قومي اسيمبليء ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟: شفيق شاڪر

ميڊيا ۽ عوام جي  سوچ تي سوار ”پاناما پيپرز“ وارو معاملو گذريل ڪيترن هفتن کان سلجھڻ بدران وڌيڪ مونجھاري طرف وڌي رهيو آهي.خبر ناهي ته ايندڙ وقت ۾ ان معاملي جا پاڪستان جي سياست تي ڪهڙا مثبت يا منفي اثر ظاهر ٿيندا يا ان نه کٽندڙ گپ شپ ۽ بحث مباحثن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي غريب عوام جي محروم زندگين ۾ ڪهڙا کير ۽ ماکيء جا دريا وهڻ شروع ٿي ويندا پر اها حقيقت آهي ته نواز شريف حڪومت ۽ ان سان انهيء بلڪه ٻين به ڪيترين ئي بدعنوانين جي معاملن تي ٻٽ بڻيل مخصوص پيپلز پارٽي جون اهي سموريون گڏيل اٽڪلون ۽ حڪمت عمليون في الحال حڪومت جي خلاف ڪنهن فيصلائتي ڪردار کي روڪڻ ۾ گھڻي حد تائين ڪامياب ويندي نظر اچي رهيون آهن.ظاهر ۾ اپوزيشن پاران جن ۾ پي پي پي به زباني سرندا وڄائڻ ۾ سڀني جي اڳيان اڳيان آهي،اڄ به سياست جي جنترن ۽ منترن کان واقف تجزيي نگارن جو اهو خيال ،پڪو پختو ساڳي صورت ۾ موجود آهي ته نواز شريف حڪومت ۽ موجوده پيپلز پارٽي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.سياسي اسٽيج تي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاء ڀلي زباني جمع، ڪٽ ۽ضرب جاري هجي پر” مذاق جمهوريت “ جو معاهدو اڄ به زنده ۽ جوان آهي. ان ڪري اهي ٻئي ڌريون سچ پچ هڪ ٻئي جي خلاف وڃڻ يا هڪ ٻئي کي اجايو ايذائڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪنديون.اڄ جيڪر زرداري صاحب نواز شريف کان ڪجھ خفا آهي ته ان جو سبب اهو ناهي جو هن جي نظر ۾ نوازشريف ڪوڙ ڳالهائي قوم سان دوکو ڪيو آهي،يا هن ٽيڪس بچائڻ لاء غيراخلاقي حرڪت ڪئي آهي ،يا هو پنهن جي ملڪيت لڪائي رهيو آهي پر اصل ناراضگي اها آهي ته جڏهن ڪرپشن ۽ وٺ پڪڙ جي حوالي سان خود زرداري صاحب يا سندس دوستن تي ڏکيا ڏينهن آيا ته نوازشريف هن جي ڪابه مدد نه ڪئي.اهي اختلاف ڪي اصولي نه پر هڪ ٻئي کي مهڻا ۽ ميارون ڏيڻ جي ڪاروائيء تي بڌل آهن بلڪه ايئن چئجي ته صحيح ٿيندو ته پاناما ليڪس ۽ ڪرپشن جي حوالي سان ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪي ٻه موقف آهن ئي ڪونه.ڇوته ٻئي ڌريون سياسي جياپي لاء في الحال هڪٻئي جي سهاري جون محتاج آهن.اها ئي پاليسي جيڪا مولانا صاحب،اچڪزئي ۽ اي اين پي گھڻو واضح نموني سان ميان صاحب جي حق ۾ اختيار ڪيو ويٺي آهي ،جيڪر ڪنهن کي شڪ آهي ته پي پي جي فيصلا ڪندڙ قيادت ان پاليسيء کان الڳ ٻي ڪا راء رکي ٿي ته ان کي سواء سياسي اڻ ڄاڻائي ۽ سادگيء جي ٻيو ڇا ٿو چئي سگھجي! سو جيڪر پي پي جا قمر الزمان ڪائره جهڙا سياسي ڪارڪن ڪيترو به حڪومت جو سياسي حشر نشر ڪرڻ لاء سچا ۽ سنجيده ڇو نه هجن پر هرڪو ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو ته پي پي جا اصل فيصلا ڪٿي ٿيندا آهن ۽ ڪير ڪندو آهي! سو پي پي جون فيصلي جي سگھ رکندڙ شخصيتون اڄ به ميان صاحب سان گڏ آهن ۽ 2018ع تائين گڏ ئي رهنديون جيڪر موجوده حڪومت ٻئي ڪنهن اڻ ڄاتل يا نرالي طريقي سان جام شهادت نوش نٿي ڪري.

حڪومت ۽ سندس حامي ڌرين پاناما معاملي مان جان ڇڏائڻ لاه جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي هئي،خوشقسمتي سان يا بدقسمتيء سان سموريون اڳڀرايون ان منصوبي مطابق ئي ڪاميابيء سان اڳتي وڌي رهيون آهن.جهڙيء طرح حڪومت سپريم ڪورٽ سامهون سٽ ايترو ته الجھائي رکيو جنهن کي سلجھائڻ جي سٽ سپريم ڪورٽ پنهن جي اندر نه ٿي سمجھي.جنهن ڪري حڪومت کي صلاح ڏني ويئي آهي ته ڪورٽ سڳوريء کي گھٽ ۾ گھت اهو ته ٻڌائڻ جي تڪليف ڪئي وڃي ته جاچ ڇاجي ڪرڻي آهي ۽ ڪنهن جي خلاف ڪرڻي آهي؟ سو اهو معاملو اتي ئي لٽڪيل رهندو  جيس تائين وزارت قانون هڪ ٻيو خط لکڻ لاء اکيون مهٽي ننڊ مان اٿندي تيستائين خير سان هڪ ٻيو مهينو وقت جي ڪيلنڊر تان ڪٽجي چڪو هوندو.انهيء کان اڳ ظهر آهي ته حڪومت کي ٽي آر اوز ۾ تبديليء جي حوالي سان لازمي اپوزيشن سان ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻي پوندي جيڪو ڪو سولو ڪم ناهي انهيء کي به پورو مهينو کپي.سو ان معاملي کي اتي ئي وساري ڇڏجي ته سپريم ڪورٽ پاران ڪا جوڊيشل ڪميشن قائم ٿي سگھندي يا وري اها ڪي نتيجا به ڏيئي سگھندي. ته پوء حڪومت ۽ اپوزيشن وٽ ان معاملي کي ڪنهن ڪن ۾ ڌڪڻ يا ان جا ڪي نتيجا حاصل ڪرڻ لاء ڪهڙو آپشن آهي؟ اهو آپشن آهي وزيراعظم جو قومي اسيبليء ۾ ستن سوالن جا جواب نه پر صرف پاليسي بيان ڏيڻ يعني ماضيء جي ٻن مظلوم ۽ معصوم تقريرن جيان هڪ وڌيڪ ڏنگي،ڳري ۽ همت ڀري تقرير ڪرڻ.  جنهن آپشن تي ئي هن وقت تائين اطلاعن مطابق حڪومت ۽ سندس حامي پارٽيون متحد ۽ متفق ٿي چڪيون آهن.باخبر ذريعن مطابق اپوزيشن ليڊر سان ان معاملي ۾ سمورا صلاح مشورا مڪمل ڪيا ويا آهن.ٿيندو ايئن جو ميان صاحب قومي اسيمبليء ۾ هڪ زوردار تقرير ڪندو.ڪجھ نامعلوم ڌرين کي تنقيد جو نشانو بنائيندو،پنهن جي ڏکن،سورن ۽ پارسائيء جا قصا بيان ڪندو ۽ سندس حامي جن ۾ پي پي به شامل آهي سندس تقرير غور سان ٻڌندا ۽ اپوزيشن ليڊر ميان صاحب جو شڪريو به ادا ڪندو جو هن اسيمبليء ۾ اچڻ جي عنايت ڪئي.اهو به ممڪن آهي ته ميان صاحب پاناما معاملي جي حوالي سان ڪنهن پارياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري.اهڙيء طرح گھڻي حد تائين حڪومت جي سوچ مطابق هن معاملي جي ڦوڪڻي مان هوا به نڪري ويندي ۽ حڪومت ۽ سندن حمايتين کي وقت کي ۡڪجھ اڳتي ڌڪڻ جو موقعو ملي ويندو.

ان سموري قضيي ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد توڙي تازو ساڻن سر ملائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري ، عوام ۽ ميڊيا  لاء ڪهڙو ڪردار باقي بچندو،اهو وقت تي ڇڏڻ گھرجي! رهيو سوال انهن ڌرين جو جيڪي في الحال اهو سارو تماشو عوام وانگر ئي ڏسي رهيا آهن،اهي ان مئچ ۾ ڪنهن کي کٽڻ ۽ هارائڻ ڏسڻ گھرن ٿا يا مئچ کي ”ڊرا “ ۾ ختم ڪرائڻ گھرن ٿا ،گھڻن کي سندن ان مرضيء جي معلومات جي اڻ تڻ آهي جيڪا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ اذيت ۽ نراسائيء ۾ بدلبي ٿي وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *