پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ڪر کڻي نه فقط انساني جانين سان کيڏي رهي آهي پر پاڪستان جي حساس جائين کي به نشانو بڻايو پيو وڃي، پوءِ ڀلجان اتي ڪهڙي به فرقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو موجود هجن پر دهشتگرد پنهنجون قهري ڪاروايون ڪري ظلم جي انتها ڪري رهيا آهن.
هڪ پاسي پاڪستان حڪومت اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته اسان پاڪستان مان دهشتگردي جي چيله چٻي ڪري ڇڏي آهي پر تازو ئي ٿيندڙ واقعن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي چيله چٻي ڪونه ٿي آهي پر ڪجھ وقت لاءِ دهشتگردن پنهنجون قهري ڪاروايون روڪي ڇڏيون آهن.
دهشتگردن جو تعلق ڪهڙي مذهب سان آهي يا هو ڪهڙي فرقي سان تعلق رکن ٿا ۽ هنن جا مقصد ڪهڙا آهن ان باري ۾ جڏهن اسين سوچيندا آهيون ته ته اسين حيران ٿي ويندا آهيون ته جيڪڏهن هو حڪومت کا يا ڪنهن سرڪاري نمائندي کان ڪو مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ آخر انهن بي قصور ۽ معصوم ماڻهن جو ڪهڙو قصور آهي جن کي بي ڏوهي ماريو پيو وڃي……؟؟
دادو ضلعي جي شهر سيوهڻ ۾ جتي قلندر لال شهباز جي مزار به آهي جتي پوري دنيا مان ظائرين اچي زيارت ڪندا آهن، قلندر لال شهباز جا پوئلڳ پوري دنيا ۾ رهن ٿا ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن موقعي سان اچي قلندر شهباز جي جي زيارت ڪندا آهن، قلندر لال شهباز جا پانڌيئڙا ۾ خاص ڪري پنجاب صوبي مان وڏي انگ ۾ ظائرين ايندا آهن قلندر لال شهباز جي ميلي تي ته لکين زائرين ايندا آهن پر ان کان علاوه هر خميس تي هتي درگاه ۾ وڏي ڌمال لڳندي آهي جتي ڪيترائي ملنگ اچي ڌمال کيڏندا آهن ۽ اهو منظر دل موهيندڙ هوندو آهي سو ڪاله شام جو به خميس جو ڏينهن هجڻ ڪري ڏمال جو وڏو انتظام ٿيل هو ۽ درگاه اندر ايترا ته زائرين موجود هئا جو هتي پير پائڻ جي جڳه به نه هئي ته اچانڪ هڪ خوفناڪ خود ڪش ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 40 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي حالت ۾ اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو سو اهي انگ اکر سرڪاري هئا جڏهن ته اتي موجود ماڻهن جو چوڻ هو ته ته ٿڏي تي 100 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته غير سرڪاري اطلاعن موجب 150 کان وڌيڪ ماڻهو سخت زخمي ٿيا آهن سو زخمين کي سيوهڻ . دادو، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ڏانهن موڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ تمام گھڻيون درگاهون موجود آهن جتي اڪثر ميلا ملاکڙا لکندا رهندا آهن ۽ ڪيترين ئي درگاهن تي خودڪش حملا ٿي چڪا آهن پر پوءِ به زائرين منهنجي عقيدت ۽ احترام سان هتي اچي پنهنجا سمورا ڏک ۽ غم ڀلائي ڇڏيندا آهن پر هتي اسان وٽ آيل غير ملڪي دهشتگرد نه فقط عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي پر ملڪي سلامتي لاءِ پڻ خطرو بڻجي ويا آهن سو حڪومت پاڪستان کي گھرجي ته هو سنڌ توڙي پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي لاءِ اڃا به وڌيڪ مواثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان مان هميشه لاءِ دهشتگردن جي پاڙ پٽي سگھجي.