لاڙڪاڻي کان لاهور تائين جو سفر؛ احمد رضا عباسي

هونئن ته سنڌ جي نوجوانن جون صلاحيتون هر جاءِ ۽ ملڪان ملڪ مشهور آهن پر انهن ۾ وري اهڙن نوجوانن جون جيڪي ظاهري طور ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان لاچار آهن پر انهن ۾ به اڻ ڳڻيون صلاحيتون ۽اهليت، قدرت جي طرفان موجود آهي.انهن جي ٽئلنٽ کي اڃان جيڪڏهن ڪو اجاگر ڪري پنهنجي صوبي ۽ ملڪ لاءِ ڪتب آڻڻ چاهي ته سنڌ صوبي کي وڏو فائدو پهچي سگهي ٿو.ڪرڪيٽ جي راندين جي حوالي سان پنجاب جي شهر لاهور ۾ پهرين جون کان ڇهين جون تائين ملڪ جي32 شهرن  اسلام  آباد،لاهور،فيصل آباد،ڪراچي،حيدرآباد،لاڙڪاڻو،نوابشاهه،خيرپورميرس سميت ٻين شهرن جون ٽيمون ڪرڪيٽ راند کيڏڻ لاءِ پنهنجن پنهنجن شهرن مان 30 مئي 2015ع تي مختلف سوارين ذريعي  روانا ٿين ٿا.انهيءَ سلسلي ۾لاڙڪاڻو مان به ڪرڪيٽ راند جي رانديگرن جي ڊيف ٽيم پنهنجي ڊيف آفيس لڳ ميونسپل اسٽيڊيم روڊ کان روانا ٿيڻ لاءِ 3 وڳي ڌارا اي سي ويگن ۾ سوار ٿين ٿا انهيءَ وقت ڊيف صدر پنهل سانگي ۽ امجد کوکر پنهنجي نگراني ۾ سڀني دوستن کي گاڏين ۾ ويهاري ٿو انهن لاءِ ٿڌي پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيا انتظام ڪري ٿو.اهڙي طرح هي ڊيف ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان خليل الرحمان عباسي جي قيادت ۾ سکر ڏانهن روانا ٿين ٿا.جنهن انتظامي ڪميٽي ۾ نياز ڪلهوڙو،فياض کهڙو مقرر ٿين ٿا.جڏهن ته جهانگير اڪبر شيخ رانديگرن جي هر هڪ عمل ۾ خيال رکڻ توڙي سنڀال ۽ اشتياق شيخ مئچ دوران اسڪور لکڻ جي ذميواري سندس کي ڏني وڃي ٿي.سکر پهچڻ سان گهنٽا گهر ۾ ڊيف دوستن جي ڳولا ڪئي وڃي ٿي پر اهي پڻ لاهور جي تياري ۾ ايترا مصروف ٿي ويا جو انهن جوگهنٽا گهر پهچڻ ناممڪن بڻجي ويو.جنهن ڪري وري اهي سڀئي ڪرڪيٽر سکر ريلوي اسٽيشن تي ويٽنگ روم ۾ ويهن ٿا ڇاڪاڻ ته ٽرين جي اچڻ ۾ اڃا هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت باقي آهي.انهيءَ دوران سڀئي ڪرڪيٽر پنهنجي ڪرڪيٽ جي تياري جي حوالي سان پنهنجي اشارن جي زبان ۾ پنهنجون پنهنجون تجويزون رايا ڏيندا رهن ٿا.پوري 6 وڳي ترين اچي ٿي ۽ پوءِ سڀئي ڊيف ايسوسيئشن جا ميمبر ڪرڪيٽر پنهنجو پنهنجو سامان کڻن ٿا۽ جعفر ايڪسپريس ڪوئيٽا کان ايندڙ ٽرين ۾ سوار ٿيڻ لڳن ٿا.ٽرين پنهنجي هلندي رهي ٿي ۽روهڙي مان ستين وڳي رات جو ٽرين پنهنجي تيز رفتاري سان شروع ٿئي ٿي.ائين ئي پوءِ پنجاب جو شهر صادق آباد،رحيم يار خان،خانپور،ساهيوال ۽ ٻين شهرن مان ٽرين هلندي رهي ٿي. ريل گاڏيءَ ۾ شديد گرمي به آهي.اهڙي طرح ئي جعفر ايڪسپريس ٽرين پنهنجي منزل طئي ڪندي 31 مئي آچر جي ڏهاڙي صبح جو ستين وڳي لاهور پهچي ٿي.لاڙڪاڻو جي ڊيف ڪرڪيٽ رانديگرن کي ٽوريسٽ ان هوٽل ۾ رهائش جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٿي.جيڪو بهترين هوٽل آهي.جنهن ۾ فل اي سي پلانٽ ،بجلي جي 24 ڪلاڪ سروس مهيا ٿيل آهي.صبح سان سويراتي پهچڻ شرط ئي هوٽل جي ڪائونٽر تي ويٺل انچارج ابرار حسين ڄام (جيڪو سرائيڪي علائقي رحيم يار خان) جو رهواسي هيو.ڪرڪيٽرن کي نمبروائيز ڪمرن جون چاٻيون ڏئي ٿو ۽ چئي ٿو ته ڪنهن به شيءِ جي ضرورت هجي ته فلاڻي هوٽل جي نمبرن تي رنگ ڪندا.

سڀئي رانديگر سڀ کان پهريان آرام ڪرڻ لاءِ ريسٽ جي موڊ ۾ آرامي ٿين ٿا.پوءِ منجهند جي ماني کائڻ لاءِ ڀرسان واري هوٽل تي سڀئي اچي گڏ ٿين ٿا جتي ماني کائڻ دوران ئي لاڙڪاڻوڊيف ايسوسيئيشن جواڳواڻ پنهل خان سانگي پنهنجي دوستن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ  اسڪاپ ويڊيو ڪال ذريعي حال احوال وٺي ٿو ۽ سڀني سان ويڊيو ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو.ائين ئي رات جي ماني بعد وري ڪيترا ڪلاڪ ڪچهري بعد بسترن ۾ سهمڻ شرط ننڊ اچي وڃي ٿي.صبح جو سوير اٿڻ شرط ڪرڪيٽر پنهنجي ٽورنامينٽ جي تياري ۾ لڳي وڃن ٿا.12 وڳي منجهند جو ڪوچ اچي ٿي جنهن ۾ سڀئي ڊيف ڪرڪيٽر سوار ٿين ٿا.لاهور جي مشهور ريس ڪورس ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾جڏهن لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جا ڪرڪيٽرانهيءَ گرائونڊ ۾ پهچن ٿا ته اهي انهي گرائونڊ کي ڏسي بي خود چوڻ لڳن ٿا ته هي پاڪستان جو شهر لاهور آهي يا سيئزرلينڊ،پئرس جو ڪو ڪرڪيٽ گرائونڊ آهي ايڏو وڏو وسيع گرائونڊ ڇا ته گرينري آهي هر طرف باغ باغيچا وڻ ٽڻ ٻوٽا لڳل آهن ڇا سنڌ ۾ ڪٿي به ڪهڙي به شهر ۾ اهڙو بهترين ڪرڪيٽ گرائونڊ ٿي سگهي ٿو ؟حسرتن سان اهي سنڌ جا ڪرڪيٽرلاڙڪاڻو ۽ پنجاب جي اوڪاڙا شهر جي ٽيمن وچ ۾ راند جي لاءِ اهي رانديگر تياريءَ ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا.ان کان اڳ اتي انهي گرائونڊ تي ئي ملتان ۽ بهاول نگر جي راند هلي رهي هئي.ائين ئي راندين جو سلسلو هلندو رهي ٿو۽ هڪ مشهورسنڌي اخبار ۽ سنڌي ٽي وي چئنل جا اسپورٽس رپورٽر اشفاق مغل ۽ ٻيا اخباري نمائندا ايندا رهن ٿا جيڪي ملڪ گير ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ڪوريج ڪندا رهن ٿا۽ اتي ئي وري پاڪستان ڊيف ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو صدر محترم عبدالسلام ۽پاڪستان ڊيف ايسو سيئيشن سنڌ صوبي جا صدر محترم احمد علي وساڻ پڻ پنهنجن ساٿين دوستن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا ۽ دوستن کان حال احوال ورتو وڃي ٿو. .ٻئي ڏينهن به ساڳيو ئي معمول رهي ٿو.انهيءَ ڏينهن 2 جون پندرهن شعبان المعظم جي رات شب برات عيد جو وڏو ۽ مبارڪ ڏهاڙو آهي.سڀئي ڊيف رانديگر نوان صاف سٿرا ڪپڙا پائي جلدي جلدي عالم اسلام جي عظيم روحاني اسلامي تصوف جي عظيم پيشوا حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رحمت الله عليه جي دربار ۾ حاضريءَ جي سعادت لاءِ مزار پر انوار ۾ پهچن ٿا.جتي رات جو ڳچ حصو گذاري ٻين جيان عبادت ڪن ٿا ۽ عظيم الشان محفل نعت ۾ ڀرپور حصو ورتو وڃي ٿو. داتا جي نگري ۾ توڙي جو رات آهي پر محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته ڄڻ اتي روشن ڏينهن آهي هر طرف عبادت ۾ مشغول لکن جي تعداد ۾ عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم قرآن پاڪ جي تلاوت،درود سلام الصلوات والسلام عليڪ  يا رسول الله پڙهي رهيا هئا.لکين نوجوانن جي شب رات جي روح پرور منظر کي ڏسي هر اک اشڪبار هئي.ائين ئي برڪتن واري رات سو به داتا جي نگري ۾ نصيب ٿئي ان کان وڌيڪ ڪهڙي خوش نصيبي چئي سگهجي ٿي.ڊيف ڪرڪيٽ ايسوسيئشن جي ڪرڪيٽرن جي رهائش جي حوالي سان ڪافي سهولت هئي.پر سنڌ جي ڊيف رانديگرن کي هڪڙي ڪمي بار بار۽ هر جاءِ هر پلي گرائونڊ تي محسوس ٿئي پئي ته ڪڏهن سنڌ حڪومت به ننڊ مان بيدار ٿيندي ۽ راندين اسپورٽس جي کاتي کي واقعي ئي متحرڪ ۽ منظم ڪندي ۽ اسانجي لاڙڪاڻي شهر،سکر،خير پور،نوابشاهه،قمبر شهدادڪوٽ،عطار آباد، جيڪب آباد۽ ٻين شهرن جي اسپورٽس جي رانديگرن کي پنهنجي اسپورٽس جي سموري سامان،سهولتن،رانديگرن جي ٽورنامينٽ دوران راند کيڏندي زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ ايتري قدر جو پٽيءَ لاءِ اسپرٽ،سيڪٽرين پائوندر سميت ڪا به سهولت نه هجڻ ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي.

سنڌ جي نوجوانن ڊيف لاءِ ڪو به اسپورٽس جو سامان حڪومت سنڌ طرفان نه هجڻ سنڌ جي رانديگرن سان ظلم برابر عمل  آهي.مضبوط ۽ سخت بال کيڏڻ دوران ڪيترا رانديگر زخمي ٿي وڃن ٿا پر اهي پنهنجي راندين جي عشق ۾ مگن ۽ مست بڻيل ڊيف اسپورٽس ينگ سنڌ جي نالي روشن ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهن ٿا.انهن جي ٽيمن ۾ بهترين ٽئلنٽ موجود آهي.جيڪڏهن ملڪي سطح جي ٽورنامينٽ دوران ائين ڪيو وڃي ته سڀني صوبن وچ ۾ جيئن سنڌ،ڪي پي ڪي،پنجاب،بلوچستان،گلگت بلتستان صوبن جي هر هڪ شهرن جي ڪپتانن جي وچ ۾  به مقابلا ڪرايا وڃن ته پوءِ تمام گهڻو ۽ وڏو ٽئلنٽ اڃا ظاهر ٿيندو.جيئن ته هاڻي سنڌ جي اسپيشل رانديگرن کي ڪا به حڪومت سنڌ پاران سهولت ميسر ناهي هو پنهنجي مدد پاڻ تحت اسپورٽس جو سمورو سامان وٺن ٿا انهن لاءِ ڪا به ٻئي سهولت ته ٺهيو پرڪنهن به شهر ۾ ڪٿي اسپورٽس گرائونڊ به ناهي مقرر ڪيو ويو.اهي ائين ئي مڙيئي سڙيئي هيڏانهن هوڏانهن کيڏي به پي سي بي ۽ ملڪي سطح جي مقابلن ۾ پهچن ٿا.وري به شاباس آهي ڊيف ايسوسيئشن جي صوبائي صدر احمد علي وساڻ ۽ مرڪزي صدر عبدالسلام جن کي جن جي ڪوششن سان اهي سموري ملڪ جا سوين ڊيف رانديگر گڏ ٿي لاهور ۾ پنهنجا جوهر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي معاشري جا هيءُ اهم فرد اسان جي محبتن جا بکيا جڏهن پنجاب جي لاهور شهر ۾ پهچن ٿا ته انهن جي خوشيءَ جي انتها نٿي رهي.ڇاڪاڻ ته انهن کي هڪ ئي وقت ٻه فائدا ٿين ٿا انهن ۾ هڪ هيءُ ته اهي سڀ هڪ ٻئي جي ويجهو اچن ٿا اهي هڪ ٻئي جي سورن، ڏکن ۽ موجوده حالتن مطابق اڳتي وڌڻ جي انهن ۾ جستجو پيدا ٿيڻ لڳي ٿي.ٻيو ته انهن کي پنهنجي صوبي ۽ ملڪ جي نمائندگي ڪندي فخر محسوس ٿيڻ لڳي ٿو.هنن گونگن ٻوڙن ۾ سٺا ڪمپيوٽرز جا ماهر،بهترين ٽيلر ماسٽرس،سٺا پينٽرز ۽ ٻين صلاحيتن جا ماهر  پڻ آهن.اهي نوجوان پڙهيا لکيا تعليم يافته هئڻ سان گڏوگڏ صفائي پسند پڻ آهن.انهن ۾ ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ وڏو گناهه قرار ڏنل آهي اهي پنڻ کي سخت گناهه سمجهن ٿا.اهي پنهنجي محنت مزدوري ڪري رزق حلال لاءِ معاشري ۾ زندهه رهڻ لاءِ مختلف ڪم ڪار به ڪندا رهن ٿا.اهي ڪي پينو فقير ناهن پر انهن وٽ اهڙو تصور ڪرڻ به ڪبيره گناهه سمجهيو ويندو آهي. انهن ۾ ڪي مشهور شخصيتن جي اولاد،ڪي وڏن آفيسرن جا پٽ پڻ آهن.

ڪيترائي اهڙا نالا به آهن جيڪي ڪيترا دفعا حج ۽ عمرو شريف جي سعادت حاصل ڪري چڪا آهن ۽ مڪي پاڪ ۽ مديني شريف جي مقدس سرزمين پڻ ڏسي چڪا آهن.اهڙي طرح ئي لاڙڪاڻوجاخليل عباسي،نيازڪلهوڙو،فياض کهڙو،سکرجوشوڪت تنيو،خير پور جو شمس الدين شاهه راشدي،قمبر لعلورائنڪ جو رفيق مغيري ٻيا ڊيف اڳواڻ پنهنجن شهرن ڏانهن واپسي جي لاءِ لاهور جي ريلوي اسٽيشن تي پهچن ٿا ته انهن کي جواب ملي ٿو ته سنڌ جي طرف ڪنهن به گاڏيءَ ۾ هڪ به سيٽ ناهي ڇاڪاڻ ته حضرت عثمان مروندي المعروف قلندر لال شهباز رحمت الله عليه جو ساليانو 763هون عرس مبارڪ آهي.جنهن کانپوءِرانديگرن ۾ شديد پريشاني ڇائنجي وڃي ٿي ته هاڻي ڇا ڪجي؟ پوءِ سڀئي ڪرڪيٽرز پنهنجو سامان کڻي نيازي ايڪسپريس بس اسٽينڊ تي پهچن ٿا.جتان المدينه ڪوچ سکر لاءِ ڪافي ڪوششن کان بعد ملي ڀٿي ۽ ائين ئي پوءِ سڀئي دعائون گهرندي ڪوچ ۾ سوار ٿين ٿا.انهيءَ دوران ئي ڪيترا نوجوان وري لاهور جي خوبصورت ۽ وڻندڙ موسم کي شدت سان ياد ڪن ٿا.سنڌ جي صوبائي وزيرن ۽ حڪومت سنڌ کي گهرجي ته اي به ڊيف نوجوانن جي لاءِ ائين ئي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائين جنهن ۾ اربين يا ڪروڙين رپيا نه لڳندا پر اها ڊيف ڪرڪيٽرن جي ٽورنامينٽ لاڙڪاڻي جي مختلف گرائونڊن ۾ ڪرائي وڃي ته ڪجهه لک رپين ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ حڪومت انهن ڊيف اسپيشل گونگن ٻوڙن جي ٽئلنٽ جو قدر ڪري انهن جي ٽئلنٽ کي ضايع نه ڪيو وڃي.انهن هاڻي به سڄي ملڪ جي 32 شهرن جي ٽيمن ۾ پنهنجي شهر لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي.شهيد بينظير ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻو جي ٽئلنٽ سان ڀرپور ڊيف نوجوانن پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي شهر نوابشاهه جي رانديگرن کي زبردست شڪست ڏني ۽ لاڙڪاڻوجي ڊيف رانديگرن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري جنهن تي لاهور جي ٽورنامينٽ ڪرائيندڙن  لاڙڪاڻو کي مين آف دي مئچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.لاڙڪاڻو جي ڊيف رانديگرن جو حڪومت سنڌ کان مطالبو آهي ته انهن جي ٽئلنٽ مان فائدو وٺڻ لاءِ جلد لاڙڪاڻو شهر ۾ هڪ سنڌ جي سطح تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وڃي.جنهن ۾ لاڙڪاڻو شهر ميزبان ٿئي ۽ سنڌ جي سمورن شهرن ڪراچي،حيدرآباد،سکر،نوابشاهه،ميرپورخاص،جيڪب آباد،دادو،گهوٽڪي،قمبر شهداد ڪوٽ ۽ ٻين شهرن جي ڊيف رانديگرن کي ڪرڪيٽ ۾ کيڏڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.جيئن اهي کلي ڪري پنهنجن شهرن ۾ ڪرڪيٽ جي راند ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري سگهن ۽ پاڻ ملهائي سگهن.انهن جي صلاحيتن مان فائدو وٺڻ کپي جيڪڏهن اهي دنيا جي ڪنهن ٻئي سڌريل ملڪن ۾ هجن ها ته انهن جي تمام گهڻي ملڪي سطح تي پذيرائي ٿئي ها.پر پاڻ وٽ انهن ذهين ۽ محنتي ٽئلنٽ سان مالا مال ڊيف ڪرڪيٽرن جو ڪو به قدر ناهي.هاڻي به وقت ناهي ويو سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي جو نالو ڪرڪيٽ جي راند ۾ ڪرائيڻ چاهي ٿي ته پوءِ انهن جي جلد سنڌ جي ڪهڙي به نه ته لاڙڪاڻو شهر ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وڃي.انهي لاهور ۾ منعقد ٿيندڙ ملڪ گير ٽورنامينٽ ۾ سڀئي زبانون ڳالهائيندڙسنڌي به آهن ته بلوچ به آهن اتي سرائيڪي به آهن ته وري پشتون ۽ پنجابي به آهن انهن ۾ روايتي طور تي جيڪي ڪرڪيٽ جي حوالي سان مقابلا ٿيندا رهن ٿا اهي ٿي رهيا آهن پر ڊيف گونگن ٻوڙن نوجوانن ۾ هڪ ولولو، جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي اهي پنهنجي ڪرڪيٽ جي مستقبل ۾ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو رکن ٿا انهي آڌار تي اهي اڳتي وڌي رهيا آهن. انهن جو پاڻ ۾ وڏو قرب ، نياز، نوڙت ۽ عاجزي به ڏسڻ وٽان هوندي آهي.اهي انتهائي حساس طبعيتن جا مالڪ ٿين ٿا.انهن سان جيڪو ٿورو به سٺو سلوڪ ڪري ٿو انهي کي اهي هميشه ياد ڪندا رهن ٿا پر جيڪڏهن انهن سان ڪنهن به ڦٽائي ته انهن جي خلاف اهي نفرت رکن ٿا انهن جي محبت هميشه سڀ لاءِ آهي پر اهي هميشه کلندا ۽ مرڪندا رهن ٿا.انهن جو روئڻ جو انداز به هڪ انوکو آهي پر اهي گهڻو ڪري روئيندا ناهن.ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ڪي خواب ۽ گهڻيون خواهشون موجود ناهن هونديون آهن.اهي پنهنجي سفر پنهنجي منزل جي تعين ڪرڻ ۾ گهڻا پريشان نه هوندا آهن.جئين عام ماڻهو وڏين پريشانين سبب مسئلن کي منهن ڏيندا رهن ٿا.لاهور مان سڀئي ڊيف ڪرڪيٽر پنهنجن پنهنجن شهرن جي واپسي جي تياري ۾ لڳي وڃن ٿا ۽ اهڙي طرح اهي سنڌ جي شهرن ۾ داخل ٿين ٿا ته اتي رڳو سياسي جهنڊن ۽ پينافليڪس جي وڏن وڏن فوٽن تصويرن ۾ ڪافي ڊگهن پٽڪن وڏين سلوارين ۾ بيٺل سياسي ماڻهو نظر اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ سنڌ جي اندر اهي ئي ڀڳل ٽٽل روڊ رستا سامهون ڏسندي هر هڪ سنڌ واسي پنهنجي انهيءَ قسمت تي افسوس به ڪري رهيا هئا ته ڏک به پر ڇا ڪجي ؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *