عورتن جي تحفظ جو سوال: ناهيد کهاوڙ

آمريڪا جي سوشلسٽ پارٽي 28 فيبروريءَ 1909ع ۾ عورتن جي تحفظ جو ڏينهن ملهايو. ان بعد آمريڪا جي فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جي واقعي کانپوءِ باضابطا طور تي عورتن جو عالمي ڏينهن مقرر ٿيو، عورتن کي بنيادي حق، انهن جي زندگيءَ جي هر پهلو جو تحفظ، تعليم، صحت، ڄاڻ ۽ خاص ڪري مردن جي برابر درجو ڏيارڻ لاءِ عالمي تنظيمون سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.

ڪيترين ئي تنظيمن جي رپورٽن موجب 13 سيڪڙو عورتن مٿان هر سال تشدد ٿئي ٿو.، جنهن ۾جنسي ڏاڍائي، گهريلو سَسُ سُهري، ڏير ۽ مڙس جو تشدد، جهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. غيرت جي نالي قتل (ڪارو ڪاري) وغيره.

هتي قبائلي نظام کي هٿراڌو هٿي ڏئي وڌايو ويو آهي جتي هٿرادو غيرت جي نالي ريتون، رسمون ٿاڦي اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته اهي غيرت جون رسمون سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن سان واسطو رکن ٿيون، جڏهن ته سنڌ ڌرتي ماروي جي لڄ ۽ لوئي سان ڍڪيل ۽ اجرڪ جي سونهن سان اوڍيل سنڌوءَ جي لهرن سان وڪوڙيل، کير ٿر جي قطارن سان سينگاريل، سمنڊ جي ڇولين سان شامل، ٿر جي حسين وادين سان سجايل، لطيف جي سرن ۾ سمايل، قلندر جي نگري جي نگارن سان گونجيل پاڪ اوليائن جي ڌرتي آهي، هتان جون اهي گنديون ريتون رسمون نٿيون ٿي سگهن. سڱ چٽي ۾ ڏيڻ، پنهنجن ذاتي اختلافن، زميني معاملن جي آڙ ۾ قربانيءَ جو ٻڪرو (ڪارو ڪاري) جي روپ ۾ عورت کي ڪيو وڃي ٿو، ملڪيتن جي ڪري نياڻين کي ويهارڻ پنهنجي ملڪيتن مان جائز نياڻين کي حصو نه ڏيڻ، سندن قرآن سان شادي ڪرائڻ ۽ شاديءَ جو حق بخشرائڻ، گهريلو تشدد مڙس پاران زال جي تذليل وار ڪوڙڻ، چهري مٿان ڪيميڪل هارڻ، عورتن کي اغوا ڪرڻ، جهڙا کوڙا سارا واقعا اخبارن جي زينت بڻيل آهن.

عورتن جي تحفظ، سهاري، بنيادي حقن جي پاسداري لاءِ هر حڪومت ۾ اسيمبليءَ اندر هڪ بل پاس ڪرائي قانون جو حصو ته بڻايو وڃي ٿو جهڙو 29 جنوري 2010ع تي صدر پاڪستان Protection against Harassment of women بل تي صحيح ڪئي جنهن ۾ عورتن جو تحفظ رياست جي زميواري قرار ڏنو ويو. هڪ ٻيو قانوني سوڊو بل کي قانوني شڪل ڊسمبر 2004ع ۾ ڏني وئي جنهن ۾ ڪارو ڪاري جي آڙ ۾ قتل جي سزا پاڪستان پينل ڪوڊ موجب 302 برقرار رکي وئي. پر انهيءَ قانون تي عمل ڪونه ٿيو ڪيو وڃي. سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان مختلف تقريبون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪرائي رهيا آهن جنهن تي ڪافي پئسو خرچ ٿي رهيو آهي. پر ان جو نتيجو خاطر خواهه نه رهيو آهي. انهن تقريبن ڪرائڻ سان عورت جي مسئلن کي وائکو ته ڪري سگهجي ٿو، ميڊيا ذريعي انهن جي حقن کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائي ته سگهجي ٿو پر انهيءَ مسئلي کي جڙ کان اڃا تائين پٽي ڪونه سگهيا آهيون.

فطرت جي قانون ۾ مرد ۽ عورت کي توازن ۾ نه رکيو ويو ته سماجي اڻ برابري جو تصور چٽو ٿي پوندو. سياست جي ذميوار فردن کي گهرجي ته عورت جو مان مٿانهون ڪن ته جيئن هنن مان احساس محرومي ختم ٿي وڃي ۽ سماجي برابري جو مقام اعليٰ ٿي پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *