لاڙڪاڻي جو اتاترڪ ٽاور ۽ ميساريل قول  …: مسرورسيال

لاڙڪاڻي اتنظاميه تي حيرت  آهي پر ان کان وڌيڪ افسوس ته سنڌ حڪومت کان وٺي ضلعي چئيرمين ۽ مئير لاڙڪاڻو تي آهي جن جي نظر ايڏي وڏي ٽارو تي نه پئي آهي پر جي پئي به هوندي ته ٽاور تي چڙهيل سياسي جھنڊن ۽ پينافليڪس بينر سميت ، اشتهارن تي ضرور پئي هوندي جن ۾ اڪثر بينر هن وقت سندن پارٽي جا لڳل هوندا آهن هي ٽاور باقراڻي روڊ تي آهي جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نشاني آهي جنهن کي اتاترڪ ٽاور چيو ويندو آهي جيڪڏهن ٿورو غور ڪجي ته جنهن جاءِ تي سياسي . مذهبي ڌرين جا اشتهار لڳل هوندا آهن ان جاءِ تي اڳ سنهري اکرن سان قائدِ آعظم محمد علي جناح ۽ قائدِ عوام ذوالفقار علي ڀٽوشهيد  جا قول لکيل هوندا هئا ، جيڪي آمريت جي دور ۾ به لکيل هوندا هئا اُهي اڄ ڪالھه قول نظر نٿا  اچن  پر نظر اچن ٿا  اشتهار نظر اچن ٿا  ائين محسوس ٿي رهيو آهي جئين هاڻ  سياسي ۽ مذهبي ڌرين جا نوٽس  بورڊ ٺهيل هجن ، باقراڻي روڊ جيڪو اصل ۾ موهين جو دڙو روڊ آهي  هي روڊ سڌو موهين جو دڙو وڃي ٿو جتي ائيرپورٽ به آهي هن روڊ سان اڪثر وي آءِ پيز ايندا ويندا رهندا آهن انهن وي آءِ پيز ۾ وزير صاحبان به هوندا آهن جيڪي هن روڊ سان اچن وڃن ٿا ۽ کين اتاترڪ کي سامهون نه رڳو ڏسڻ جو موقعو ملندو رهندو آهي پر ان جي ڀرسان گذرڻو به پوندو آهي ان ڪري ته ٽاور چوراهي تي بڻيل آهي جنهن کي گول چڪر به ڏيڻو پوي ٿو ان باوجود به هن ٽاور تي سندن  نظر ڇو نٿي پوي ۽ کين شهيد قائد جي نشاني تي لکيل انهن سنهري اکرن وارن قولن تي نظر ڇو نٿي پوي شايد ان ڪري ته هاڻ اُهي مٽچي چڪا آهن ۽ اُها جاءِ سياسي ۽ مذهبي پارٽين جو نوٽيس بورڊ بڻجي چڪي آهي جتي اڪثر انهن وزيرن جا وڏا خوش آمديد وار سندن وڏين تصويرن وارا بينر لڳل  هوندا آهن هي مسئلو ڪنهن کي ڀل ته ننڍو لڳندو هجي پر اصل ۾ وڏو مسئلو آهي ان ڪري ته هي ٽاور ۽ مينار هڪ تاريخ آهن ۽ تاريخ سان هٿ چراند ڪو ننڍو مسئلو نه هندو آهي اصل ۾ ٽاور جو هجڻ ڪافي ناهي پر ان جو مقصد هجڻ ضروري هوندو آهي هڪ ته هي ٽاور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان دور جي ترڪ صدرڪمال اتا ترڪ سان دوستي جي علامت طور يادگار طور جوڙايو هو ٻيو ته هن ٽاور وسيلي ملڪ جي باني ۽ جمهوريت جي باني جا قول تحرير ٿيل هئا جنهن کي عوام پڙهندو هو ۽ عوام رڳو ان دور جو نه پر هر دور جي نسل کي پڙهڻ گھرجي سو اسين ته ڏسون پيا ته اسان کان بعد واري نسل شايد اُهي قول پڙهيا هجن ۽ کين اِها به ڪا خبر هجي ته جتي سياسي پارٽين ۽ مذهبي پارٽين جا بينر ۽ اشتهار لڳل هجن  ٿا اتي ڪي قول به لکيل هوندا هئا شايد هاڻ هُو اِهو سمجھندا هجن ته هي جاءِ بينرن لڳائڻ ۽ اشتهار لڳائڻ لاءِ بڻائي وئي آهي ،

هن ٽاور سان جيالن جي ان ڪري به محبت آهي ته هي شهيد ڀٽي جي نشاني آهي پر ڏسجي ته سندن محبت جي دعويٰ ڪمزور نظر اچي رهي آهي ان ڪري ته  کين ٽاور سان محبت کان وڌيڪ قائدِ عوام شهيد جي قولن سان هئڻ گھرجي ها ….! ٿي سگھي ٿو کين قولن سان به محبت هجي پر اُهي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ کين ڪا ڳري رقم گھربل هجي يا ان جو به کين ڪو وڏو ٽينڊر ڏيڻو هجي ۽ هن ڪم کي به ٺيڪي تي ڏيڻو هجي ان ٺيڪي لاءِ کين وڏي وزيرکان منظوري وٺڻي هجي ۽ ان منظوري لاءِ هڪ وڏي پراسيس مان گذرڻو پوي تنهن ڪري ايڏي وڏي خفي کان بچڻ لاءِ  سولو ڪم ڪرڻ کي اهميت ڏني وئي هجي مطلب ته ٽاور جي قولن وارين جاءِ تي اشتهار ۽ بينر لڳايا پيا وڃن ته جئين ايندڙ وقتن ۾ ٽاور جي اهميت گھٽجي وڃي ….. جي ائين ناهي ته پوءِ گذريل 9 سالن کان سنڌ تي  پ پ پ حڪومت ڪري رهي ۽ هن ننڍڙي نما هڪ وڏي مسئلي کي حل ڇونٿو ڪيو وڃي بلڪل ائين جئين هڪ جيالي چوڻ موجب ته نئوديرو هائوس ۾ جڏهن مڪاني چوندن کانپوءِ ٽائون چئيرمين شپ لاءِ انٽريو بورڊ اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ وياسين ته اتفاق سان  ان هال ۾ ويڍاسين جنهن هال ۾ اسين اڳ ايم آر ڊي تحريڪ توڙي شهيد راڻي جي وقت ۾  گڏجاڻيون ڪندا هئاسين اتي مادرِ جمهوريت ۽ قوم جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو جي هڪ وڏي تصوير لڳل هوندي هئي  مون غور سان ڏٺو ۽ چارئي طرف جاچ ڪئي ته اُها تصوير مون کي نظر نه آئي پر ڪنڊائتي هڪ ننڍڙي تصوير نظر آئي شو پيز طور ننڍي ٽيبل تي رکيل هئي  جنهن تي  به مٽي چڙهيل هئي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو جڏهن اسان کي انٽريو لاءِ گھرايو ويو ته آءٌ آغا سراج دراني ۽ نثار کهڙو سميت اتي موجود ڪاميٽي ميمبرن کي آگاهي ڏني ۽ چيو ته ڀل اوهان مون کي چئيرمين نه بڻايو پر قوم جي امڙ جي تصوير واري جاءِ تي تصوير لڳرايو جئين اڳ لڳل هوندي  هئي سو هاڻ جيالن کي اسان کي  ۽ پرانن ورڪرن کي ئي ياد ڏيارڻو پوندو ته هي جايون شهيدن جون نشانيون آهن ۽ هنن جي وڏي اهميت آهي ، خير اسين اِهو ڪم به ڪرڻ تيار آهيون پر اسان کي ٻڌو  ۽ سمجھيو ته وڃي انهن تاريخي نشاندهين ڏانهن توجھه ته ڏني وڃي خبر ناهي مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي تصوير نئين ديري هائوس جي ان هال ۾ لڳائي به وئي آهي يا نه …… ۽ وري اِهو به ڏسجي ته مون جيڪا يادگري ڏياري آهي ان کي نطر ۾ رکندي  شهيد ڀٽي جي نشاني اتاترڪ ٽاور کي بينرن ۽ اشتهارن کان صاف ڪري  قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ملڪ جي باني قائدِ آعظم محمد علي جناح  جا قول تحرير ڪرايا وڃن ٿا يا نه ..

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *