عورتون فرض به ياد ڪن…!!؛سارا سمون

ڪائنات جي سڀ کان اتم تخليق انسان ذات آهي، انسان ذات ۾ مرد ۽ عورت ٻئي اچي وڃن ٿا. مرد ۽ عورت جي باهمي لاڳاپن سان سماج جو محل جُڙي ۽ خوشين سان مهڪي ٿو. عورت جو وجود سماج ۾ پنهنجي منفرد حيثيت رکي ٿو. عورت جي وجود سان ئي دنيا جي رونق قائم ٿيندي آهي، عورت سماج جو هڪ اهم حصو آهي، صَدين کان عورت عذاب ڀوڳيندي رهي آهي. تاريخ جي ڪتابن جي هر صفحي تي عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جون تحريرون واضح درج آهن، عورتن جي ٿيندڙ تذليل ۽ تماشي جا داستان ماضيءَ جو قصو نه بڻيا آهن، هن ترقي يافته دور ۾ به عورتن سان ٿيندڙ بيواجبين جا کوڙ سارا واقعا مختلف شڪلين ۾ هر روز رونما ٿيندا رهن ٿا. اسان جي سماج ۾ عورتن کي اهو مقام ۽ عزت ملي ناهي سگي جيڪا ملڻ گهرجي ها پر ساڳيئي وقت اهو سوال به پڻ اٿي ٿو ته ڇا؟ عورت پنهنجا فرض ادا ڪري رهي آهي؟، عورت پنهنجا فرض ادا ڪري رهي آهي؟ ان جو انداز شهري ۽ ٻهراڙي جي عورتن مان لڳائي سگهجي ٿو، ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ عورتن ۽ شهري عورتن جي زندگي گذارڻ جا معيار تبديل ٿي ويا آهن، ان جو مطلب ته هڪ ئي عورت ٻن قسمن جي طرزِ واري زندگي گذاري پئي، شهري عورت ۽ ٻهراڙي ۾ رهندڙ عورت جي سوچ مڪمل طور تبديل آهي،  شهري عورت چاهيندي آهي تـ سندس معيارِ زندگي بهتر کان بهتر ٿئي ۽ هو مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي خواهش ڪري ٿي۽ ڪِنهن حد تائين ڪامياب پڻ ٿي آهي، پر اها شهري عورت پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۾ به ڪيتري حد تائين ناڪام ٿي چڪي اهي، ان جو مثال اهو آهي ته شهر ۾ رهندڙ عورتن جي روين ۽ لهجن ۾ فرق آهي، شهري عورت پڙهيل لکيل ته ضرور آهي پر سندس تي جيڪي حق عائد ٿين ٿا اهي پورا نٿي ڪري، يعني شهري عورت جي شادي شده آهي ته اها پنهنجي اولاد جي پرورش ۾ ڪوتاهيون ڪري رهي آهي، شهري عورت خاص طور تي صبح جو ننڍ مان دير سان اٿي، گهر جو ڪم ڪار پاڻ ڪرڻ بدران ڪم واري مائي رکي ٿي، اهڙي عمل سان سندس گهروارن جي زندگي ڪافي حد تائين متاثر ٿي رهي آهي، شهرن ۾ ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ سندن پيءُ اڳڀرو هوندو آهي، پر اهو فرض عورت جو آهي ته صبح جو سوير اٿي پنهنجي ٻارن کي تيار ڪري ناشتو ڪرائي اسڪول روانو ڪري پر اهو رجحان انتهائي گهٽ نظر اچي ٿو، ساڳئي وقت وري ٻهراڙي جي عورتن تي نظر گهمائجي ته ٻهراڙي ۾ رهندڙ عورت ٻانگ اچڻ وقت ننڍ مان اٿي، گهر جي صفائي ڪري پنهنجي گهروارن لاءِ صبح جي ماني تيار ڪري ٿي، ٻهراڙي جي عورت گهر جي سار سنڀال سان گڏوگڏ ٻين ڪمن ۾ مرد جي پڻ مدد ڪري ٿي، سهولتن جي گهٽتائي باوجود ٻهراڙي جي عورت پنهنجي اولاد کي صبح سوير ننڍ مان اٿاري اسڪول وڃڻ لاءِ روانو ڪري ٿي، شهري عورت آزاد ۽ ڳوٺاڻي عورت غلامي واري زندگي گذراريندي آهي پر پوءِ به شهري عورت جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي جي عورت پنهنجا فرض صحيح نموني نڀائي ٿي، عام طور تي ڏٺو وڃي ته شهرن ۾ مرد عورت جو غلام ۽ ٻهراڙي ۾ عورت مرد جي غلام آهي، هن معاشري ۾ ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ محبوبا جي روپ ۾ عورتن جي رشتن کي سامهون رکي اهو سوچيو وڃي ته ڇا هڪ ماءُ اولاد کي پنهنجا حق ڏئي سگهي آهي؟ ڀيڻ ڀاءُ سان ڪهڙي لهجي سان پيش اچي رهي آهي؟ يا ڌيءُ پيءُ جي عزت، ان جي خوف ۽ پنهنجن پابندين تي مڪمل طور لٿي آهي؟ انهن ڳالهين کي سامهون رکي ڏٺو وڃي ته ٻهراڙي ۾ عورتون انهن سمورين فرضن جي عدائگي ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين پوريون لٿيون آهن پر شهر ۾ مٿي ڄاڻايل سوالن جي جواب ۾ عورت پنهنجو فرض پورو ڪرڻ ناڪام نظر اچي ٿي، شهر ۾ عورت کي پنهنجي پيءُ، ڀاءُ يا مڙس طرفان اعتماد جي بنياد تي آزادي ڏني وڃي ٿي پر ڪيترن ئي وقت تي شهر جون عورتون ان اعتماد جو غلط استعمال ڪنديون آهن، جيئن ڪيتريون ئي ڇوڪريون موبائل تي رابطو ڪرڻ کانپوءِ گهران نڪري ويون، کين پيءُ ڀاءُ جي عزت جي ڪا به ڳڻتي نه ٿي، انهي ڳالهه مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اها ڌيءُ جيڪا گهر ڇڏي فرار ٿي وئي، ان پنهنجو فرض نڀائڻ بدران پيءُ ڀاءُ جي عزت نيلام ڪئي، پر ڳوٺن ۾ هڪ ڀيڻ ڀاءُ جي سامهون پردي ۽ خوف ۾ ائين سامهون اچي ٿي ڄڻ هوءُ ان جي مريدياڻي ۽ ڀاءُ مرشد هجي، هُن جيئن ڏٺو ته سندس ڀاءُ دروازي کان گهر اندر داخل ٿيو آهي ته مٿي تي رهو ڪري ڀاءُ لاءِ پاڻي جو گلاس کڻي بيٺل نظر اچي ٿي، جيڪو سندس فرض ۾ شمار ٿي ٿو، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جتي عورتن کي مڪمل طور آزادي آهي اتي هو پنهنجا فرض ناهن نڀائي سگهيون ۽ جتي عورتون غلامي واري زندگي گذاري رهيون آهن، اتان جون عورتون وري پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ اڳڀريون رهيون آهن، سمورين ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي ضرورت ان ڳالهه جي پيدا ٿئي ٿي ته شهري عورتون پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪرڻ بدران انهن کي نڀائڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڪن ۽ خاص طور تي شهر ۾ رهندڙ عورتن کي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي تي دين اسلام عورت تي به مرد جيترا فرض رکيا آهن، انڪري عورتن کي پنهنجي پيءُ، ڀاءُ يا مڙس جي اعتماد کي پائمال ڪرڻ، بدران پنهنجي فرض تي عمل ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *