غربت جو لفظ ڪڏهن مٽجندو…?: اصغر ملاح (دادو)

سنڌ ڌرتي جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي صوفين جي ڌرتي جنهن ۾ڪيتران ئي مهان هستين جنم ورتو آهي سنڌ بزرگن اوليائن ۽ امن پسند انسانن جو ديس آهي پيرن فقيرن اوليائن جي نگري جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ الله پاڪ جي ولين، برزگن شاهه عبداللطيف رحمت الله عليہ سچل سرمست رحمت الله عليہ قلندر لعل شهباز رحمت الله عليہ ۽ ٻين بزرگن جا روضا موجود آهن جيڪي بزرگ انسان ذات جي ڀلائي خدمت جو سبق ڏيندا رهيا آهن تاريخ ٻڌائي ٿي ته اها سنڌ جي خوشحالي ۽ ساوڪ ئي هئي جيڪا دنيا جي غاصبن جو سنڌ مٿان چڙهائي ڪرڻ جو سبب بڻي پنج هزار سال اڳ سنڌ جهڙي ترقي جو مکيه سبب گهريلو صنعت هئي سنڌ جي ريشمي ڪپڙن جو نعم البدل دنيا ۾ ڪو نه هوسنڌي ماڻهن وٽ تعليم تجارت صنعت ۽ هنر هيو سنڌ جي تباهي تي دنيا وارا حيران آهن پر اڄ اها سنڌ ئي آهي جتي غربت ۽ بيروزگاري وڌي وئي آهي تيزيءَ سان غربت جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو  آهي هر سال سنڌ ۾ آبادي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي آبادي ۾اضافو بيروزگاري، تعليم صحت صفائي، جي مسئلن کي جنم ڏيندو آهي وقت جا حڪمران ان ڳالهه کان چڱي ريت واقف آهن ملڪ جي 45 سيڪڙو عوام جي آبادي بنيادي سهولتن ۽ 45 سيڪڙو آبادي پيڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي سنڌ جي مختلف علائقن جي عوام جون زندگيون اڄ به صديون پٺتي نظر اچن ٿيون بيروزگاري اڄ جي  نوجوان کي  پريشان  ڪري ڇڏيو آهي وڌندڙ  بک بدحالي  بيروزگاري جي ڪري  سنڌ ۾ خودڪوشين  جي واقعن  ۾ وڌا اچي وئي آهي ٺٽي جو رهواسي  پورهيت اصغر گندرو بيروزگاري کان مايوس ٿي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو،نوجوان کي  نازڪ حالت ۾ سول اسپتال مڪلي آندو  ويو  جتي سهولتن  جي  اڻاٺ ۽ برنس  وارڊ نه هجڻ  ڪري  کيس ڪراچي منتقل  ڪرڻ  جو  مشورو  ڏنو ويو جنهن  بعد  نوجوان  کي ڪراچي  اسپتال  منتقل ڪيو ويو  آهي. جتي  سندس  حالت  خطري هيٺ ٻڌائي  پئي  وڃي ڊاڪٽرن  موجب نوجوان  جو 90  سيڪڙو  جسم  سڙي  ويو  آهي سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ذهني  دٻاءِ جو  شڪار ٿيڻ بعد  اچر واري رات  ديرسان  پنهنجي گهر  ۾ پاڻ مٿان  ڊيزل هاري اوچتو باهه ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سندس  ٻڍڙي ماءَ پنهنجي پچڙي  کي بچائيندي  ٻئي  هٿ  ۽  ٻانهن سڙي زخمي  ٿيڻ ڪري  گهر  ۾  بستري  پيل  آهي سنڌ اندر ڪنهن پورهيت پاران بيروزگاري ۽ غربت سبب پاڻ ساڙڻ وارو هي ڪو پهريون واقعو نه آهي، هر نئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن شهر مان غربت ۽ بيروزگاري سبب مايوس ٿيل ڪو نه ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ٿو. اها صورتحال سنڌ ۾ بدترين غربت، بيروزگاري ۽ حڪمرانن جي بي حسي جو ثبوت آهي پورهيت اصغر گندرو  پاڻ ساڙڻ وارو انتهائي قدم کڻي حڪمرانن جي  عوام سان لاتعلقي، ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ انصاف نه ملڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي محب  علي گندرو ٻڌايو  ته  اصغر  درزڪو  ڪم  ڪندو  هو  پر  گذريل ٻن مهينن کان  بيروزگار  ويٺل هو  ۽ سخت  ذهني  دٻاءَ  جو  شڪار  هو  هن  چيو  ته   اسان نوڪري  لاءَ صحت  ۽  تعليم کاتي ۾ درخواستون  ڏنيون  پر  ڪٿي به  اسان  کي  پٽيوالي  به نه  ملي پورهيت  اصغر گندرو جو اهو انتهائي قدم صحيح هو يا غلط ان بحث ۾ پوڻ بدران اصل سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته آخر اهي سبب ڪهڙا آهن، جن جي ڪري هن ملڪ جا ماڻهو خاص طور سنڌ جا ماڻهو ايتري مايوسي جي انتها تي پهچي پنهنجي حياتي جو ڏيئو پاڻ وسائي رهيا آهن.

ڪجهه مهينا اڳ ڪيڊياري جو هڪ نوجوان جيڪو نوڪري وٺڻ لاءِ اسلام آباد پهتو پر جڏهن هن سان ڪير ملڻ لاءِ به تيار نه ٿيو، اعليٰ حڪومتي عهديدارن ۽ اسيمبلي ميمبرن طرفان هن جي درخواست وٺڻ ته پري رهيو پر جڏهن هو انهن سان ملي ئي نه سگهيو ۽ لڳاتار اسيمبلي توڙي آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو ته اُن وقت هُن انتهائي قدم کڻندي پاڻ ساڙي ڇڏيو هو. ان کان ڪجهه مهينا اڳ نوابشاهه ۾ پڻ هڪ ڳوٺاڻي پاڻ کي باهه ڏني هئي، جنهن جو چوڻ هو ته هڪ بااثر سندس گهر تي قبضو ڪيو آهي. بدين جي هڪ پورهيت  عبدالرزاق غربت، پگهارون بند هجڻ ۽ بيروزگاري کان مايوس ٿي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيوهو اهڙن واقعين  سبب سنڌ جو هر حساس ۽ باشعور ماڻهو ڏکايل آهي هن وقت پورهيت اصغر گندرو جي حالت انتهائي خراب آهي ۽ سڀ کان پهرين اوليت هن جي زندگي بچائڻ لاءِ هجڻ گهرجي. زندگي جيڪا رب سائين جي هٿ ۾ آهي پر هيلا وسيلا هلائڻ هر ڪنهن جو حق آهي سماج اندر اهڙا لاڙا ۽ صورتحال تڏهن ٿي پيدا ٿئي.  جڏهن ماڻهن کي ڪٿان به انصاف نٿو ملي ۽ ماڻهن جي مسئلن جو ڪو حل نه ٿو نڪري جنهن ڪري متاثر ماڻهو انتهائي مايوس ٿي پاڻ کي مارڻ جهڙو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي پون ٿا. پنهنجي ملڪ جي شهرين کي روزگار، تحفظ، امن ۽ بنيادي سهولتون ڏيڻ حڪمرانن جي ذميواري آهي، اهو هر شهريءَ جو حق آهي ته هن کي روزگار، تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن پر جڏهن اُهي سهولتون هڪ خواب بڻجي وڃن، هڪ اهڙو خواب، جيڪو آسمان جي ستارن کي به پري نظر ايندو هجي،

آسمان جي ستارن تائين پهچڻ شايد ممڪن هجي پر روزگار سٺي تعليم ۽ صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ شايد اُن کان به ڏکيو ٿي پوي  ته دلبرداشته ٿي وڃن ٿا جو پاڻ ساڙڻ جهڙو انتهائي قدم کڻن ٿا عوام احتجاج  ڪري دانهيو آهي ته هن وقت تائين جيترا به سرڪاري نوڪرين جا آرڊر نڪتا آهن انهن مان غريب تعليم يافته نوجوانن کي ڪيترو حصو مليو آهي ان جي ڄاڻ سڀني کي آهي چونڊيل نمائنده پنهنجا نواز پاليسي تحت پنهنجن تڪن ۾ من پسند ماڻهن جا جائز مسئلا بنا دير حل ڪن ٿا جيڪي چاپلوسي ۾ ماڻهو ماهر آهن اهي اڳئي آهن هڪ گهر ۾ پنج ڄڻا  سرڪاري نوڪرين جا مالڪ بڻيل آهن باقي بي پهچ عوام سالن کان نظر انداز ٿيل آهن غريب نوجوان سرڪاري نوڪرين کان محروم رهجي ويا آهن عوام دانهيو آهي اسان جڏهن تڪ جي ايم اين اي وٽ وڃون ٿا ته چون ٿا اسان وٽ وڏيرن کي وٺي اچو ته اسان جڏهن وڏيرن وٽ وڃون ٿا ۽ چوي ٿو ايم پي اي  وٽ وڃون ايم پي اي وٽ وڃون ٿا ته چوي ٿو ته ايم اين اي وٽ وڃون آخر اسان غريبن کي ٻڌايو ته اسان ڪنهن وٽ وڃون ڪنهن در دانهيون روزگار لاء جيڪڏهن ڪنهن وڏيري يا ايم پي يا ايم اين اي جي سفارش آهي ته بيروزگارن کي روزگار ملي ٿو جن غربت جي باوجود پنهنجي اولاد کي پڙهايوانهن جا نوجوان بي روزگار ويٺا آهن ۽ هنن جون عمر به وڏي ٿيندي ٿي وڃي خبر نه آهي ته عوام جو آواز سندن ڪنن تائين ڇونه ٿو پهچي اُن وقت ماڻهن جي قوت برداشت جواب ڏئي وڃي ٿي، اُهي حڪمران طبقن مان ايترا ته دلبرداشته ٿي وڃن ٿا جو پاڻ ساڙڻ جهڙو انتهائي قدم کڻن ٿا بيروزگاري سبب گلاب جي گل جيان ٽرندڙ نوجوان پنهنجي عمر جي ڪنهن حصي تائين پهچڻ کان اڳ ئي پنهنجي جسم مٿان تيل هاري يا ڳچي ۾ ڦندو وجهي پنهنجو انت آنڻي ڇڏي ٿو ۽ پوين کي آزمائشن ۾ وجهي هليو وڃي ٿوبيروزگار نوجوان  جي  درد  سمجهڻ وارو ڪو ليڊر ناهي. جيڪو سندن دردن  کي سمجهي کين پنهنجي  منزلن  طرف  روانو ڪري جيڪڏهن عوامي ۽ جمهوري حڪومت ۾ به عوام جا مسئلا حل  نه ٿين  ۽ ساڳيا هُجن  ته پوءَ جمهوري حڪومت چورائڻ  سان  ڇا  وقت  جي حڪومت  جون  سڀ  ذميواريون  پوريون ٿي وينديون

جيئن انصاف  لاءَ چيو ويندو آهي  ته عام  ماڻهو  کي نظر اچي  اهڙي ريت  لازمي آهي ته جمهوريت  به عوام  کي نظر اچي باقي عوام جي  هٿ ۾ ڇا آهي ڌرڻا هڻڻ ڳالهائڻ  لکڻ کان علاوه عوام ڇا ٿو  ڪري  سگهي. عوام کي چوندي  ڏٺو ويو آهي ته دنيا ۾ جنهن به سرڪار ڪڌا ڪم ڪيا آهن عوام کان جئيڻ جو حق کسي ماني جي ڳڀي لاءِ مجبور ڪرڻ جهڙا عمل ڪيا آهن ۽ حڪمران پنهنجي  ملڪ جي حفاظت ۾ ناڪام ويا آهن  انهن کي تاريخ  چڱي نالي سان ياد نه رکندي آهي جڏهن ته ملڪ ۽ عوام لاءِ چڱا عمل ڪندڙ سرڪار يا شخصيتن يا ڌرين جن  پنهنجي ملڪ جي خدمت  ۽ عوام جي ڀلائي بهتري  عوام جي حقن  جي حفاظت ڪندڙن جا  وڏا وڏا مجسما دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لڳايا ويندا رهيا آهن  ۽ کين تاريخ  چڱي نالي سان ياد رکندي آهي سنڌ جا لکين بيروزگار ۽ ڪروڙين غربت سٽيل ماڻهو اميد ڪن ٿا ته حڪمران سندن مسئلن جو نوٽيس وٺندا  ۽ کين بهتر تعليم، روزگار ۽ بنيادي سهولتن سميت انصاف جي فوري فراهمي لاءِ اثرائتا عملي قدم کڻندا.  ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آئنده اهڙي ڪنهن به واقعي کي روڪڻ لاءِ پورهيتن ۽ محنت ڪش طبقن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن ته جيئن وري ڪو ٻيو اهڙو واقعو پيش نه اچي.

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *