پشاور سانحي کان پوءِ متحد ٿيل سياسي تنظيمن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. وزيرستان جي آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي جي دعويدار وفاقي حڪومت جون ڪجھ حقيقتون پشاور سانحي بيان ڪيون، جنھن تي سڄو ملڪ سوڳ ۾ وٺجي ويو ۽ سڀني سياسي تنظيمن ھڪ ٿي ملڪ بچائڻ جي حڪمت عمليءَ جا نعرا ھنيا پر شايد سڀ کان وڌيڪ غم ۽ ڏک تحريڪ جي رھنما عمران خان کي ٿيو، جنھن ملڪ جي تمام وڏي دھشتگردي جي واقعي کي نظر انداز ڪندي، شاديءَ جھڙي خوشي ملھائي ته ٻئي پاسي حڪومت عوام جو ڌيان پيٽرول جي قلت ڏانھن ڪري ڇڏيو. اڃا آرمي پبلڪ اسڪول جي واقعي جي انتقامي ڪارروائي ٻين لفظن ۾ فوجي عدالتن ذريعي پاسي ڏيڻ جو عمل شروع ئي ٿيو ھو ته ڪراچي جي ھڪ سياسي تنظيم جي ڪارڪن کي قتل ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ وزيراعظم ڪراچي اچي لٿو. شايد 60 معصوم شھيدن جو رت ايترو ڇڊو ھو جو وزيراعظم صاحب جي ڪَنَ تي جونءَ به ڪونه چري، تڏھن ته سائين جن شڪارپور نه ويا. ڪجھ وقت اڳ ھزاره برادري جي ماڻھن روڊ بلاڪ ڪيا هئا، شھيدن جا لاشا روڊن تي رکي احتجاج ڪيا پر اُنهن کي سواءِ آسرن جي ڪجھ به نه مليو.
اڃا پشاور سانحي جو غم ماڻھن جي دلين تان وسريو ئي نه ھيو ته 30 جنوري 2015 جمعي جي ڏينھن شڪارپور جي لکيدر امام بارگاھ ۾ جمعي نماز بعد مولوي مصائب پڙھي رھيو ھو ته ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي سان ھر طرف رت ۽ انساني جسم جا عضوا نظر اچي رھيا ھئا. ڪربلا موليٰ جو اهو سانحو شڪارپور جي تاريخ ۾ دھشتگردي جو سڀ کان ڀيانڪ ۽ دل ڏکائيندڙ سانحو آھي. شڪارپور جي ننڍڙي شھر ۾ ماضيءَ ۾ فرقيواراڻي دھشتگردي جا ڪيترائي واقعا ٿيا آھن، جن ۾ مئي 2013 ع ۾ ھتي ھڪ شيعا اڳواڻ جي قافلي تي آپگھاتي حملو ٿيو ھو، اُن کان اڳ ۾ 2013ع دوران جنوري ۾ شڪارپور کان ڏھ ڪلوميٽر پري واقع درگاھ غازي شاھ ۾ بم ڌماڪي ۾ گادي نشين سميت 4 ماڻھو شھيد ٿي ويا ھئا. سال 2010ع ۾ به شڪارپور ۾ محرم الحرام جي موقعي تي ھڪ مجلس تي حملي جي ڪوشش دوران ھڪ خودڪش بمبار مارجي ويو. اھڙا ڪيترائي سانحا ٿي چڪا آھن پر 30 جنوري وارو سانحو سڀ کان وڏو ڌڪ آھي. اھڙن واقعن سبب اتي ڪنھن به قسم جا وڏا فنڪشن منعقد نه ٿا ڪيا وڃن. انهيءَ سانحي دوران اِها انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه هُئي جو اُتي ايمبولينسز جو ڪو بندوبست نه هو، ٻيو ته آڪسيجن نه ھجڻ سبب ان سانحي جا متاثر زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويا.آخر خفيا ادارا ۽ پوليس ڪٿي آھي؟ ڇا حڪومت ھر شھر ۾ ڌماڪي جي انتظار ۾ آھي ته ان کان پوءِ صرف انھيءَ شھر جي سيڪيورٽي وڌائي باقي شھرن کي نڌڻڪو ڇڏيو وڃي. حيرت جي ڳالھ اھا آھي ته مسيحا صفت انسان ايڌي، ڇيپا ۽ ٻيا سماجي اڳواڻ اھڙي دردناڪ واقعي تي خاموش آھن ۽ انھي کان وڌيڪ حيرت جي ڳالھ اھا آھي ته انھن جون سروسون ڪراچي حيدرآباد تائين محدود آھن. ڇا سنڌ جي ٻين شھرن جو ڪو والي وارث نه آھي؟ ڇو حڪومت جي طرفان کوليل اسپتالن ۾ سھولتون نه ھئڻ برابر آھن؟ جيڪڏھن شڪاپور جي شھر کي ڏٺو وڃي ته ھر گھٽي سوڙھي آھي، ڇا اھا چونڊيل اميدوارن کي خبر نه ھئي، جن ايمرجنسي لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا.
وزيراعليٰ شھيدن جي وارثن کي 20_20 لک ۽ زخمين کي 2_2 لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر ڇا سوڳ، ھڙتال ۽ معاوضي سان انھن جا وارث واپس ايندا، انھن جو غم سڄي حياتي ڀرجي سگهندو؟ شايد ڪڏھن به نه! انھن جي ڏک جي اڳيان 20 لک ڪهڙي اھميت رکن ٿا!
آخر اسان ڪنھن جي انتظار ۾ آھيون؟ ڇا ڪو ٻڌائيندو ته اسان ڪڏھن متحد ٿينداسين؟ اھي ڪير آھن؟ ڇا اھي دھشتگرد انسان سڏائڻ جي لائق آھن؟ جيڪو پنھنجن ئي مسلمان ڀائرن جو رت وھائن ٿا، اھو به خدا جي گھر، خدا جي عبادت دوران. قدرت هڪ ڏينهن ضرور اُنهن کان پُڇاڻو ڪندي، پر سرڪار کي به پنهنجي ڪوتاهين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.