قلم جي شعلا خيز تحرير ۽ آزاد صحافت تي حملا؛وفا معشوق علي مشوري

ڏوڪري تعلقو موهن جو دڙو جي ثقافتي اهڃاڻ جي پارکو هئڻ سميت قلم ڌڻين جي پارکن جو شهر آهي. هتي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ انور پيرزادو جهڙن قلم دوست ڪردارن سبب قلمڪارن جي فطري سکيا جو عمل پڻ جاري رهڻ ڪري قلم ڌڻي سدائين وڏيرن، پوليس ۽ انتظاميا جي ڇاڙتن جي عتاب هيٺ رهندا آيا آهن ۽ ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد ڪندي شهيد شان ڏهر جيان شهادت نوش فرمائي. ڏوڪري تعلقي ۾ صحافين سان ظلم ۽ ستم جا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن، پر موجودهه جمهوري دور ۾ هڪ بااثر پ پ ايم پي اي جي ظلم ۽ جبر جو ڪجهه انوکو مثال سامهون آيو آهي. ڏوڪري تعلقي جي صحافين سان گڏجي سيهڙ پريس ڪلب جي صدر ۽ صحافي نثار سرگاڻي طرفان سيهڙ اسٽيشن ٿاڻو 6 ڪلو ميٽر پري بيسڪ هيلٿ يونٽ عثمان ڪلهوڙو منتقل ڪرڻ ۽ پوليس جمعدار علي ڏنو جتوئي کي انسپيڪٽر سطح جو ايس ايڇ او بڻائڻ واريون خبرون هلائڻ تي حد جو ايم پي اي سهيل سيال ۽ پوليس ايس ايڇ او ڏمرجي پيا. ايم پي اي صاحب کي پيرن تي هٿڙا رکي نياز نوڙت سان ملندڙ ۽ سندس آشرد وارد سان جمعدار مان ايس ايڇ او بڻايل پوليس کاتي جو دالو ايس ايڇ او علي ڏنو جتوئي طرفان سيهڙ اسٽيشن جي مشڪوڪ ماڻهو محبوب علي سرگاڻي کان 50 هزار جي مبينا ڪوڙي ايف آءِ آر درج ڪري صحافي ۽ پريس ڪلب جي صدر نثار سرگاڻي، سندس پيرسن والد حاڪم علي، هيڊماستر چاچي برڪت علي سرگاڻي، لياقت علي ۽ ننڍي ڀاءُ نذاڪت علي سرگاڻي کي ملوث ڄاڻايو ويو. ٻئي طرف صحافي ۽ سندس وارثن جي گرفتاري لاءِ ڏوڪري، ايئرپورٽ، ويهڙ، ڪاراڻي، سيهڙ اسٽيشن سميت سي آءِ اي پوليس لاڙڪاڻي جي پوليس اٽالن ڌاڙيلن جيان گهرن تي چڙهايون ڪري هڪ ڪروڙ روپيا انعام يافته ڌاڙيل صحافي نثار ۽ سندس چاچن ۽ ڀاءُ کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف صحافي نثار سرگاڻي جي وارثن خدمت علي سرگاڻي، امداد علي، حاڪم علي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته سيهڙ اسٽيشن ۾ ڪوبه ڦر جو واقعو نه ٿيو آهي، محبوب سرگاڻي پوليس ۽ بااثر ماڻهن جي چوڻ تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته واقعي تي قرآن پاڪ تي انڪوائري ڪري انصاف ڏنو وڃي. هوڏانهن صحافي نثار سرگاڻي جي سياسي بنيادن تي گرفتاري خلاف نيشنل پريس ڪلب ڏوڪري جي اڳواڻن عبدالجبار ميمڻ، زبير منگي، وسيم ميمڻ، ابراهيم سولنگي، نديم ميمڻ، مقيم رضا، معشوق مشوري، شبن جتوئي، قمرزمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافين طرفان نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي صحافين طرفان بدمست ايس ايڇ او سيهڙ اسٽيشن خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته پ پ ايم پي ايز کي فري هينڊ ڏئي، ٿاڻن تي سندن من پسند جمعدارن کي ايس ايڇ او مقرر ڪرڻ سنڌ جي عوام سان سراسر ظلم ۽ ذيادتي آهي. هنن چيو ته صحافي ۽ سندس گهر ڀاتين کي 7 ٿاڻن جي پوليس گهرائي گرفتار ڪرائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وڏي وزير، گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته صحافي نثار سرگاڻي ۽ سندس وارثن کي بنا دير ظاهر ڪري غيرقانوني مقرر ڪيل ايس ايڇ او کي رورٽ ڪري ڪيس جي قرآن پاڪ تي انڪوائري ڪرائي وڃي.

هاڻي عوام جي تڪيلفن ۽ اهنجن کي ميڊيا تي هاءِ لائيٽ ڪرڻ جي ڏوهه آهي ته اسين سڀ صحافي ڏوهي آهيون ۽ سچ لکڻ جي پاداشت ۾ جيڪڏهن اسان کي سزائون ملن ٿيون ته دل جي گهرائين سان اهڙن ظلمن کي قبول ڪنداسين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *