فرانس کانپوءِ آمريڪا به دهشتگردي  هيٺ.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ڪالهه پوري دنيا ۾ مغذورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پئي ويو.جنهن دوران آ،مريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سين برنا ڊينو ۾ انهي معذورن جي ڪنهن مرڪز تي  ڪن نامعوم  دهشتگردن اوچتو حملو ڪري 12ماڻهن کي ماري ڇڏيو.اها ڳالهه غور ڪرڻ جهڙي آهي.ته آمريڪا يا ڪنهن ٻئي يورپي ملڪ تي اگر اهڙي قسم جي دهشتگردي ٿيندي آهي ته نه رڳو پوري دنيا جون نظرون ان طرف ٿينديون آهن.پر پوري دنيا انهي طرف ويهي ڪري سوچڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي ته  ڄاڻ ڪنهن اسلامي ملڪ تي ڪا باهه ڀڙڪڻ واري آهي.ڪجهه ڏينهن پهرين فرانس تي جيڪو حملو ٿيو.انهي جو نتيجو اهو نڪتو ته انهي واقعي جي زميواري داعش قبول ڪئي.جنهن کان بدلو وٺڻ لاءِ سمورا يورپي ملڪ ۽ آمريڪا اتحادي بڻجي ويا.جن سڀني گڏجي ڪري هڪ وڏي عڪسري طاقت سان شام اندر انهي داعش خلاف حملا شروع ڪري ڏنا.جن حملن ۾ اڄ تائين داعش تنظيم جو ڪو به اڳواڻ يا دهشتگرد انهي حملن ۾ نه ماري ويوآهي ،پر انهي حملي شام جي ڪيترن ئي بي گناه شهرين جون زندگيون ضرور اجهائي ڇڏيون آهن.

جڏهن ته روس ته انهي حملن کي وٺي ڪري ايترو اڳيان نڪري ويو جو شام جون سرحدون ڇڏي ڪري پنهنجي جنگي جهازن کي ترڪي جي سرحدن ۾ گهمائڻ لڳو.جنهن کي ڏسي ڪري. ترڪي روس جي ٻنهي جنگي جهازن کي جيڪي ترڪي جي سرحدن ۾ غير قانوني طور داخل ٿي ويا هئا انهن کي گولا هڻي ڪري ڪرائي ڇڏيو. پر روس جي صدر پيوٽن ترڪي جي اهڙي رويي جي مذمت ڪئي ۽ ترڪي سان پنهنجا سمورا تعلقات ٽوڙيندي کيس خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.جيڪي ڪيترائي ڏينهن اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن جون جون مين سرخيون ۽ برڪينگ نيوز رهيون.پر ترڪي پهرين ته روس جي هر ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو .۽ ايتري حد تائين به بيان ڏنائين ته هو روس جي ڪنهن به ڌمڪي کان دڄڻ وارو ناهي.ڳالهه ايتري حد تائين پهچي وئي جو هر طرف  ٽئي عالمي جنگ جا چرچا ٿيڻ لڳا.سيئنر تجزئي نگارن کان ويندي هر شخص انهي ڪري پريشان هو. پر انهي دوران آمريڪا وچ وارو ڪردار ادا ڪري ترڪي کي پرچائي ورتو. جنهن ڪري روس کان انهي معامري تي ترڪي معافي گهري ورتي. جنهن کانپوءِ معاملو ٿڌو ٿي ويو.انهي معاملي ٿڏي ٿيڻ ۾ به ڪيترائي زار لڪل آهن.ڇو ته آمريڪا سعودي عرب جو هميشه محتاج رهيو آهي.۽ سعودي ترڪي جي انهي ڪري حمايت ڪري رهيو آهي ته ترڪي شام جي بشارات اسد تنظيم خلاف  وڙهي رهيو آهي. ۽ سعودي عرب انهي ڳالهه کي پسند به پئي ڪيو ته روس ترڪي سان اهڙو ورتاءُ رکي.۽جيڪڏهن روس ترڪي سان انهي ڪريل جهازن کي سامهون رکي ڪري حملا ڪري به ها.!  ته سعودي انهي جي نه رڳو مخالف ڪري هان پر ترڪي جي پنهنجي پهچه آهرمدد به ڪري هان.۽ سعودي عرب جي اهڙي مدد تي اگر روس ڪاوڙ ڪري سعودي کي ڪجهه چوي ها يا کيس کالي ڌمڪي به ڏئي ها ته پاڪستان انهي ڌمڪي جو جواب ڌمڪي سان ڏينهن هان ۽ پوءِ انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه هو ته دنيا ٽئي عالمي جنگ جي طرف هلي وڃي هان.پر آمريڪا انهي معاملي کي سجيندا وٺي ڪري جلد کان جلد ڪوششون ڪري معاملي کي ٽاري ڇڏيو. پرافسوس آهي ته شام جي باري ۾ ڪنهن به سنجيدا سان ويهي ڪري  نه سوچيو.هن وقت شام اندر.. روس.آمريڪا.فرانس داعش خلاف حملا ڪري رهيا آهن جڏهن ته هاڻ برطانيه به انهن ملڪن جي اتحادي بڻجي ويو آهي.

جڏهن ته لنڊن پارليامينٽ ۾ اجازت کانپوءِ طرف 27منٽن کان پوءِ برطانيه به شام تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن سان جنگ وڌيڪ خطري جي طرف وڃي رهي آهي.جڏهن ته لنڊن پارليامينٽ ۾ 397اميدوارن شام جي حملن جي حق ۾ ووٽ ڏنا.جنهن کانپوءِ برطانيه پارليامينٽ شام تي حملن جي اجازت  ڏني.جنهن جي تصديق برطانيه واري وزير ڪئي.دفاع واري وزير جي ترجمان ٻڌايو ته شام تي حملن جي لاءِ برطانوي 4ٽورنِيڊوجي آر فور جنگي طيارن شام اندر داعش تي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا آهن.جڏهن ته انهي دوران ٻه جهاز واپس موٽايا ويا هئا ۽ ٻه جهاز داعش جي ٺڪاڻن تي حملا ڪري رهيا هئا.جڏهن ته برطانيه جي ڪجهه پارليامينٽ ميمبرن جو اهو به چوڻ هو ته شام ۽ عراق کي حملن جي نتيجا تمام گهڻا خراب نڪرندا.پر برطانيه جي اهڙي رويي آمريڪا جي صدر اوباما کي خوش ڪري ڇڏيو.صدر اوباما برطانيا کي پنهنجو اتحادي ٿيڻ ۽ شآم تي حملا ڪرڻ جي مبارڪ باد ڏيندي کيس ڀليڪار پڻ چئي   آهي.انهي دوران آمريڪا جي صدر چيو ته اسان ملي ڪري دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.داعش دنيا لاءِ هڪ خطرو آهي جنهن جو خاتمو هر حال ۾ ٿيڻ گهرجي.پر هڪ ڳالهه جيڪا سجهه کان ٻاهر آهي ته پهرين ئي شام اندر روس،فرانس،آمريڪا جيڪي اڳ ئي سپر پاور ملڪ آهن.جيڪي شام اندر داعش خلاف وڙهي رهيا آهن.جڏهن ته ڏسجي ته داعش وٽ ايتري عسڪري ونگ وجود ئي ناهي جو هو انهن ٽنهي ملڪن جو مقابلو ڪري سگهي جڏهن ته داعش کي ختم ڪرڻ لاءِ اگر آمريڪا به سجيندا هجي ته وٽس ايتري طاقت آهي جو هو داعش کي ختم ڪري سگهي.ٿو.پر انهي دوران ٽئي سپر پاور ملڪ انهي ٿورڙي عڪسري طاقت رکندڙ داعش خلاف پهرين وڙهيا آهن.پوءِ برطانيه ڪهڙي حصي پتي جي لالچ رکي ڪري اچي شام تي حملا ڪري ڏنا آهن.پر انهي دوران هاڻ مسلمان ملڪن کي ڇا ڪرڻ گهرجي اها ڳالهه غور هيٺ آهي.پر انهي دوران  ويڙهه ۾ آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.نائين اليون کان ويندي ننڍا وڏا حملا اڪثر انهن ملڪن تي ٿيندا رهندا آهن.

جڏهن ته ڪالهه آمريڪا جي رياست ڪيليوفورنيا تي ٿيل حملو به شايد انهي شام تي ڪيل حملن جي ڪڙي هجي جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن به انهي حملي جي زميواري ناهي قبولي.آمريڪا تي ٿيل حملن جي باري ۾  آمريڪي سڪيورٽي اهلڪارن جو چوڻ هو ته حملو ڪندڙن کي پڻ آرمي جي وردي پاتل هئي.جڏهن ته حملو ڪندڙن جي لاءِ ايف بي آءِ ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن تلاش جاري ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته حملو ڪندڙ موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.صدر اوباما ٿيندڙ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.اها ڳالهه غور ڪرڻ جهڙِي آهي ته آخر دنيا جون قوتون اهي ڇو ڪري رهيو آهن.ڇا دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ انهي کي چئبو آهي ته انهي امن امان جي نالي ته ڪيترائي بيگناه انسان ماريا وڃن.۽ دنيا جو سپر طاقتون اگر انهي معاملي تي ٻه اکيائي وارو ڪردار ادا ڪن ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي ڇا چئي سگهجي ٿو.آمريڪا جي شهر ڪيلوفورنيا ۾ ٿيل حملي جا پيرا ڪيڏانهن به وڃن پر انهي کي سامهون رکي ڪري ڪو مسلمان ملڪ ۽ سندس عوام بي گناه نه مري اهو هڪ وڏو الميو آهي.جنهن تي عالمي برادري ۽ اقوامي متحده کي ضرورو سوچڻ گهرجي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *