لاهور واقعو ،خدڪشي حملي جي پيرا ڪيڏانهن ويا..؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي ڪيترن علائقن ۾ ڏينهون ڏينهن وڏي تيزي سان خدڪش حملن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان هن افسوسناڪ ۽ تباه ڪُن لهر جو رُخ موڙي سگهندو؟ حالت ايتري تيزي سان خراب ٿي رهيا آهن. جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته پاڪستاني سرڪار هن لهر کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. سمورو پختون علائقو، جنهن ۾ اُتر ڏکڻي سرحدي صوبو ۽ قبائلي علائقا شامل آهن ۽ اُتر بلوچستان جو پختون قبضي وارا علائقا، طالبان جي اثر هيٺ آهن، ايستائين جو پنجاب ۽ سنڌ ۾ به خدڪش بمبار پيدا ٿي رهيا آهن .جنهن جي ڪري پوري ملڪ جو امن هڪ سواليه نشان بڻيل آهي.جڏهن ته انهي دهشتگردي جي حوالي سان ملڪ جي فوج تي هڪ نظر وجهجي ته انهي فوج به وسان ناهي گهٽايو.ڇو ٿه پاڪستان آرمي انهن دهشتگردن جي خلاف جيتري ويڙهه ڪئي آهي.۽انهي ويڙه اندر پنهنجي قوم جي بقا لاءِ. پنهنجا ڪيترائي نواجوان شهيد ڪرايا آهن. اها به سڀني کي خبر آهي.۽ اڃان به پاڪ فوج جا جوان انهي دهشتگردن سان وري رهيا آهن.پر ڪالهه جيڪو لاهور آدمشماري واري وين تي خدڪش حملو ٿيو جنهن ۾ فوجي جوانن سان گڏ آدمشماري وارو عملو موجود هو جنهن ۾ چار فوجي نوجوان شهيد ٿي ويا آهن،۽ آدمشماري واري ٽيم جا پڻ 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن ۽ 17 ڄڻا زخمي آهن جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي،لاهور اندر خد ڪش حملو ٿيو.ان کي ڏسي ڪري مونکي جرنل راحيل شريف جو اهو بيان ياد اچي ويو.جيڪو جنرل راحيل شريف پنهنجي عهدي تان استيفيٰ کان پهرين ميڊيا تي ڏنو هو.ته ان ۾ جنرل راحيل شريف ويندي ويندي هڪ بهترين ڳالهه ڪئي ته ان وقت تائين فوج ڪجه نه ٿي ڪري جيستائين پاڪستاني عوام اسان سان ملي ڪري انهي دهشتگردن خلاف انهي جنگ ۾ فوج جو ساٿ نه ٿي ڏئي.انهي ڪري مان جرنل راحيل شريف جي انهي ڳالهه مان سورهن آنا مطعمين آهيان.ڇو ته فوج ته ٻاهرين سطح تي دهشتگردن سان وڙهي رهي آهي.جڏهن ته ملڪ جي اندروني علائقي سطح تي هڪ نظر وجهجي ته هر ماڻهو انهي ڳالهه ۾ فوج سان تعاون ۾ رهي ته پنهنجي علائقي اندر ڪنهن مشڪوڪ ماڻهو کي ڏسي يا کيس اهڙي اطلاع هجي ته ڪو ڪنهن لاءِ وڏي سازش ڪري رهيو آهي.ته انهي جو هڪ دم سڪيورٽي عملي کي اعلاع ڏي جئين ڪنهن وڏي واقعي کي روڪي سگهجي.

پر ڏنو وڃي ته پاڪستان اندر انهي ڳالهه جو شعور پاڪستان جي عوام ۾ ذري جيتري جو به ناهي.جڏهن اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي.جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ اندر خدڪش حملن تي ويهي لکجي ته شايد ڪيترا پنا ڀرجي وڃن.پر خدڪش حملن جي واقعن جي تاريخ نه کٽندي.لاهور اندر ٿيل خد ڪش حملو جنهن اندر شهيد ٿيلن جو انگ  10 ٻڌايو پيو وڃي.جڏهن ته 17کان وڌيڪ زخمي آهن.جن زخمين مان به ڪيترن  جي حالت ڳتڻي جوڳي ٻڌائي پئي وئي.عيد لاهور ۾ بيديان روڊ جي آدمشماري لاءِ پاڪ آرمي ۽ آدمشماري جي ٽيم کي خدڪش حملي جو نشانو بڻايو ۽ هي خدڪش حملو ان وقت ٿيو جڏهن پوري ملڪ اندر آدمشماري ڪرائي پئي وڃي انڪري هن حملي مان صاف ظاهر آهي ته اهو حملو آدمشماري کي روڪڻ جي هڪ سازش آهي جڏهن ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ بارود خطرناڪ استعمال ڪيو ويو هو جڏهن ته ڪالهه خد راڻا ثناالله چيو هو ته پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشگردي جي منصوبا بندي افغانستان جي علائقي ڪنٽر مان ڪئي وڃي ٿي،.جڏهن لاهور واقعي جي زميواري اڃان ڪنهن به دهشتگرد تنظيم قبول ناهي ڪئي.مان سمجهان ٿو ته هن وقت پاڪستان اندر جيڪا دهشگردي واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي .انهي ڪري مان سجهان ٿو ته هي اهي عناصر آهن.جيڪي پاڪستان اندر هڪ وڏي فرقيواريت جنگ ڪرائڻ ٿا چاهين.جڏهن ته پاڪستان جيڪو اڳ ئي انتهاپسندي جي گهيري ۾ آهي.ڇو ته ڏٺو وڃي ته پاڪستان اندر فرقيواريت ايتري حد تائين وڌي وئي آهي جو هر ڪو مخالف جماعت جا پير ڪڍڻ ۾ پورو آهي.مان سجهان ٿو ته اهو اسلام ته درس ناهي ڏنو ته اوهان ڪنهن بي گناه کي ويهي ماريو.انهن جو رت وهايو.انهن جي ٻچن کي يتيم ڪيو.جڏهن ته لاهور ۾ بيديان روڊ روڊ ڪو پهريون واقعو ناهي انکان پهرين به لاهور اندر مال روڊ خدڪش حملو ٿيو ان حملي جي زميواري به لشڪر جهنگوي وارن ئي قبولي هئي. سنڌ صوبي توڙي ملڪ جي چئني صوبن اندر نه رڳو دهشتگرد آهن پر ان کان وڌيڪ ڀارتي ايجنسي “را“جا ماڻهو به موجود آهن  جيڪي ملڪ اندر دهشتگردي ڪري رهيا آهن.انهي ڪري شايد پوري قوم انهي ڳالهه تي سوچيندي هوندي ته “را“جي پاڪستان اندر دهشتگردي ۽ انهن دهشتگردي جي واقعن ۾ شامل هجڻ جو ريگٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي ٻڌي رهيا آهيون.پر اڄ تائين انهي “را“خلاف ڪا ڪاروائي ڇو ڪون ڪئي وئي آهي.

لاهور اندر هي خدڪش حملو ٿيو.جنهن جي نتيجي ۾ چار پاڪ فوج جي نوجوان ۾ 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا.جيڪڏهن ڏسجي ته اهو سڀ ڪجهه پاڪستان جي امن امان جي بگاڙ جي زميوار صرف ۽ صرف ڀارتي ايجنسي “را“آهي اڄ به پاڪستاني قوم پنهنجي پيارن جا لاش ميڙي رهي آهي.مان ڪالهه کان وٺي مختلف انڊيا جا نيوز چيئلن ڏسي رهيو آهيان ته انهن نيوز چيئلن تي پاڪستان اندر ٿيل خدڪش حملي کي ڪهڙي شڪل ڏئي پيش ڪيو ٿو وڃي.پر مون انڊيا جي ڪنهن به چيئلن تي اها نيوز نه ٻڌي ته پاڪستان ۾ ڪو قهر ڪڙڪيو آهي.سواءِ هڪ ٻه چيلئن جي.جيڪي پڻ اهو ٻڌائي رهيا هئا ته.پاڪستان اندر خدڪش حملي جا ڪارڻ پاڪستان اندر وڌندڙ فرقيواريت آهي.جڏهن ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ انڊيا تي هڪ نظر وجهي ته پاڪستان کان وڌيڪ انڊيا ۾ تمام گهڻي فرقيواريت آهي.ڇو ته انڊيا اندر ڪيترن ئي قسمن جا هندو رهن ٿا.جن جا پاڻ ۾ تمام گهڻا اختلاف آهن.پر اڄ تائين انهن هندن پيٽن تي بم ٻڌي ڪري پنهنجي جا لاش نه ڪرايا.جڏهن ته انهي ڀيٽ اندر پاڪستان ۾ اهو مهينو کالي ناهي جنهن اندر ڪو خدڪش حملو نه ٿيو هجي.هن وقت تائين پاڪستان انهي وڌندڙ خدڪش حملن جي ڪري پنهنجي قوم جو تمام گهڻو نقصان ڪري چڪو آهي.جڏهن ته ڪالهه ٿيل لاهور واقعو به نه پهريون واقعو آهي نه آخري ڇو ته ملڪ اندر اڃان به اهي دهشتگرد موجود آهن.جيڪي پاڪستان جي قوت کي ڪمزور ڏسڻ چاهين ٿا.جڏهن ته انهي وڌندڙ دهشتگردي ملڪي ماحول تي پڻ تمام گهڻا اثارات وڌا آهن.ڪو واپاري پاڪستان اندر کلي واپار نه ٿو ڪري سگهي ڪو شهري شهر مان خريداري نه ٿو ڪري.سگهي.ڪو سياح ملڪ گهمي نه ٿو سگهي. الاءِ ته ملڪ ۾ ڪهڙي ڊپ واري فضا هلي رهي آهي.جنهن پوري عوام کي حراسان ڪري ڇڏيو آهي.آخر پاڪستاني قوم ڪڏهن سک جو ساه کڻندي.۽ ڪڏهن پنهنجي مرضي ۽ آزادي واري زندگي گذاري سگهندي.ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته قومن پنهنجي بقا لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ روشن مسقبل لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري اهي منزلون ماڻيون.جن جا انهن خواب ڏٺا هئا ۽ اسين انهي قوم جا هوندي به سسڪين وارو ساه کڻي رهيا آهن.لاهور واقعو آدمشماري کي روڪڻ جي سازش آهي ته پوءِ ڇا ملڪ ۾ اڃان نه اهڙيون سازشون ٿي سگهن ٿيون خاص طور ٿي سنڌ صوبي ۾ جيڪو صوبي سڪيورٽي جي حساب سان ننڌڻڪو بڻيل آهي،ڪالهه سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه بيان ڏنو آهي ته سموري صوبي اندر سڪيورٽي جي انتظامن کي سخت ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي جيڪو هڪ سٺو ۽ بهترين عمل آهي پر مان سمجهان ٿو ته ان لاءِ به آءِ جي سنڌ جي انهي بيان کي عملي جامو پارائڻو پوندو ڇو ته سنڌ پوليس جي ڪارگردگي اهڙي سٺي ناهي جنهن جو مثال سيوڻ شريف درگاهه تي ٿيندڙ خدڪش حملو آهي،انڪري آءِ سنڌ کي سنڌ پوليس جي سخت نوٽيس وٺي ڪري هدايتون جاري ڪرڻيون پونديون،

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *