فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ ڳڙهي خدابخش ۾ ڌرڻي جو اعلان: حسن ناز سومرو

فضيله سرڪي جو نالو ٻڌندي ئي سنڌ جو هر ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويندو آهي ته ساڍن يارنهن سال اڳ ۾ هڪ ستن سالن جي نياڻي کي اغواءَ ڪيو ويو هو پر هن مهل تائين هو ملي نه سگھي آهي، عبرت ۾ وجھندڙ هي واقعو ساڍا يارنهن سال اڳ ۾ ٺل شهر جي علائقي ڳڙهي حسن سرڪي ۾ پيش آيو هو، اهو واقعو ڇو پيش آيو…….؟؟ اهو واقعو ڪنهن ڪرايو….؟؟ ان واقعي کي پيش ڪرائڻ ۾ ڪهڙا هٿ ملوث آهن ان باري ۾ پوري سنڌ جي ميڊيا آواز اٿاريندي رهي آهي پر ساڍا يارنهن سال گذري ويا آهن پر هن مهل تائين فضيله سرڪي جي ڪا خبر پئجي نه سگھي آهي.

فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ هزارين سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سندن والدين سان ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيا پر فضيله سرڪي جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگھيو.

فضيله سرڪي جو والد عبالرزاق سرڪي، والده سڪينه سرڪي ۽ سندس ناني حڪيمان سرڪي يارنهن سالن کان پريس ڪلب ٺل آڏو احتجاج ڪندا رهيا آهن پر هنن مسڪين ماروئڙن جي حال تي ڪنهن کي به ترس نه آيو آهي.

سنڌ پوليس پاران به ڪجھ وقت لاءِ آٿٿ ۽ آسرا ڏنا ويندا رهيا آهن پر وري ڪجھ ڏينهن ۾ پوليس به خاموشي اختيار ڪري ويهي رهندي هئي ۽ ائين ئي ساڍن يارنهن سالن کان هي ڪيس رولڙي جو شڪار آهي.

اهو سمورو تماشو سرڪي برادري جو چيف سردار غلام سرور سرڪي به ڏسي رهيو پر ڪجھ ڳالهين جي ڪري چيف سردار غلام سرور سرڪي صاحب ان مسئلي ۾ هٿ نه وجھي رهيو هو پر جڏهن چيف سردار غلام سرور سرڪي پريس ڪلب ٺل پهچي صحافين کي ٻڌايو ته هو هاڻي فضيله سرڪي کي بازياب ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو، جنهن تي صحافين کيس سوال پڇيو ته سردار صاحب ايترا ڏينهن توهان خاموش ڇو هئا ۽ هينئر وري ڪيئن توهان کي فضيله سرڪي جو خيال آيو آهي……؟؟ چيف سردار غلام سرور سرڪي انهيءَ وقت فضيله سرڪي جي والد عبالرزاق سرڪي ڏانهن اشاروڪندي چيو توهان ان باري ۾ فضيله سرڪي جي والد صاحب کان پڇا ڪيو ته جڏهن فضيله سرڪي کي اغواءَ ڪيو ويو هو ته مون عبالرزاق کي چيو هو ته بابا توهان لڏي ڪري منهنجي ڳوٺ ديرا سرڪي ۾ اچي ويهو ۽ پوءِ آءُ پاڻ ئي فضيله سرڪي کي ڳولي وٺندس پر فضيله سرڪي جي والدين منهنجي هڪ به ڳاله نه ٻڌي ۽ ڪوڙن ۽ ٺلهن آسرن تي ويهي هنن پنهنجو وقت ضايع ڪري ڇڏيو آهي سو هاڻي به مان هنن کي چوان ٿو ته منهنجو ساٿ ڏين ۽ آءٌ پاڻ ئي فضيله سرڪي کي ڳولي وٺندس، جنهن تي فضيله سرڪي جي والد عبالرزاق سرڪي حامي ڀريندي چيو ته اسين چيف سردار غلام سرور سرڪي جو ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪريون ٿا، جنهن تي چيف سردار غلام سرور سرڪي پريس ڪلب ٺل ۾ ويهي پڻ اهو واعدو ڪيو هاڻي اسين فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ ڌرڻن جي سلسلي کي وڌائڻ چاهيون ٿا سو ٺل پريس ڪلب کان پوءِ هاڻي اسين 10 ڊسمبر 2017 تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج  ريڪارڊ ڪرائينداسين ۽ اميد ٿا ڪريون ته آصف علي زرداري، بلاول زرداري ڀٽو، بختاور زرداري ڀٽو، آصفه زرداري ڀٽو اسان جي مدد ڪري اسان کي فضيله سرڪي بازياب ڪرائي ڏيندا جي نه ته اسين اڃان به اڳتي وڌندا سين ۽ اسان جو ٽيون ڌرڻو ڪراچي پريس ڪلب آڏو هوندو پر جي اتي به اسان کي فضيله سرڪي بازياب ڪرائي نه ڏني ويئي ته اسين هزارين سنڌ واسي وٺي سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هڻنداسين.

چيف سردار غلام سرور سرڪي جي ڳوٺ ديرا سرڪي ۾ سندس جي دعوت تي آيل سنڌ جو اڳوڻو چيف منسٽر ارباب غلام رحيم به اچانڪ ديرا سرڪي پهتو، جڏهن صحافين سوال ڪيوته چيف سردار غلام سرور صاحب فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي ته توهان ان باري ۾ ڇا چوڻ چاهيندا ….؟؟ جنهن تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته اسان کي پهريان اها خبر ڪونه هئي ته فضيله سرڪي کي ڪنهن اغواءَ ڪرايو هو پر هاڻي اسان کي معلوم ٿي چڪو آهي، سو اسين فضيله سرڪي جي اغواءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ حڪومت کان گھر ڪريون ٿا ته فضيله سرڪي کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي سندن والدين ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪرائي وڃي.

ياد رهي ته ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ چيف سردار غلام سرور سرڪي صاحب سندس صلاحڪار رهيو هو جنهن جي نتيجي ۾ چيف سردار غلام سرور سرڪي تنگواني تعلقي کي چمڪائي ڇڏيو هو ۽ ريڪارڊ ڪم ڪرايا هئا سو گذريل ڏينهن ارباب غلام رحيم صاحب سندس دعوت ۾ اچي مان مٿانهون ڪري ويو جنهن تي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، تنگواني جي عوام ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي آهي ان موقعي تي چيف سردار غلام سرور سرڪي صاحب پريس بيان جاري ڪندي چيو ته مان ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، تنگواني، ٺل، ڳڙهي خيرو، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ پوري سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو 10 ڊسمبر 2017 تي پريس ڪلب ٺل ۾ گڏ ٿين ۽ اتان اسان جو هي قافلو ڳڙهي خدابخش ڀٽُو تائين ويندو سو عوام کي گھرجي ته هو اسان سان گڏ هلي اسان جي ڌرڻي کي ڪامياب بڻائين.

فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ ٿيندڙ هن ڳٺ جوڙ ۾ ضرور عوام شرڪت ڪندي ۽ هنن مظلومن جو ساٿ ڏيندي ۽ اهو ڌرڻو پوري سنڌ سان گڏ پورو پاڪستان به ڏسندو پر جي سنڌ سرڪار همٿ ڪري ڌرڻي کان اڳ ۾ ئي فضيِله سرڪي کي بازياب ڪرائي وٺي ته جيڪر هي ڏمر مٿان نه اچي،  جنهن سان نه فقط پاڪستان پيپلز پارٽي جي ساک کي وڏو ڌڪ رسندو پر عوام جي دلين پي پي پي جي محبت گھٽجي ويندي ۽ اها گھٽجندڙ محبت پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڏو ڇيهو رسائيندي سو ان لاءِ سنڌ سرڪار کي گھرجي ته فضيله سرڪي کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي سندن خلاف اٿندڙ آڱرين کي روڪيو وڃي.

 

m.hassannazsoomro@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *