عوام دوست ادبي ڪردار جي ضرورت ۽ اڄوڪيون حالتون ؛نسيم بخاري

vشيخ اياز سوال اٿاريو هو ته ڇا اديبن جو اهو فرض ناهي ته هو ڪجهه سيکارين، ڇا ائين ئي هميشه نه سوچيو ويو آهي؟ ان وڌيڪ اهو به لکيو هو ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ وڏي ليکڪ جو هئڻ هڪ ٻي وڏي سرڪار برابر آهي.

شيخ اياز جي مٿئين خيال کي آڏو رکندي، اڄ جڏهن مان سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪيان ٿو ته منهنجي راءِ به سئو سيڪڙو شيخ اياز جي احساسن سان سهمت بيهي ٿي پر سوال اهو آهي ته اديب جي لکڻين ۾ جهڙيءَ ريت سماج جا ڏک سور ڏسجن ٿا، ڇا هو پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ به خلق جي تڪليفن ۾ خلق سان اوترو ئي ڀاڱي ڀائيوار ڏسجي ٿو؟ قول ۽ فعل جو تضاد اديبن کي عوام کان پاسيرو ڪندو آيو آهي. اڄ جيڪڏهن ڪنهن جا پنجاهه ڪتاب به لکيل آهن ۽ اُهو عملي طور تي ماڻهن کان لاتعلق آهي ته اهو عوام جو حقيقي هيرو ناهي. اديب جيستائين پنهنجي ماڻهن جو سچو سرواڻ ثابت نه ٿو ٿئي، تيستائين تاريخ ۾ کيس امرتا نه ٿي ملي.

اديب عوامي نفسيات کي جهڙيءَ ريت ڄاڻي ٿو. اهڙي ئي انداز سان جيڪڏهن هر موڙ تي عوامي رهنمائي لاءِ هن جو ڪردار به آڏو اچي ته سنڌي سماج تبديل ٿي سگهي ٿو. سنڌي سماج ۾ تبديلي جي حوالي سان بنيادي ڳالهه ماڻهن جي سوچ کي تبديل ڪرڻ آهي. هڪ دفعو ذهن بدليو ته ائين سمجهو سماج جو سڄو مهانڊو مٽجي ويندو پر اسان وٽ الميو اهو آهي ته اديب نه رڳو عام ماڻهو کان پري آهي پر ادبي تنظيمون به عملي طور تي هر حوالي سان عوام کان لاتعلق آهن. اجتماعي يا عوامي اشوز تي وڌ ۾ وڌ جيڪڏهن ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو ويو آهي به ته اُهو اخباري بيانن تائين محدود آهي. جڏهن کان اديبن عوام کان پاسيرو ٿيڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان عوام جا لاهه نڪرڻ شروع ٿيا آهن ۽ عوام دشمن قوتون وڌ کان وڌ سگهاريون ٿيندي ڏٺيون ويون آهن، انهن کي جيئن وڻيو آهي، تيئن انهن عوام جا ترا ڪڍيا آهن. عوامي مسئلن تي حڪمرانن جو توڙي عوام دشمن قوتن جو جيڪو ظالماڻو ۽ المناڪ ڪردار ڏسڻ ۾ آيو آهي، تنهن ۾ وقت سان گڏ واڌ ته ٿي آهي پر گهٽتائي جي ڪٿي به جهلڪ نظر نه آئي آهي. ائين ناهي ته عوامي مسئلن تي سڀ ذميواريون اديبن جو ئي فرض آهن. حقيقت ۾ اُهو ڪم سياسي پارٽين جو آهي پر جتي سياسي پارٽيون سياست کي ”وڪري جو وکر“ محسوس ڪرائينديون آيون هجن، اتي عام ماڻهوءَ جي ڀلي لاءِ انهن جو ڪردار ئي ڪهڙو بيهي ٿو. هتي عوامي سياست بحث طلب موضوع آهي. هڪڙيون سچيون ۽ کريون پارٽيون آهن، انهن وٽ جذبو آهي، جوش آهي، صلاحيتون آهن پر اُهي وسيلا ناهن جن سان سياسي عروج ممڪن بڻيو آهي نه وري وسيلن کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان انهن پارٽين سائنسي بنياد تي ڪا سوچ ويچار ڪئي آهي، انهن پارٽين جو الميو قيادتن جو ڏڪر به آهي. جيڪڏهن ڪٿي قائد آهن ته اُتي وري خانداني سياست سندن قد گهٽائيندي آئي آهي.

اسان وٽ وڏي پئماني تي موقعي پرست سياسي پارٽين عام ماڻهو کي مختلف حوالن سان مجبور، بيوس ۽ لاچار بڻائي يرغمال ڪري ڇڏيو آهي. عام ماڻهو جي چوڌاري اهڙو ڄار وِڇايو ويو آهي جو اُهو چاهيندي به ان مان ڇوٽڪارو حاصل نٿو ڪري سگهي. اسان وٽ پنهنجي پسنديده نظريي ۽ راءِ جي بنياد تي ووٽ نه ٿو ڏنو وڃي. اسان پير، سردار، مير ۽ ڀوتار جي رحم ڪرم تي هجون ٿا. اسان نه پارٽي، نه ئي اُميدوار کي ڏسندا آهيون پر اهو نشان ياد رکندا آهيون، جنهن تي ٺپي هڻڻ جي هدايت ملندي آهي ۽ اهو وساري ويهندا آهيون ته جن کي اسان مينڊيٽ ڏئي مٿي موڪليو آهي، اُهي ئي پنهنجي مڪار سياست سان اسان جو مڻڪو ڀڃندا آهن. اُهي اسان جي قومي حقن تي ڌاڙا هڻندا آهن. اسان جا انساني ۽ قانوني حق هضم ڪندا آهن ۽ اسان حيرت ڀرين اکين سان ان سموري دوکي تي دنگ رهجي ويندا آهيون.

اسان وٽ هاڻ مخالف ڌُر به پنهنجو اثرائتو ڪردار وساري ويٺي آهي. اُها به پنهنجي حصي جي گرهه ملڻ تي وهلور آهي. حڪمراني ۽ حڪومت هڪڙو ڪيڪ بڻيل آهن. هر ڪو پنهنجي اگهه وڪامجي ٿو. قوم سان ڪنهن کي ڪا ڪاڻ ڪانهي، ڪو جيئي يا مري، اُهو ان جي قسمت تي ڇڏيو وڃي ٿو، جيڪا حقيقت ۾ قسمت ناهي پر ڪرائيم آهي. اُهو ڪرائيم جيڪي ڪن ٿا، تن کي ڪا لهر لوڏو ناهي، اُهي اڳ کان اڳرا ارب پتي ۽ کرب پتي ٿيندا وڃن ٿا. حرس سندن هر حواس تي قابض آهي ۽ خلق ڏينهون ڏينهن هر قسم جي سهولتن جي اڻ هوند ۾ مبتلا ٿيندي وڃي ٿي. زندگيءَ جي ذلتن، محرومين ۽ مايوسين ماڻهن کي اداسي کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، غربت بدحالي، بيروزگاري ۽ مهانگائي ماڻهن کان زندگيءَ جي حسين هُئڻ وارو تصور ڦري ورتو آهي.

ان سموري پس منظر ۾ عوام کي آٿت، ڪو اتساهه جيڪڏهن ڏئي سگهي ٿو ته اهو اديب ئي آهي، جيڪو پنهنجين لکڻين ۽ عوام جي ادبي رهنمائي وارن سرگرمين سان ڪمزورين کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو هنر سيکاري سگهي ٿو. هن وٽ جدوجهد جا جيڪي عظيم ۽ شاندار گُر هجن ٿا، انهن تي عوام کي هلڻ جي هدايت ڪري سگهي ٿو. اديب رڳو لکڻين ۾ نه پر حقيقت ۾ به عوام جي ڏک سک جو ساٿي بڻجي ته گهڻو ڪجهه بدلجي سگهي ٿو، پر لڳي ائين ٿو ته سياستدانن جيان اديبن جي قلب کي به ڪٽ لڳي ويئي آهي ۽ اُهي به آسائش واري زندگي کي ٿڏي روڊ رستن تي نڪري عوامي قيادت ڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا. هڪڙو اديب پنهنجي پر ۾ وڏي طاقت رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته شيخ اياز اديب جي اهميت کي اجاگر ڪندي، ان جي حيثيت هڪ ٻئي سرڪار جيتري قرار ڏني هئي پر اسان وٽ اديب جي اهميت ئي ڪيتري آهي؟ مان سمجهان ٿو ته ان افسوسناڪ صورتحال ۾ ٻين سان گڏوگڏ خود اديب جي پنهنجي ڪمزور هئڻ جو به وڏو عمل دخل آهي. اديب جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ۽ عوام ۾ باقاعده رلي ملي وڃي ته ان جي طاقت ڪيترائي پير، مير، سردار، سياستدان لوڙهي سگهي ٿي.

سنڌ جي ورهاڱي کانپوءِ واري تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاڻ وٽ اديبن ئي هر اول دستي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان وٽ هر دور ۽ هر موڙ ۾ سڀ کان اڳرا اديب ئي رهندا آيا آهن. سياستدان ۽ سياسي پارٽيون ٻئي يا ٽئين صف ۾ ڏٺيون ويون آهن. ماضيءَ ۾ عوام دوست جدوجهد جي حوالي سان اديبن جون قربانيون اڄ به وڏو ادبي اتساهه بخشين ٿيون. مارشل لائون هجن يا جمهوري حڪومتن جا جبر، اديبن جو آواز ڪڏهن به ڪو دٻي نه سگهيو آهي ته پوءِ سوال اهو آهي ته اڄ اديب جو اهڙو شانائتو ڪردار ڇونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟ اديب عوام جي اک، عوام جو ڪن، خلق جي دل ۽ دانهن ڇو نه بڻجي رهيو آهي؟ اڄ ان کان نه رڳو مزاحمت وسري چڪي آهي پر مزاحمتي ادب به هاڻ تمام گهٽ تخليق ٿي رهيو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا اديب پنهنجي حصي جي ڪردار جي ادائگيءَ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪن. اُهي سرڪار يا ڪامورن توڙي اين جي اوز جي ڄار ۾ نه ڦاسن، اُهي جرئت سان قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ تحرڪ وٺن، اُهي ماڻهن کي سمجهائن ته سياست جي آڙ ۾، مذهب جي نالي تي خوشحالي ۽ ترقي جي خوابن ۾ انهن سان ڪيئن جٺيون ٿينديون آيون آهن؟ عوام ڪيئن ڦرجندو آيو آهي؟

اديب اڄ جيڪڏهن ان حوالي سان اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪن ته ماڻهن جي سوچ بدلبي، اُها سوچ فقط ڪتابن ۽ ڪالمن سان ڪونه مٽبي پر ان لاءِ عملي طور تي عام ماڻهن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. پنهنجي پاڙي، شهر ۽ ديس لاءِ گهر کان نڪرڻو پوندو، يارن دوستن، مٽن مائٽن جي مدد سان سوچ ويچار لاءِ ڪچهريون ڪرڻيون پونديون، تبديليءَ جو پيغام پکيڙڻو پوندو، پنهنجي قسمت جو پاڻ ڌڻي ٿيڻ وارو اتساهه جاڳائڻو پوندو. ماڻهن کي اهو يقين ڏيارڻو پوندو ته زندگي رڳو تنگدستي، تلخ سچائين ۽ مفلسين جو نالو ناهي، زندگي ڏک کي سک ۾ بدلائڻ وارو سنيهو آهي. ماڻهن کي پنهنجي محنت ذريعي پاڻ مڃائڻ ۽ پاڻ ملهائڻ لاءِ همٿائڻو پوندو، ماڻهن کي اهو ٻڌائڻو پوندو ته هيڻائپ قدرت جو ڪرشمو ناهي پر اُها انهن حڪمرانن ۽ سياستدانن جي چال آهي، جنهن جي نتيجي ۾ غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿي رهيو آهي ۽ ڀوتارن جا ڀانڊا تيزيءَ سان ڀرجي رهيا آهن. ماڻهن کي انهن جي اهميت جو احساس ڏيارڻو پوندو، انهن کي سمجهائڻو پوندو ته سندن محنت جو ڦل آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ڪيئن بيدرديءَ سان هڙپ ڪندا آيا آهن. عام ماڻهو ۾ جيڪا اعتماد جي کوٽ آهي، انهن جو ازالو وقت جي ضرورت آهي. ماڻهن کي تعليم، تربيت ۽ هنر لاءِ همٿائڻو پوندو! ڇو ته ان هٿيار سان ئي هر ڏاڍي کي ڏڪائي سگهجي ٿو ۽ اهڙين ڪوششن سان ئي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ سازگار فضا کي يقيني بڻائي سگهي ٿو.

هندستان جي عام آدمي پارٽي مٿئين خيال کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو آهي. سوال اهو آهي ته اُتي اهڙي تبديلي واري خيال کي هٿي ڪنهن وٺرائي؟ هڪڙو عام ماڻهو جڏهن تبديلي جي خيال کي پنهنجي زندگيءَ جو مشن سمجهي اڳتي وڌي ٿو ته اُهو انقلاب آڻي ڇڏي ٿو ۽ اهو ان سوچ جو ئي ڪمال آهي، جنهن دهليءَ جي ستر سيٽن مان ستهٺ سيٽون عام آدمي پارٽيءَ جي حصي ۾ آنديون. دهلي ۾ ڪانگريس جي خانداني سياست جو سج به لٿو ته موديءَ جي مذهبي جنون کي به جهٽڪو آيو. سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ دهليءَ جهڙي تبديلي نه ٿي اچي سگهي ڇا؟ جنهن لاءِ ضروري آهي ته ڪرپٽ ۽ بدعنوان سياستدانن ۽ حڪمرانن خلاف عام ماڻهو جي دل ۾ ڌڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائي وڃي ۽ ائين ئي ڪوڙ ۽ ڪپت جا سارا ڪوٽ ڪيرائي سگهجن ٿا. ان ڏس ۾ اديبن جو اثرائتو آواز ٻرنديءَ تي تيل هارڻ وارو ڪم ڏئي سگهي ٿو ۽ مون کي پوري پڪ آهي ته جڏهن اديب پنهنجي قلم ۽ عمل سان اٿي کڙا ٿيا ته سياسي پارٽيون به پنهنجي سُستي ڇڏي چست ٿي پونديون. ڇو ته عوام دشمن حاڪمن سان گڏوگڏ اُهي به تنقيد جي لپيٽ ۾ اينديون. ان ڪري ڪا به سياسي پارٽي اُهو نه چاهيندي ته ان خلاف اديبن پاران هاءِ گهوڙا سامهون اچي، تنهن ڪري اُهي ضرور سڌرنديون ۽ سنئين واٽ تي هلنديون، جي ائين نه ٿيو ته اُهي ذليل ۽ خوار ٿي پنهنجي افعالن جي نتيجي ۾ وقت ۽ تاريخ جي دز ۾ ڌوڙ ٿي لٽجي وينديون.

اسان وٽ جيڪو ڪجهه اسان جي ذميواريءَ ۾ شامل آهي ان فرض کي فرض نه سمجهڻ جو ئي نتيجو آهي جو حال برا ۽ بدحال ٿيا آهن. اسان چاهيون ته محلي سطح تي، شهري سطح تي ۽ سنڌ سطح تي ڪي اهڙا گروپ تشڪيل ڏئي سگهون ٿا، جن جو ڪم وڌ کان وڌ خلق کي مصيبتن مان ٻاهر ڪڍڻ هجي. اسان پنهنجا سمورا تعلقات عوام جي خوشحالي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪتب آڻي، سماج ۾ هڪ نت نئين تبديلي جو احساس اجاگر ڪري سگهون ٿا.

هندستان ۾ عام آدمي پارٽي رڳو اليڪشن ۾ ئي چونڊن جو نشان ٻهارو نه کنيو هو پر پنهنجي عمل سان اتي سياست جي اُفق تي جيڪو ٻهارو گهمايو ويو، ان دنيا جهان کي خوشگوار تبديلي واريون خبرون ٻڌايون آهن. عام آدمي پارٽي جي سياست سنڌ جي سياسي پارٽين لاءِ يا سياسي ذهن رکندڙ ماڻهن لاءِ وڏي آٿت جا جواز پيدا ڪيا آهن، جنهن ثابت ڪيو آهي ته سياست لاءِ پئسي نه پر سچائي ۽ خلوص جي ضرورت هوندي آهي. اوهان جو ڪردار چڱو هوندو ته ماڻهو توهان جي ڪڍ لڳڻ ۾ فخر محسوس ڪندا. توهان سان محبت ڪندا. توهان لاءِ جان ۽ مال جا نذرانه ڏيندا پر اُهو ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن پنهنجو ڪردار ايترو صاف سٿرو بلند ۽ سگهارو هوندو. سوال اهو آهي ته اڄ پاڻ انهيءَ پرک تي ڪيترا پورا لهون ٿا؟ اسان جو اديب، شاعر ۽ ڪالم نگار ڀل ڪو ليڊر نه ٿئي پر ليڊرن کي جنمي ته سگهي ٿو! اسان جي سماج ۾ انيڪ مخلص ۽ گمنام هيرا موجود آهن، جن کي اڀارڻ ۽ اتساهڻ جي شديد ضرورت آهي. اڳتي هلي جن مان ڪيترا ئي مستقبل جا قائد به ٿي سگهن ٿا پر سوال اهو ته اسان انهن طرف اک کڻي ڏسڻ جي تڪليف به ته ڪريون!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *