٺاهي ڇڏيا آهن. عجيب قسم جي سرحدن ۾ جيئڻ اسان جي عادت ٿي ويئي آهي. هو صرف ماڻهو هئا ۽ انهيءَ سان گڏ هو عيسائي به هئا. ڀلا عيسائين جي ڪري اسين پاڻ کي ايترو ڇو هلاڪ ڪريون ها. هو مسلمان نه هئا. ها واقعي مسلمان نه هئا پر هن مملڪت خداداد جا شهري ته هئا نه! ڇا هو ٻين سڀني مسلمان ڀائرن جيان ملڪ ۾ ٿيندڙ هر شيءِ جا ڀاڱي ڀائيوار ڪو نه هئا؟ ڇا هو هڪ جيترو ٽئڪس ڪو نه ادا ڪندا هئا؟ ڇا هو ڪا خلائي مخلوق هئا؟ ڇا انهن جو هن مِٽيءَ سان ڪو رشتو ناتو ڪونه هو؟ سڀ ڪجهه صحيح! ڇا هو انسان ڪونه هئا؟

جيڪڏهن اسان ان وقت عقل ڌاريون ها ته ههڙا هاڃا ڪو نه ٿين ها. هي اڻ مندائتو ڏک جو سانوڻ مائرن جي اکين کي اشڪبار ڪونه ڪري سگهي ها. پر نه، اسان ته هميشه ٽڪرن ۾ جيئڻ جا عادي آهيون. اسين فرقيواريت جي سُٽ ۾ الجهيل آهيون ۽ الجهيل ئي رهڻ پسند ڪريون ٿا، جتان ڪو به واپس ڪونه ٿو اچي سگهي. اسان جو تعليمي نظام ۽ ان تعليمي نظام جو نصاب، سڀ انهيءَ دڳ ڏانهن هلائڻ لاءِ ڪافي آهن، جتي زيتون جي باغ کانسواءِ رڳو بارود جي بوءِ اچي ٿي. اسان جي نصاب ۾ پنهنجي ڀائرن جون سسيون لاهيندڙ مغل بادشاهن کي منفي ۽ پرهيزگار ٽوپيون ٺاهي گذارو ڪندڙ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اسان جو نصاب انهن ماڻهن کي هيرو ڪري ڏيکاري ٿو،

جيڪي صرف ۽ صرف ڦورو ۽ لٽيندڙ آهن. انهن جي سترنهن حملن ڪرڻ کانپوءِ هتان جي ثقافت ڇيهون ڇيهون ٿئي ٿي پر اسين انهن کي پنهنجو بچاءُ ڪندڙ ۽ Savior سمجهون ٿا؟ ڪيڏو نه رحم اچي ٿو اسان کي پنهنجي ڀورڙائيءَ تي! اِهي منش ماڻهو جن عالم انسانيت لاءِ خير گهريو، اهي اهلِ دل، جيڪي پوري انسان ذات جا خيرخواهه هئا، اهي اسان جي نئين نسل جي ذهني آبياري ڪرڻ کانسواءِ صرف اوقاف کاتي جي روزگار جو ذريعو آهن، انهن جي ڪيل ڪمائي، انهن جي Inter faith harmony جو فلسفو وساري، اسان لٽيرن ۽ قاتلن کي پنهنجي منزل جو سونهون بڻايو آهي، اهڙي صورت ۾ سماج ايڏانهن جو ئي رُخ ڪندو، جيڏانهن اڄ وڃون پيا؟

اسين ته لالچ ۽ هٻڇ ۾ هر شيءِ جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون. گانڌي پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته ”سائنسدان ڪوشش ڪن ته کين سمنڊ جو ٻيو ڇيڙو ملي ويندو پر انسان جي لالچ جو ڪو به ڇيهه ۽ ڇيڙو ڪو نه آهي.“

بي قابو ٿي ويل فرقيواريت جي جِنُ کي اسان پاڻ ئي ته بوتل کان ٻاهر اچڻ ڏنو آهي. نصاب  ۾ نفرت آميز مواد ڀري پنهنجي روين ۾ تکائي ۽ تيزي جا حقدار قرار ڏنا ويا آهيون.

اسان جي سڄي تعليمي نصاب ۾ ڪا هڪڙي سِٽ به اهڙي آهي، جيڪا اسان کي درگذر، معاف ڪرڻ، ڇڏي ڏيڻ ۽ صبر جي تربيت ڏيندي هجي؟ ”صابو هار ڏنا، ڏني هار پاتا“ سازش اتان ئي ظاهر آهي. ڪو هڪڙو اهڙو سبق آهي، جيڪو گوتم جي رولاڪين کان روشناس ڪرائي سگهي؟ اهو ئي نه بلڪه هٿرادو فلسفي تي ٻڌل هڪڙو نصاب جيڪو سواءِ Divide and rule جي ٻيو ڪجهه به ڪو نه ٿو ڏيئي سگهي. هاڻ اسان وٽ ميڪاويلين مڪاري جي ڪا به گنجائش ڪونه آهي. هاڻي چانڪيائين جي مڪاري لاءِ اسان جي هيءَ ڀونءِ استعمال ڪونه ٿيندي؟ ڪو اهڙو وچن، ڪو اهڙو واعدو، ڪا اهڙي صلاح، ڪا اهڙي راهه، ڪا اهڙي سمت متعين ڪرڻ لاءِ ڪا ڪاميٽي جوڙي ويندي؟ لڳي ته ائين ئي ٿو ته اڳين سڀني ڪاميٽين جيان هيءَ ڪاميٽي به ڪنهن اهڙي ڌٻڻ حوالي ٿي ويندي، جتان واپسي ناممڪن آهي.

لوڻ هاريل هن جيون تي غم جا پاڇا گهاٽا ٿيندا پيا وڃن، جيئن جيئن سانجهه ٿئي ٿي، صرف چٻرن جا آواز ئي ٻڌڻ ۾ پيا اچن، کڙکٻيتن ته ڪڏهوڪي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *