فريڊم فائٽر شهيد فاضل راهوءَ جي ياد ۾!: ارشاد ڪاغذي

اسان وٽ قاسم ميرجت جو اچڻ وڃڻ هوندو هو. هو فاضل جي باري ۾ خبرون چارون ڪندو هو ۽ رسول بخش پليجو صاحب جي باري ۾ حال احوال ٿيندا هئا. هڪ ڏينهن قاسم مير جت حيدرآباد اچڻ جي دعوت ڏني. پروگرام ٺاهيو ۽ فاضل جي جاءِ تي ملڻ جو رٿيو ويو. مون حيدرآباد اسٽيشن پهچي ٽيليفون ڪئي. فون جي گھنٽي وڄندي رهي، ”آئون فاضل ٿو ڳالهايان.“ مون کيس پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ هن مون کي پنهنجي گھر جي ائڊريس ٻڌائي. مان رڪشي ۾ چڙهي اوڏانهن ويس، رستي ۾ سوچيندو رهيس فاضل جي باري ۾…. هن جي شخصيت جي باري ۾….. هن جي جسماني ۽ سياسي ۽ انقلابي قد ڪاٺ جي باري ۾…… هو ڪيئن هوندو؟ ڪهڙو هوندو؟ سندس شڪل شبيهه ۽ منهن مهانڊو ڪهڙو هوندو؟ ان سوچ ۽ ويچار ۾ جيل جي لاهي لهي رڪشو بيٺو ۽ رڪشي واري چيو ته هيءَ پٺاڻ ڪالوني آهي. مون پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ فاضل جي جاءِ تي ويس. مان وڃي اتي پهتس، ڪجهه ماڻهو ويٺا هئا، قاسم به اتي هو، سڀني سان مليس. فاضل صاحب ڀاڪر پائي مليو. سندس قرب ۽ محبت وارو ڀاڪر هن وقت تائين وسري نٿو! هن گھڻي گھڻي دير تائين مون کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي رکيو. اڄ به هن وقت به مان پاڻ کي هن جي ڀاڪر ۾ محسوس ڪريان ٿو. هن جو ڇُهڻُ…. منهنجي دل جي ڪيفيت نرالي ٿي وئي! هن سان پهرين ملاقات هئي ۽ اٿندي ۽ پهرين ئي ملاقات ۾ اتساهه ۽ پيار وارو ڀاڪر نصيب ٿيو. هن جي ڀاڪر جي خوشبوءِ منهنجي من ۾ واسو ڪري وئي آهي. خوشبوءِ ۽ خوشين جا ڀاڪر……. مون لاءِ وڏي خوشنصيبي هئي ۽ آهي!

ٻي ڏينهن صبح سوير ننڊ مان اٿيس ته فاضل صاحب جي اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي، ڪنهن ڪهڙو قصو پئي ٻڌايو ته ڪنهن وري پنهنجا سور ٻڌايا. هاري ناري، مسڪين، بي وس، مفلس ۽ ستايل ماڻهن جي پيهه فاضل وٽ ايندي رهي. هو سڀني جون ڳالهيون ٻڌي بروقت جواب ڏيندو رهيو. ڪنهن کي چٺي، ڪنهن لاءِ ٽيليفون ۽ ڪنهن سان گڏجي ڪنهن آفيسر، مختيارڪار، صوبيدار وغيره وٽ پنهنجي گاڏي ۾ هلندو هو. مان به هن سان گڏ هوندو هيس. جيترا ڏينهن به فاضل صاحب جو مهمان هيس، ماڻهن جا انبوهه صبح سوير سندس اوطاق تي ايندا ۽ ويندا هئا ۽ هو کل خوشي سان سڀني جا ڪم ڪندو هو ۽ وري ٻي ڏينهن ساڳئي ڪرت سان لڳي ويندو هو. ماڻهو کيس ڏاڍو بيزار ڪندا هئا پر مون ڪڏهن به هن کي ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو ۽ نه ڪڏهن سندس منهن ۾ گھنج ڏٺو. فاضل اندران ۽ ٻاهران هڪ هو، هو ٻهروپي ڪونه هو، ٻيائي ۽ سياسي مصلحت جو هيراڪ نه هو، ڇاڪاڻ ته هو روايتي سياستدان نه هو! هو سادو، صاف ۽ بي ريا انسان هو. مظلوم، مسڪين ۽ غريبن جو يار ۽ برجهلو هو. سڄو ڏينهن ڪمن ڪارين ۾ رڌل، سڀني جي مسئلن کي نبيري پوءِ دلجوئي ملندي هيس. فارغ ٿي مون کي چوندو ”يار! توکي بک ته لڳي هوندي“. پوءِ ڪنهن هوٽل تي وڃي پيٽ پورت ڪبي هئي. هن وٽ هڪ جيپ هئي، جيڪا پاڻ هلائيندو هو. کليل جيپ هوندي هيس جنهن ۾ ماڻهو ساڻ ڪري سندن ڪم ڪاريون ڪندو هو، مختلف آفيسن ۾ وڃي مسئلا حل ڪرائيندو هو ۽ آخر ۾ انهن کان موڪلائڻ وقت کين چوندو هو ”بابا ڪم نه ٿئي ته وري اچجو.“ اتي رهندي ابراهيم منشي سان به واقفيت ٿي ۽ ڪچهريون ڪيون. ابراهيم منشي، فاضل صاحب جو يار هو ۽ گھڻو حجائتو سنگتي هيس، جيپ ۾ چڙهي حيدرآباد جي روڊن تي ڪچهري سان گڌ ابراهيم منشي جا شعر به گونجندا هئا ۽ وڏيرن ۽ حڪمرانن تي ڇوهه به ڇنڊبا هئا.

فاضل جي جاءِ تي رسول بخش پليجو صاحب سان به ڪچهريون ٿيون، پهريون دفعو ملاقات ٿي ۽ روزانو ٿيندي هئي. پليجو صاحب، فاضل شهيد، ابراهيم منشي ۽ ٻين قومي سياسي ڪارڪنن سان ملڻ جي ڪري زندگي ۾ گھڻو ڦيرو آيو، جنهن جي ڪري زندگي ۾ انقلاب اچي ويو ۽ ان ڪارڻ هڪ آدرشي ۽ چڱائي جي اصولن جي واٽ تي هلڻ جو موقعو مليو، جنهن جو سفر جاري ۽ ساري آهي!

فاضل جو انقلاب سان رومانس هو. جيئن ان زماني ۾ ۽ هينئر به تڏهوڪن انقلابي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ياد ڪندي چيو ويندو آهي ته سندن انقلاب سان رومانس هو پر مان ايئن چوندس ته فاضل صاحب جو انقلاب سان ڀاڪر پيل هو ۽ انقلاب کي ڀاڪر ۾ ڀري سموري عمر ساٿ نبايو. انقلاب هن جي ٻَک ۾ هو ۽ ڪڏهن به هن انقلاب مان هٿ نه ڪڍيا. هن جو اٿڻ ويهڻ، گھمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ، سوچڻ لوچڻ فقط انقلاب هو. هو سچ جو پانڌيئڙو هو ۽ انقلاب جو امين هو! هو حق ۽ سچ لاءِ سجاڳ رهيو، وڙهيو ۽ توڙ تائين مقابلو ڪيو، سماجي انصاف ۽ انساني عظمت جي وڪالت ڪندو رهيو. هو اڏول هو ۽ بلند بالا هو. منهنجي لاءِ، سنڌ لاءِ ۽ سنڌي قوم لاءِ فريڊم فائٽر هو. آزادي جو سپاهي ۽ سپهه سالار هو. مون ٻڌو هو ۽ ڏٺو هو ته فاضل هر ڪنهن سان پيار ڪندو هو، نيازمندي سان ملندو هو. پنهنجي پارٽيءَ سان، پنهنجي اڳواڻن سان، ڪارڪنن سان ۽ قوم سان وفادار هو ۽ وفادار رهيو. هن مون کي ۽ ٻين کي اُتساهيو ۽ حوصلو ڏنو، همت ڏني، دل جي گھراين سان سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪئي. فاضل سان ان ڪري پيار ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ڌرتي جي غدارن کان نفرت ڪندو هو، مون کي هن لاءِ گھڻي عزت ۽ احترام آهي، ان لاءِ ته هو مسڪين، محڪوم، ڦريل ۽ ڏڪاريل عوام جو ساٿي هو، اڳواڻ هو ۽ اٿي بيهندو هو، فرض ۽ ذميواري سمجهندو هو، زندگي ڀر چوويهه ئي ڪلاڪ ڊيوٽي تي حاضر رهندو هو. انقلاب جي نوڪري چاڪري ڪندو رهيو سموري عمر. هو ڪنهن به ظالم، جابر، جلاد، قاتل، بيرحم ۽ سفاڪ ضياءَ شاهي کان نه ڊنو، نه هٻڪيو ۽ نه وري پوئتي پير ڪيا. سخت، مشڪل گھڙين، طوفان ۽ قهري ڪاررواين سان سينو سپر ڪري وڙهيو. هو سنڌ جي ڀلي ۽ ڀلائي لاءَ اڳين صفن ۾ رهيو، هميشه سنڌ جي خوشي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، جنهن جي صلي جي ڪا به تمنا ۽ توقع نه ڪئي. اهڙا مانجهي مڙس مٿير ورلي پيدا ٿيندا آهن. ۽ هن پنهنجي رت سان ريٽو جهنڊو جهولائي ابديت ماڻي ورتي.

پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو،

اهڙو ڏينهن به ايندو!

فاضل راهو ڪيترين ئي تحريڪن ۾ بهرو ورتو.عوامي تحريڪ جي اڳواڻ هئڻ جي ناتي ۾ هن سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو. ايوب شاهي، يحيٰ شاهي جي خلاف، سنڌي ۾ لسٽون ڇپايو تحريڪ، ظلم بند ڪريو تحريڪ، نيلام بند ڪريو تحريڪ ۽ ٻين ۾ گھڻي سرگرمي ڏيکاري.پر سڀ کان وڌيڪ تحريڪ بحاليءَ جمهوريت يا ايم آر ڊي جي 1983ع ۽ 1986ع واري تحريڪن ۾ فاضل ڪمال ڪري ڇڏيو. ايم آر ڊي کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويو ۽ اتي عوام ۽ سياسي ڪارڪنن کي تيار ڪيو. ضياءَ جي جارحيت ۽ مارشلا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سوين ۽ هزارين ڪارڪن تيار ڪري مارشلا سان وڙهيو. فاضل جي ڏاهپ، تنظيم ڪاري ۽ بي ڊپائي ئي هئي، جنهن ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جان وڌي ۽ سنڌ جي عوام ۾ هڪ انقلابي جذبو پيدا ٿيو.

ايم آر ڊي ۾ تمام وڏي قد بت وارا سياسي اڳواڻ موجود هئا، بينظير ڀٽو، نوابزاده نصرالله خان، ولي خان، بزنجو، محمد قاسم ۽ ٻيا جيڪي پاڪستان ۽ ٻاهرين دنيا ۾ مشهور هئا پر اهي سڀ معتبر شخصيتون فاضل جي دل سان عزت ڪندا هئا. فاضل جي شهادت کان پوءِ انهن اڳواڻن جيڪي بيان ڏنا تن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هو فاضل لاءِ ڪهڙا سٺا خيال رکندا هئا. انهن سڀني جي ايم آر ڊي ۾ هوندي به فاضل جو سياسي ڪم ۽ تنظيم ڪاري سمورن کان سرس هئي، جنهن لاءِ اهي اڳواڻ فاضل جي جدوجهد کي تسليم ڪندا هئا. اهو هڪ وڏو اعزاز آهي جو هڪ سنڌ جي ماڻهو جنهن پنهنجي قول، فعل ۽ عمل جي ڪري جهر جنگ باهه ٻاري ضيا شاهيءَ کي چئلينج ڪيو هو ۽ ان جي ڪري ضياءَ ۽ ان جي ساٿين سنڌ کان هڪ جوڌو جوان ۽ مڙس مٿير کسي ورتو. سازش ڪري هن کي شهيد ڪيو ويو. ضياءَ جي ان سازش جي نتيجي ۾ سنڌ جي سورهيه سپاهي ۽ سرواڻ کي شهيد ڪيو ويو. 17 جنوري 1987ع تي فاضل راهو کي قاتلن ڪهاڙيءَ جا وار ڪري گولاڙچي ۾ شهيد ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.