لال قلعي تي ڪنول جو گل ٽڙندو يا ٻهارو ڦرندو؟ ؛مير اعظم علي ٽالپر

پاڪستان ۾ هڪ عام چوڻي لاهور شهر لاءِ مشهور آهي ته “جنهن لاهور نه ڏٺو، اهو ڄڻ دنيا ۾ ڄائو نه آهي.“ اهڙي ريت هندستان وارا هڪ عام مثال دهلي شهر لاءِ ڏيندا آهن ته ”دلي دور است “ لاهور ۽ دهلي جي وچ ۾ روڊ جي رستي جو فاصلو 12 ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو. لاهور ۾ بس ٽرمينل تان صبح 6 بجي بس دهلي لاءِ رواني ٿيندي آهي ۽ شام جو 6 بجي دهلي جي بس ٽرمينل تي پهچندي آهي. اڄ صبح جو (10 فيبروري اڱاري) تي لاهور مان بس دهلي لاءِ نڪرندي ته دهلي ۾ گورنر راڄ هوندو ۽ جنهن وقت دهلي جي سرحدن ۾ داخل ٿيندي ته حڪومت ۾ گورنر راڄ بدران سياسي پارٽي جي حڪومت ٺهڻ جو واضح امڪان ظاهر ٿي چڪو هوندو. 7 فيبروري تي ٿيل چونڊن ۾ 10 ”پول“ ميڊيا جا ڪجيروال جي عام آدمي پارٽي کي 36 کان 56 سيٽون ڏئي رهيا آهن، جن ۾ ذي ٽي وي، انڊيا ٽي وي، اسٽار ٽي وي، سهارا مطلب ته جيترا آهن وات ايتريون آهن ڳالهيون. اهڙي صورتحال ۾ هڪ دوست صحافي چيو ته ”ايگزيٽ پول“ وارا اهڙن ماڻهن جي راءِ کي قلمبند ڪن ٿا، جيڪي زمين تي گهڻو ڳالهائين ٿا ۽ عوام ۾ تيزي سان ايڪٽو نظر اچن ٿا پر ان جاءِ تي ايگزيٽ پول خاموش ووٽر ۽ چپ رهندڙ سياستدانن طرف توجه نٿو ڏئي. بهرحال ڪجهه به هجي ڪنهن به پول جي ڳالهه سئو سيڪڙو درست نه به هجي ليڪن دهلي جنهن کي باقاعده هڪ سنئين سڌي صوبي جي حيثيت ۾ هندستاني آئين موجب هندستان اندر حيثيت حاصل نه آهي پوءِ به دهلي جي وسيع انتظامي يونٽ سبب ان جي ڍانچي کي هلائڻ خاطر هڪ وزير اعليٰ ۽ 69 ميمبر يعني ڪل 70 سيٽن تي هڪ صوبائي اسيمبلي آهي. هنن چونڊن ۾ نوجوان طبقو ووٽ ڏيڻ خاطر ٻاهر نڪتو. اهڙي صوبائي اسيمبلي پاڪستان ۾ پنجاب صوبي کي ٽوڙڻ کانسواءِ اسلام آباد يا پنڊي کي ملائي دارالحڪومت تحت ٺاهي سگهجي ٿي پر شايد پاڪستان ۾ سياستدانن جي سياست پنجاب اندر ڏکڻ پنجاب، بهاولپور صوبو ۽ سرائيڪي صوبي تي آهي.

بهرحال اڄ دهلي جي 70 سيٽن جو نتيجو هند جي ٽائيم 8 ۽ پاڪ وقت ساڍا ست ڳڻڻ (ڳڻپ) سان شروع ٿيندو ۽ ووٽرن جي ووٽ مشين ۾ هئڻ ڪري ڳڻپ ۾ گهڻو دير نه لڳندي. هونئن به مقابلو مرڪز ۾ حاڪميت ڪندڙ بي جي پي جيڪا نالي ۾ وزيراعظم نريندر مودي جيان هڪ فلم جي ڪهاڻي وانگر گهمندڙ آهي، (ان) ۽ عام آدمي پارٽي درميان آهي. جڏهن ته ڪانگريس ڪاغذ تي لکڻ وقت ”حاشي“ جيان اندر آهي، ان کانسواءِ ڪٿي ڪميونسٽ پارٽي (ليفٽ وارا) ۽ ملائم سنگهه جي سماج وادي پارٽي جو ڪو اُميدوار به بيٺل آهي. 14 ماهه اڳ ٿيل چونڊن کانپوءِ ٻين صوبن ۾ مودي جو جادو (ڪارو) اهڙو هليو جو مهاراشٽر، ترپورا، ايتري حد تائين جو مودي هندستان جي ڪشمير ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي، جتي مسلم ووٽرن جي اڪثريت آهي پر مودي جي ڪامياب ٿيڻ وارن اُميدوارن ۾ ڄمون جو علائقو آهي، جتي پنڊت ۽ هندو ووٽر گهڻا آهن، باقي سري نگر جيڪو اصل ڪشمير آهي، ان تڪ ۾ مودي جي بي جي پي پاران صرف هڪ مسلم اُميدوار هو. پاڪستاني ڪشمير جي مظفر آباد کان سڌو روڊ سري نگر تائين 35 کن ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي.

هن کان اڳ بي جي پي مرڪزي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ جن به صوبن ۾ کٽيو هو، انهن ۾ اڳواٽ بطور صوبي جي وزيراعليٰ نالو ظاهر نه ڪيو هو پر دهلي جي چونڊن کي بي جي پي پنهنجي گهر جي اليڪشن سا به ڏائي (کٻي) هٿ جو کيل سمجهندي بلڪل سولي ۽ آسان سمجهيو هو پر جيئن جيئن چونڊن جي تاريخ ويجهو ايندي وئي ته مقابلو بنهه سخت کان سخت ٿيندو ويو ۽ ان کان مجبور ٿي مودي دهلي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي کان اڳ ئي دهلي جي وزيراعليٰ جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو پر بي جي پي مختلف جماعتن ۽ انهن جماعتن جي ماڻهن تي ڪرپشن ۽ بدعنواني جا الزام هڻندي هئي، اهڙين پارٽين مان ڇڏي ايندڙ سياستدانن کي بي جي پي خوشي سان پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندي بي جي پي ۾ شامل ڪيو. ان سلسلي ۾ سڀ کان آخر ڪرن بيدي بي جي پي ۾ آئي ته هڪدم بي جي پي پاران نريندر مودي اليڪشن کٽڻ جي حالت ۾ دهلي جو وزيراعليٰ مقرر ڪرڻ جو اڳواٽ اعلان ڪري ڇڏيو. ڪرن بيدي ٽينس راند ۾ 12 سالن کان هندستان جي نيشنل چيمپين آهي، تازو هڪ جبل جي چوٽي به سر ڪري چڪي آهي. ان کانسواءِ وڪيل به آهي. مطلب ته هو هڪ جفاڪش، محنت ڪش ۽ اڻ ٿڪ عورت آهي ۽ هن دهلي جو وزيراعليٰ بڻجڻ کانپوءِ 24 ڪلاڪ ئي ڪم ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي. دهلي جي چونڊن ۾ پرچار طور بي جي پي هڪ هندو مذهبي جماعت طور پاڻ کي ظاهر ڪندي رهي، عام آدمي هڪ سچ واري جماعت طور ڪم ڪندي رهي ۽ هندستان جي پراڻي ۽ بنيادي پارٽي هندستان ٺاهڻ واري ڪانگريس جي حالت بنهه خسته نظر آئي ۽ هو هڪ حاشي تي پيل ۽ صرف پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ چونڊن ۾ بيٺل هئي، جيئن پاڪستان ۾ اصل مسلم ليگ جي حالت چونڊن ۾ هوندي آهي. جيتوڻيڪ هت پاڪستان ۾ مسلم ليگ کي آڪسيجن تحت سهاري تي هلايو ويندو آهي پر ڀارت ۾ اهو طريقو نه آهي. هن وقت دهلي ۾ ڪاميابي طرف جماعت عام آدمي پارٽي جو اصل روح ۽ مرڪزي خيال جڳ مشهور ڪارٽون ٺاهڻ واري آر ڪي لڇمڻ جي ڪارٽون ”ڪامن مين“ عام آدمي تان ورتل آهي. هن 1950ع کان ٽائمز آف انڊيا ۾ دنيا جي سڀني صدر، سربراهن ۽ وزيراعظمن تي تکا طنزيه ڪارٽون ٺاهيا، جنهن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني جي واضح نشاندهي ٿيل هوندي هئي. ان ۾ ڪامن مين يعني عام آدمي چپ چاپ بنا ڳالهائڻ جي مطلب جي ڳالهه ظاهر ڪري ويندو هو. هن گانڌي، نهرو، اندرا مطلب ته هر هندستاني ليڊر کي قطعي بخش نه ڪيو. دلچسپ ڪارٽون کانسواءِ هر مسئلي تي عام ماڻهن جي چوڻ تي لڇمڻ ڪارٽون ٺاهي علائقي جا مسئلا حڪومت جي ڌيان تي آڻيندو هو. هن جي ڪارٽون جي هڪ ليڪ اخبار ۾ ڇپجڻ کانپوءِ سرڪار ۽ مذڪوره ادارو لڏي ويندو هو ۽ ٻي ڏينهن صبح جو اهو مسئلو حل ٿيندو هو ۽ انتظاميه جو ٿرٿلو ان بعد ختم ٿيندو هو. لڇمڻ جي مزاحيه ڊرامي واگهلي دور درشن تي زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جنهن ۾ فلم اسٽار شاهه رخ خان به ڪم ڪندو هو. هي ڊرامو به ڪامن مين يعني عام آدمي تي هو، جنهن جي هاڻوڪي شڪل اندر ڪجيروال ۽ سندس سياسي پارٽي عام آدمي جي صورت ۾ هندستاني عوام اڳيان دهلي ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ چونڊن ۾ سوڀاري ٿيڻ واري پارٽي آهي. ڪجيروال جي پارٽي لڇمڻ جي خيال جو هڪ نقل آهي. ان ڪري ڪجيروال دهلي جي چونڊن تي اثر رکندڙ جامع مسجد دهلي جي احمد شاهه بخاري امام واري اپيل سندس لاءِ قبول ڪرڻ بدران سچ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ووٽرن کي اپيل ڪئي، جيئن اهو ظاهر ٿئي ته عام آدمي پارٽي سڀني لاءِ هڪ جهڙي آهي. دهلي ۾ پولنگ واري ڏينهن ووٽر ۽ اُميدوار خوشگوار موڊ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪندا، تفريح ۽ سير سپاٽو ڪندي نظر اچي رهيا هئا، جن ۾ 11 سئو بزرگ ووٽر سئو سال کان مٿي جي عمر جا هئا، هڪ بيمار ووٽر عورت اسپتال مان آڪسيجن لڳل ڪار ۾ ووٽ ڏيڻ آئي هئي. هن کان اڳ 2013ع ۾ دهلي جي اليڪشن ۾ ڪانگريس کي 8 سيٽون مليون هيون. ان وقت خود ڪانگريس جي حڪومت هئي، هاڻ ٽن کان پنجن سيٽن جو محدود امڪان ڪانگريس کي سيٽون ملڻ جو آهي. ڇو ته هنن چونڊن ۾ عام آدمي ته مقبول هئي پر مودي به پاڻ کي ان ۾ گهڻو شامل ڪري ڇڏيو. ڪرن بيدي ڪرشن نگر واري بي جي پي جي محفوظ تڪ ۾ بيٺل آهي پر ڪجيروال نئين دهلي واري سيٽ تي بٺيو آهي، جتان ٽي دفعا لاڳيتو دهلي جي سابق وزيراعليٰ شيلا ڊڪشٽ کٽيندي هئي. دهلي جي وي آءِ پي ووٽرن لاءِ نرماڻ ڀون (ترقي هائوس) ۾ انتظام ٿيل هو، جتي شيلا ڊڪشٽ ووٽ لاءِ پهتي ته سڄو اسٽاف سندس احترام ۾ اٿي بيٺو پر هن چيو ته منهنجي ليڊر اڳواڻ سونيا گانڌي جيءَ اچڻ واري آهي. اها ايندي ته پوءِ ووٽ وجهبو. سونيا گانڌي پاڪستاني وقت موجب پولنگ اسٽيشن تي صبح 9 وڳي پنجن منتن تي پهتي ته پولنگ عملو احترامن اٿي استقبال ڪيو ۽ سونيا صحافين سان هڪ جملو ڳالهايو ته جيڪو ”عوام چاهيندو اهو ٿيندو“ ڪجيروال پنهنجو ووٽ گهاٽ نگر ڪربلا روڊ لوڌي اسڪول ۾ ڏنو، جتي هندستان ٺاهيندڙ پارٽي ڪانگريس جو ڪو به نمائندو موجود نه هو. سڀ کان پهرين هندستان جي نائب صدر صبح سوير ان کانپوءِ هندستاني صدر پولنگ اسٽيشن جو معائنو ڪرڻ لاءِ پهتو. دهلي ۾ غير ملڪي سفيرن لاءِ ڪار پيٽ ۽ چانهه بسڪوٽ وارا پولنگ بوٿ ۽ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون هيون. راحل گانڌي پنهنجو ووٽ هندستان جي مغل بادشاهه اورنگزيب روڊ حبڪ پوري پولنگ اسٽيشن تي ڏنو، جتي سندس اُميدوار ديش مکي بيٺل آهي پر ڪانگريس مضبوط ۽ ڪاميابي جي اُميد رکندڙ اجي ماڪن سوراج راجوڙي گارڊن ۾ ووٽ ڏنو. سڀ کان گهڻا ووٽ سيلا پور واري تڪ ۾ 73 سيڪڙو پيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ چاندني چوڪ تي ڪاسٽ ٿيا، جتي اڳيان ڪاروباري دڪان ۽ پٺيان رهائشي گهرن جي آبادي آهي، جتي 52 سيڪڙو آخري انگ هو. بهرحال هن تحرير وقت تائين 09 فيبروري سومر ڏينهن دهلي جي ٻن پولنگ اسٽيشن ڇاوتي (ڪينٽ) ۽ صدر بازار ۾ ٻيهر زي پولنگ ڪرائي وئي ۽ هاڻ ستين فيبروري ۽ ان بعد 9 فبيروري جي ووٽن جي ڳڻپ 10 فيبروري تي دهلي جي نون ضلعن جي 24 هنڌن تي ڳڻپ ٿيندي، جن جي وڊيو گرافي به ڪئي ويندي. دهلي جا مسئلا ڪيئن ۽ ڪير ڪڏهن حل ڪندو، هو ته وقت ظاهر ڪندو پر دهلي ۾ ٻن مخالف جماعتن جي سرڪار هئڻ سان ڇڪتاڻ تو تو مين وارو ماحول ضرور پيدا ٿي ويندو. دهلي ۾ ڪجيروال سستي بجلي، مفت پاڻي ۽ عورتن جي تحفظ ڪرڻ جي ذميواري کنئي آهي ته ڪرن بيدي 24 ڪلاڪن ۾ جوا جا اڏا ۽ هر برائي ختم ڪرائڻ جو پختو ازم ڪيو آهي. دهلي جي چونڊن وقت وينا شرنگي گجرات احمد آباد لاءِ سنڌين جي سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ رواني ٿي وئي هاڻ رزلٽ واري ڏينهن دهلي ايندي. هن عبرت جي ادبي صفحي مان حميد ابڙو جون ڪهاڻيون هندستان ۾ ڪونج ۽ سپيون ۾ شايع ڪرائڻ جو چيو آهي جيڪي عبرت جي نيٽ تان ورتل هونديون. هن تحرير لاءِ سبزي منڊي مان سنڌي رسالو سنڌين جو سنسار ڪڍندڙ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش تعاون ڪيو.

*************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *