قرت العين حيدر: جيڪس يادِ ڪَياسِ ؛ زاهده حنا

ڏکڻ ايشيا مان غربت جي خاتمي تي سيفما سائوٿ فري ميڊيا ايسوسيئيشن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس 18 آگسٽ 2007ع تي ختم ٿي ۽ اسان 19 آگسٽ جو صبح سويري ڪولمبو کان 50-55 ميل پري ڪالوتارا پهتا آهيون. هڪ ننڍڙو ڳوٺ جنهن جي سينڌ ۾ ريل جي پٽڙي سندور وانگر نڪتل هئي. رائل پام بيچ ريزورٽ جي پهرين منزل تان مان سج کي هندي سمنڊ جي غضبناڪ لهرن ۾ ٻُڏندي ڏسي رهي هئس. هو اولهه طرف جهڪندي جهڪندي اوچتو نگاهن کان اوجهل ٿي وڃي ٿو ۽ اونداهي ڇانئجي وڃي ٿي. اونداهي ۽ لهرن جي شور ۾ يادن جو ڪُن آهي، جيڪو مون کي ڳهي رهيو آهي. عيني آپا ياد اچي رهي آهي. ڪيترا سال پهريان ڪولمبو جو سفر مون ”سيتا هرڻ“ جي صفحن تي ڪيو هو. ان وقت به مون کي ”سيتا هرڻ“ جا منظر ياد اچي رهيا هئا. 1976ع ۾ جڏهن مان پهريون دفعو ڪولمبو پهتي هئس ته ايئرپورٽ تي پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نيول اتاشي ڪمانڊر خورشيد زيدي ۽ ان جي زال گيتي آرا منهنجا منتظر هئا. اسان ٽيئي هڪ ٻئي جي لاءِ اجنبي هئاسين پر تعلق جي ان ڌاڳي سان ٻڌل هئاسين، جيڪو عيني آپا ۽ منهنجي وچ ۾ هو. خورشيد زيدي کي ڪراچي مان مخدومي عثمان حيدر ۽ ان جي زال محموده عثمان حيدر فون ڪيو هو ”زاهده بي بي بمبئي عيني وٽ وڃي رهي آهي، ان کي هندستان جو ويزا ڪولمبو مان ملندو. تنهنجي گهر ترسندي.“ محموده ڀاڀي جنهن ڪيترا سال اڳ ”مشاداتِ بلادِ اسلاميه“ لکيو هو ۽ ان جي هڪ ڪاپي مون کي عنايت ڪئي هئي، ان کي جڏهن مون چيو ته ”ڀاڀي هيءَ ته اها ئي ڳالهه ٿي ته ”مڃ نه مڃ مان تنهنجو مهمان“ ته محموده ڀاڀي مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته ”بس هاڻي اڳيان هڪ لفظ نه ڳالهائجانءِ.“ مان چپ ٿي ويس ۽ جڏهن مان ايئرپورٽ تي لٿي آهيان ته اُهي ٻئي موجود هئا ۽ انهيءَ ڳالهه تي خوش هئا ته ماسي عيني ۽ پڦي عيني جي دوست جي ميزباني ڪندا.

”سيتا هرڻ“ ۾ عرفان ۽ سيتا ڪولمبو کان ڪجهه فاصلي تي هڪ جزيري سان-ميشل ويا هئا. جڏهن مون خورشيد سان انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته هو مون کي پنهنجي زال ۽ ٻارن کي گاڏي ۾ وٺي سان-ميشل جي لاءِ نڪتا هئا ۽ موٽر بوٽ ۾ ويهي اُتي پهتا هئاسين. اسان جڏهن واپس ٿي رهيا هئاسين ته رات ٿي وئي هئي ۽ موٽندي بوٽ جو ڊيزل پاڻي جي وچ ۾ ختم ٿي ويو هو ۽ پوءِ ڪهڙي قدر دانهن ۽ ڪوڪن کانپوءِ هڪ پوڙهو ناوُ ڌڪيندو اسان جي موٽر بوٽ تائين آيو هو ۽ پاڻ سان ڊيزل جو دٻو به آندو هئائين.

ڪالو تارا جي اُن شاندار رائل پام بيچ ريزورٽ ۾ مون کي پاڻيءَ تيءَ لُڏندڙ لمندڙ اُها بند بوٽ ياد اچي رهي آهي ۽ عيني آپا ياد اچي پئي. مان هن لمحي نٿي ڄاڻان ته عين ان ئي وقت دهليءَ جي ڪيلاش اسپتال ۾ هوءَ آخري سفر جو سامان ٻڌي چُڪي، هُن جي جڳهه تي مشين ساهه کڻي رهي هُئي ۽ پوءِ جڏهن اڌ رات جو هيڏانهن ۽ اڌ رات هوڏانهن، مان ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿنديس ته اُهو سِج فنا جي لهرن ۾ ٻُڏي رهيو هوندو، جنهن سٺ سالن تائين اردوءَ ادب جي آسمان کي روشن رکيو.

قرت العين حيدر مون لاءِ هڪ اهڙو نانءُ آهي، جنهن سان مون 7 ورهين جي ڄمار کان زندگي گذاري. مان اُها اڪيلي ٻارڙي هُئس، جنهن ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اردو روانيءَ سان پڙهڻ سِکي ورتي هئي ۽ پنهنجي اڪيلائي کي رسالن ۽ ڪتابن سان وندرائيندي هُئس. هيءَ اُن زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن هر پڙهيل لکيل گهراڻي جي عورتن جيان منهنجي امڙ، ’عصمت رسالي‘ جي ساليانه خريدار هُئي. هي رسالو 1947ع کان پهريان هُن کي دهليءَ کان سوين ڪلوميٽر ڏور سيسرام ۾ ملندو هو، انسانن جيان اسان جي ڪجهه اخبارن ۽ رسالن جڏهن لڏپلاڻ ڪئي ته ’عصمت‘ ڪراچيءَ کان شايع ٿيڻ لڳو. ۽ هتي به امان اُن جي ساليانه خريدار بڻجي وئي. نذر سجاد حيدر اردوءَ جي اولين عورت اديبن مان هُئي. هُن جو روزنامچو، ”ايامِ گذشته“ عصمت رسالي ۾ پابنديءَ سان شايع ٿيندو هو. اُن ۾ هوءَ پنهنجي ڌيءَ عينيءَ جو ذڪر ڏاڍي پيار سان ڪندي هُئي. عيني بيبيءَ هيءُ چيو، هيئن ڪيو، هي پڙهيو ۽ پوءِ عيني بيبي لکڻ جو قصو… شايد ”چاڪليٽ ڪا قلعا“ يا شايد ڪنهن ريلوي اسٽيشن جو منظر، جنهن ۾ قُلي لالٽين کنيو پليٽ فارم تي ڊوڙي رهيا هُئا.

منهنجي خيال ۾ عيني بيبي، منهنجي هم ڄمار هُئي، تنهن ڪري مون هُن کي پنهنجي سهيلي بڻائي ورتو. مان هُن سان ڪاٺ گُدام، شملا، نيني تال ۽ مسوري گُهمندي، پاڻيءَ جي جهاز تي چڙهي، ڪوٽ بليئر ويندي هُئس، انڊمان جزيري جي اُنهن پاڻين کي ڏسندي هئس جن جو رنگ ڪارو نظر ايندو هو ۽ اُن ڪري ئي اُنهن جزيرن کي ’ڪارو پاڻي‘ چيو ويندو هو. هندستان جي آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو وٺڻ وارن اڻڳڻيل مجاهدن کي انگريز سرڪار عمر قيد جي سزا ڏئي هيڏانهن موڪليو هو. 1957ع ۾ آزاديءَ جي جنگ جي سؤ ساله سالگره ملهائي پئي وئي، بابا ’امروز‘ جو خصوصي شمارو ۽ ٻيا ڪتاب مون لاءِ خريد ڪيا هُئا. هونئن به مون لاءِ اِهو گهر جو معاملو هو. منهنجي سُگڙ ڏاڏو مرزا دلدار بيگ آزاديءَ واري جنگ دوران ڦاهيءَ چڙهيو هو. گورا فوج ۾ آفيسري ڪندي ڪندي هو باغين جي رهنمائي ڪرڻ لڳو هو. ڦاسيءَ تي نه چاڙهيو وڃي ها ته ڇا اُن کي وڪٽوريا ڪراس ڏنو وڃي ها؟ جهلم درياهه جي ڪناري اڄ به شهيد جي مزار تي ساليانو عرس ٿيندو آهي.

قرت العين حيدر، ڪاري پاڻيءَ جي جن جزيرن ۾ ابتدائي زندگيءَ جا جيڪي ورهيه گذاريا هُئا، اُتي مولانا فضل الحق خير آبادي دانشور گذاري ويو هو. اُهوئي مولانا، جنهن ’رندِ خراباتي‘ اسدالله غالب جو ديوان مرتب ڪيو هو ۽ جنهن جي چونڊ آڏو غالب پڻ سر جهڪائي ڇڏيو هو.

عيني آپا صرف شهرن جو سير ئي نه ڪندي هُئي، پيانو به سکندي هُئي، تنهنڪري مون هڪ ڊرائنگ روم ايجاد ڪري ورتو، جنهن ۾ جهازي سائيز جو پيانو هو ۽ مان اُن تي ساڻس پياني جي مشق ڪندي هُئس. اسان جي زماني ۾ ڪارٽون فلمون ۽ وڊيو گيمز نه هونديون هيون. ڪمپيوٽر اڃا ايجاد نه ٿيو هو. اُن دور جو ٻالڪپڻ، ٻُڌل سُڌل ۽ پڙهيل ڪهاڻين ۾ ساهه کڻندو هو. پريون، جِنَ، ديوَ ۽ ’اله دين ڪا چراغ‘ وارو قصو. هڪ خيالي دُنيا، جنهن ۾ زندگي گهاربي هُئي. هيءَ اُهي گهڙيون هيون، جن جي دوستي ڪاغذ ۽ قلم سان مُنهنجو رشتو قائم ڪيو. عيني آپا، ڪهاڻيون لکندي هُئي، ’ڦول‘ ۽ ’بنات‘ ۾ ڇپجنديون هيون. مون هُن جو نقل ڪيو ۽ نوَ ورهين جي ڄمار ۾ پهرين ڪهاڻي لکي.

اُنهن ڏينهن ۾ اسان جي پاڙي ۾ ٻه عالم فاضل رهندا هُئا. پشتو جا بي بدل دانشور ۽ افغانستان جو اڳوڻو وزير عبدالحئي حبيبي ۽ سنڌ جو تعليم وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر عارف شاهه جيلاني، جنهن غالب جي فارسي شاعريءَ تي ڊاڪٽريٽ ڪئي هُئي. مرغلره حبيبي ۽ شميم جيلاني، ڄمار ۾ اسان کان وڏيون هُجڻ باوجود منهنجون سهيليون هيون. سو اِهو ڀلا ڪيئن ممڪن هو ته اُهي قرت العين حيدر جي تحريرن کان محروم هُجن ها، پر هڪ جي مادري زبان پشتو ۽ ٻيءَ کي فيومر ۽ اسڪل جي هڏين جا نالا ياد ڪرڻ کان واند نه هُئي. تنهنڪري ٻئي منهنجي طعنن، تنڪن باوجود رستي تي نه آيون. آخر ۾ منهنجي هٿ نفيس رضا لڳي ۽ اُها به مون جيان هُن جي تحريرن جي سحر ۾ ڪجهه ائين گرفتار ٿي جو اڄ به هُن جي نالي جي مالها جهٽيندي آهي. اسين ٻئي ’ساقي‘، ’نقوش‘، ’نيا دور‘ ۽ ’نقش‘ ۾ هُن جا افسانا ڳولي ڳولي پڙهندا هُئاسين. پائي پائي گڏ ڪري گڏيل طور هُن جا ناول خريد ڪندا هُئاسين ۽ هُن جي تخليق ڪيل دُنيا ۾ ساهه کڻنديون هيوسين.

عيني آپا جي رخصتيءَ واري خبر مون کي ڪولمبو کان ڪراچي پهچندي ئي ايئرپورٽ تي ملي. مون گهر پهچي پهريون فون نفيس رضا کي ڪيو، جيڪا گهڻن ڏينهن کان فلوريڊا ۾ رهندي آهي. اسين اُن هستيءَ جي وڃڻ تي ڏکايل هُئاسين، جنهن سان اسان جو شايد پهرين جنم ۾ به ڪو رشتو رهيو هو.

اُهي ڏينهن مون کي چڱيءَ طرح ياد آهن، جڏهن اردو جي سڀ کان وڏي اخبار ۾ هُن جي خلاف سراج رضويءَ جون زهريليون تحريرون ڇپجي رهيون هيون. هڪ ڪالم حفيظ جالندريءَ به هُن خلاف لکيو هو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ ڪاليج جي مئگزين ۾ ”آگ ڪا دريا“ جي باري ۾ منهنجو هڪ مضمون ڇپيو. جنرل ايوب جو زمانو، هندستان دشمني پنهنجي عروج تي هُئي، مان ڪاليج ۾ هندو ۽ غدار سڏي ويس. ڪجهه ڇوڪريون مون سان وڙهيون ته منهنجي پيشانيءَ تان رت وهڻ لڳو. نفيس رضا ياعلي ياعلي ڪندي ڇڏائڻ آئي ته ٻه هٿ کيس به لڳا. يا پوءِ اُنهن ڏينهن جي ڳالهه ڪريان جڏهن مان ڪولمبو مان ويزا وٺي بمبئي ويس ته پالي هلز تي انڊين فلم انڊسٽريءَ جي هڪ وڏي شخصيت وٽ ترسيس، کائڻ واري ميز تي ذڪر نڪتو ته اُهو ’ڪالي خان، گولا انداز‘ تي فلم ٺاهڻ چاهي ٿو، اسڪرپٽ عيني آپا لکڻ واري هُئي، پر ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو. منصوبو هڪ پاسي رکيو ويو، مون کي اختلاف جو سبب پُڇيو تي چوڻ لڳو، ”جاهل عورت آهي“. مون کي جهڙوڪر ڪنهن چوچڙي ڏيکاري هُجي. مان ڪُرسي ڇڏي اُٿي بيٺيس. يا نوروجي گماڊيا روڊ تي ’آشا محل‘ ۾ گذرايل ڏينهن کي ورجايان، جيڪي ساڻس گڏ گذريا، يا اُن اعزاز جو ذڪر ڪريان، ته ”ڪارِ جهان دراز هي“ پهرين ڀاڱي جي پهرين هندستاني ايڊيشن ۾ اِهو ڇپيو آهي ته پاڪستان ۾ اُن جي اشاعت جا حق زاهده حنا وٽ محفوظ آهن. ”اردو مرڪز“ ۾ هُن سان نڪتل اُهو گروپ فوٽو، جيڪو مون کان وڃائجي ويو ۽ مون کي عيني آپا جي فوٽو البم ”ڪَفِ گلفروش“ ۾ نظر آيو. اُنهن خطن جي باري ۾ لکان، جن مان ڪجهه هڪ پاڪستاني شاعره جي شڪايتن سان ڀريل هُو يا لنڊن ۾ ”مندر“، ريسٽوران ۽ اردو مرڪز ۾ هُن سان ملاقاتن جو ذڪر ڪريان، جن ۾ فيروز آپا، (مسز فيروز مکرجي) به شريڪ هُئي. ذاڪر باغ جو اُهو فليٽ، جتي اسان ٻنهي ڪلاڪن تائين هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي هئي ۽ گڏوگڏ جهڙپون به هلنديون رهيون هيون. هندستان جي مشهور شاعره مسعوده حيات جي نصف بهتر شريف ڀارتي اُن ملاقات ۾ موجود هو. هُن جي گهر مان اسين نڪتاسين ته شريف ڀارتي مون کي ڏٺو، پوءِ چوڻ لڳو، ”جڏهن مان سرڪس ڏسڻ ويندو هوس ته سڀ کان وڌيڪ متاثر اُن رنگ ماسٽر کان ٿيندو هوس، جيڪو شينهن جي کُليل وات ۾ پنهنجو مٿو وجهي اُن کي صحيح سلامت واپس ٻاهر ڪڍي وٺندو هو. اڄ اُهو منظر ٻيهر ڏسي ورتو.“

”ته ڇا مان سرڪس جي رنگ ماسٽر آهيان.“ مان خفي ٿيڻ لڳيس.

”منهنجي خيال ۾ اُن کان به وڌيڪ. عيني آپا جهڙي جلالي عورت سان شايد ئي ڪو اهڙي نموني اُلجهندو هُجي.“

هُن جي اِن جملي تي مون کلي ڏنو هو.

(هلندڙ)

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *